داڻا بابت
معنيٰ
ڪڻا. اَن جا ڪَڻا، اناج، ٻجُ. ننڍڙا ذرا، اَٽي ذَرا، جُزا. هارَ ۾ پيل هڪڙا هِيرا يا جواهر، مڻِيا، موتي، مَڻڪا.
Grains, berries, beads, one among pearls, or of any kind of jewel.
بيتن ۽ وائين ۾
- دَنگِيءَ ۾ داڻا، وَٺِي وِجُهہ وَکَرَ جا، وِيرِ وِڙَھِندَيِئِي ويسَرا، ويھُ مَ ويڳاڻا، ھِيءَ نِنڊَ نِڄاڻا، ڪَڏِھِين ھَڻَندَيِئِي تارِ ۾.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ پاڻا، لوھُو لِڱَنِ ناھِ ڪِي، سَنڌَ مِڙيئِي ساڻا، دارُونءَ جا داڻا، ڏِنَمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- نَہ سي ڦُلَ باغَنِ ۾، ھَٽين نَہ داڻا، لاکي اَباڻا، لَڏي ڪَنھِن لوءِ وِئا.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- جَنڊُ وَھِي جِيئَن ڪَري، مَٿي ڪِيسُ ڪَڻَنِ، داڻا جٖي دَوارَ ۾، پِيسِئو سي پَوَنِ، ڳاري ڪِينَ ڳَرَنِ، جٖي قائِمُ داڻا…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- جَنڊُ وَھي جِيئَن ڪَري، مَٿي پِيھَ پَئِي، ڪَڻا جي ڪُمِرِ ۾، سي وَڃَنِ ڪِينَ وَھِي، اُو ثابِتُ ھُونِ صَحِي، جي…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]