سيلو بابت
معنيٰ
تير، ٻاڻ، سيلهہ، سيلهو.
An arrow.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَرُ جو سَنڌِئو سَڄَڻين، سِينڱ مَنجهان سيلو، ٽينگرُ ٽِڪِئو ڪِينَ ڪِي، پارِ لَنگِهئو پِيلو، ھَڻَڻَ سان حِيلو، جانِبَ جيڏوئِي ڪِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- مِينڍو مِينھَن پُسايو، سَڙِي ٿِيو سيلو، پَکَي پيھِي آيو، رَحمَتَ جو ريلو، ساجَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بيکارِي، سامِيءَ سيلو سِرَ تي، مالَها موچارِي، ڏيئِي ڏيکارِي، فَقِيرُ دِلِ ڦَٽي وِئو.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]