سيگَهہ بابت
معنيٰ
جلدي، جلدائي، ڇوٽ، سگهائي. ڦڙتائي، تيزي، تڪڙائي،شتابي، تڪڙ، تکائي.
Speed, quickness.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَرِ سَمُنڊَ سيواھاڻِ، ماڻِڪَ موتِي تي لَھين، مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏاڻُ، ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جان، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ، تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، بَدُو سين بَدِبُوءِ، خاوَندَ ڏي خُوشِبُوءِ، تَہ سَرَھو ٿِيان سيگَهہ ۾.[ سُر بلاول - وڳند ]
- مَدِيني جا شاھَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، ڪارَڻِ لَڳِ اللهَ، سِگهو رَسِجِ سيگَهہ ۾.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]