سَڙِئا بابت
معنيٰ
ٻَرَي ويا، پچيا، کامَئا، جَليا، دُکيا، ڀَڙُڪيا. تَتا. باهِ ۾ لڳا، چَٽُ ٿيا، ناس ٿيا.
To burn, be inflamed. To rot, decay, fade away, molder, mortify. To be envious.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَتَنگَنِ پَھُ ڪِئو، مِڙِئا مَٿي مَچَ، پَسِي لَھَسَ نَہ لِچِئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ، سَندا ڳِچِنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي، ھُو جٖي واڍي واڻِئا، سُونھَڻَ سَڀَ سَڙِئا، مُعلِمَ ماڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهہ…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- لَکين سَئِين مَھِراڻَ، جٖي اُتوھَ سين اُڌَمِئا، سَڙِئا مَنجِهين ماڻَ، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]