سَڳَرُ بابت
معنيٰ
واٽ، راھَ، رستو، دَڳُ، ڪاروان.
Way, path, a body of persons, a flock, a caravan.
بيتن ۽ وائين ۾
- سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن جي اڳَ ۾، لا مَقصُود فِي الدارَينِ، اِنَ پَرِ اُتائُون، سَڳَرُ سُوٺائُون، ٿِئا رَسَيلا رَحمانَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- جٖي تو بَيتَ ڀانئِيا، سي آيَتُون آھِين، سَڳَرُ سُونھائِينِ، پِريان سَندي پارَ جو.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- سَڳَرُ جَو سَنئُون، سو مُون آڇِيو جيڏِيُون، پَئي پُراڻو نَہ ٿِئي، اَڃا نِينھُن نَئُون، تَہ مُون ڏِينھُن سَنئُون، جَي ٻِيھَرَ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- قافَئُون قَرابَتَ ڪُڙِمَ کان، ڇِنِي ڇَڏِيائُون، لاھُوتَ ۽ جَبَرُوتَ جا، اُھِڃَ آندائُون، ناسُوتَ ۽ مَلَڪُوتَ ۾، گِهڙِي گهارِيائُون، فَبَصَرُڪَ الْيَوْمَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]