دِلبَرُ بابت
معنيٰ
دل کڻي ويندڙ، دل وارو، دل گهُريو. وڻندڙ، موھيندڙ، موھڻو، سُندَر، خاصو، سھڻو، حَسِينُ. پيارو، محبوب، معشوق، مُوھَنُ، سُپرين، ساجَنُ، مُحب، پِرين.
Heart-ravishing, beloved, lovely, attractive, charming. A sweetheart.
بيتن ۽ وائين ۾
- کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ، سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ، تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ، جَهڪو…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- دِلِ جو دِلبَرُ ھيڪِڙو، گَهڻا تان نَہ ڪِجَنِ، دِلِ ڏِجي کي ھيڪَڙي، ٻِئا سَھِسين مَرُ سِڪَنِ، اُوءِ چَلوِلا چَئِجَنِ، جي…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- دِلبَرُ دُنيادارُ، ٻِنهِي اَکَرُ ھيڪِڙو، ھُنَ کي حاڪِماڻِي ھَٿَ ۾، ھِنَ صُورَتَ جو سِينگارُ، اِيءُ عِشقَ جو آچارُ، جِيئَن دانا…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڪِي جَو وَڃِي ڪالَهہ، اَکِيُون پَسِي آيُون، لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چئَي، جانِبَ جي جَمالَ، سي ٿِئا نيڻَ نِھالَ، جَنِي دِلبَرُ…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]