سَگَهہ بابت
معنيٰ
زور، طاقت، توفيق، سَتُ، شڪتي، قُوت. مردانگي، مڙسي، جُرئت، هِمٿ. قابليت، لياقت، هوشياري.
Ability, capability, capacity, energy or active power of a deity.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڪَ سِڪَندِيَنِ لاءِ، وِڇوڙِئا ميڙِ پِرِين، ايڏِي سَگَهہ سَچا ڌَڻِي، تو ھِي کي جُڳاءِ. تَنُ جَنِي جو طالِبُو، مِھرَ تَنِي…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، پَسو سَگَهہ سَندِياسِ، آڌِيءَ وَڃِيو آکُڙي، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبَ جِھَڙِي آھِ، وَڏِي سَگَهہ سَندِياءِ، پاڻَ وَھِيڻو آهِيين.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]