سانڌاڻِ بابت
معنيٰ
سانداڻ، سنداڻ، لوھ ڪٽڻ لاءِ لوھِي دِڪِي.
Anvil, plateform where iron hammered.
بيتن ۽ وائين ۾
- لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ، مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سِرُ سانڌاڻِ ڪَري، پُڇِجِ گهَرُ لُھارَ جو، ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سَھي جِيئَن سانڌاڻِ، ڌَڪَنِ مَٿي ڌَڪَڙا، وَھِ وِڃايو پاڻُ، ڏي ڏَوائُون ڏُڱِرين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]