سَھائي بابت
معنيٰ
روشني، باھ، بکا، ڀا.
Light, fire.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسي مَچُ مَ موٽُ، سَھائي سُپَيرِيَن جي، گِهڙُ تَہ ٿِئَين گهوٽُ، اَڃا تُون آروٽُ، کُوري خَبَرَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائي وَٽِ، ڪَندا ڪانَہ گهَٽِ، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ ساءِ، ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائي جَهلَ، ڪَندا ڪَنڌَ اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري سَھائي ھيٺِ، ٿِئا ڏيٺارِئا ڏيٺِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري وَٽِ سَھائي، اَچِي پِئا آڳِ ۾، ڪُڏِي سَڀَ ڪاھي، لاڳاپا لاھي، کاڻا کُوري وِچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]