داڳُ بابت
معنيٰ
داغُ، نِشان، ٽِڪو، ڏَنڀُ، سڙيل هنڌ بدن جو. ڦَٽ جو نشان، سِيئرو. ڪَلنڪُ، ڪارٺ، ڪارهن. نقص، عيب. زخم، ناسور، گهاءُ، چَھَڪُ، وَڍُ، چِيرُ. لَغارَ. رنج، غم، ڏُک، درد، صدمو، وڇوڙو. طعام کي گيھہ، بصر ۽ ڦوٽي جو داغ. تِڙڪو، وَگهار.
Spot, speckle, speck, stain, mark, taint, blemish, burn, brand, stigma, injury, wound, scar, cicatrix
بيتن ۽ وائين ۾
- داڳُ سِيني پَرِ غَم ڪا، ھَي ماتَمِ ڪا، يا حُسَينُ، جَهنڊا جو آيا خَبَرَ لي آيا، سوزُ ڪَرِيو شاھَ قاسِمِ…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- راڻي جي رُسَڻُ جو، دِلِ ۾ اٿُون داڳُ، مُون کي ڏِيئِي ڏُھاڳُ، ڍولو ڍٽِ قَرارِئو،[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻي جي رُسَڻَ جو، دِلِ ۾ اَٿُون داڳُ، وَٺِي وِئو پاڻَ سين، سَڀوئِي سُھاڳُ، مُون کي ڏيئِي ڏُھاڳُ، ڪاھي وِئو…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- وَٺِئو واٽَ وَڃان ٿِي، لُڇان ٿِي، مُسان ٿِي، خَبَرَ ٻاروچَن جي، ڏُونگَرَ مُون کي ڏي، داڳُ جَنِ جو دِلِ تي،…[ سُر پورب - وايون ]
- داڳُ تُنھِنجو دائِما، ماري مَعذُورِيين، سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، وَڃِج مَ ڏُورِيين، آئُون تو حُضُورِييَن، مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- توڻي ڏِيين ڏُھاڳُ، تَہ سَؤُ سُھاڳَنِ ڀانيان، مُون کي تُنھِنجو سُپرِين، سَڀوئِي سَڀَاڳُ، دوسِتَ تُنھِنجو داڳُ، ڌُئان ڌوتو نَہ لَھي.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- تو ڪوٺي تو ڊوھي، ڏِنو تو ڏُھاڳُ، دوسِتَ تُنھِنجو داسَڙا، دِلِ اَندَرِ مُون داڳُ، ڀانيان سَڀَ سُھاڳُ، جي مُون کي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]