روزا بابت
معنيٰ
ڏينھن جو ڪجهہ بہ نہ کائڻ پيئڻ جو فرض، خدا جي پاران عائد ڪيل فرض.
Fasting, a fast, lent.
بيتن ۽ وائين ۾
- جِيءَ جَڙَ جَنِ سين، سي ٿِئا ھوتَ قَرارُ، رُوئان زاروزارِ، ھاڻي تَنِ پِرِيَنِ کي.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- روزا ۽ نَمازُون، ڪي ڪُذاتِي ڪَنِ، پايو مُنھُن مُصحفَ ۾، ڪافِرَ ٿِي پَڙَهنِ، اَسِين مَنجهان تَنِ، جَنِ بيٺِ نَہ ڏِني…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- روزا ۽ نَمازُون، اِيءُ پُڻ وَڏو ڪَمُ، اُو ڪو ٻِئو فَھَمُ، جَنھِن مان پَسَنِ پِرِينءَ کي.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين، اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾، نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]