رُپو بابت
معنيٰ
چانديءَ مان ٺهيل هڪ سِڪو، رپيو، هڪ سؤ پيسن وارو سِڪو.
A silver coin, rupee
بيتن ۽ وائين ۾
- بَٺِنِ ھيٺان باھِ، مَڇُڻ آڳِ اُجهائِيينُ، رُپو ڪَندا راھِ، ڪَؤُنرَ ڪَلاڙين آيا.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، ڀَڄِي ڇَڏِ بازِي، چاندِي ڪِئو چَلائِيين، رُپو رَوازِي، ٿِيندو رَبُ قاضِي، تورِيندو تَدبيرَ سان.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- پَلٽِئو پَنجِينءَ رَتِ ۾، رُپو سونُ سَبِيلَ، پَلَنگَ پَٿِراڻِيُون پالِڪِيُون، نَوَ لَکَ ناڻي نِيلَ، داتا وَٺان نَہ دانَ ۾، وَنءُ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُوءِ لُنءَ بَرابَرِ لَکُ، رُپو جَنھِن رَدِ ڪِئو، ڪوڙِ تَھِين کي ڪَکُ، مُون مارُوءَ جو مَکُ، تيلُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]