ريلو بابت
معنيٰ
وَهڪرو، گِٺَ، نَدي، ڌارا، نَھَر، ڌارَ، وَهَڪَ، لَتَ، اوت، سِيرَ، روانِي، نئن.
A stream, flow.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڀانيُمِ نَہ ڀيلو، مُون کي ڌاءَ ڌُتارِئو، آکي مَٿي اُسِري، ڏِنو رُوحَ ريلو، تيلاھِين ويلو، پِيُمِ واھُڙَ وِچَ ۾.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- مِينڍو مِينھَن پُسايو، سَڙِي ٿِيو سيلو، پَکَي پيھِي آيو، رَحمَتَ جو ريلو، ساجَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڏِٺو ڪالَهہ ڪَھِين، جُهونجارَڪو جَهڳڙو، ھاٿِينِ ھَڏَ مُڇائِيا، ريلو رَتَ نَئين، ڀائِينِ سا سَنئِين، جِئان جِيءَ جوکو ٿئي.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- صُورَتَ گهَڻو سُهڻا، ٽاڻا سَندَنِ ٽُوھَ، ريلو ڏيئِي رُوحَ، جو کائي سو کامِي مَري.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ٿَران ٿاريلو آيو، ڏيھَ جو ڏيھائِي، تَنھِن ويڙِھيچي وَطَنَ جِي، ويھِي ڪِي وائِي، ھيڪَ ٿاڌيل ٿَرَنِ ۾، ھَنڌِ ھَنڌِ ھَرائِي،…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]