رَنجُورِي بابت
معنيٰ
بيمار، مريض، اگها، ڏکويل، رنج ۾ وڪوڙيل، ھيڻا
Ill, sick, sad, weak
بيتن ۽ وائين ۾
- سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي، لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- رَنجُورِيَن رُڻِڪَ، سَدا آھي سُورَ جِي، ڪَنھِن جَنھِن ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿِيَنِ ڪِينَ جُڙِڪَ، اِنَ ڀَلارِيءَ ڀُڻِڪَ، نيئِي ھيڪَرَ حُضُورِي ڪِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]