خُونُ بابت
معنيٰ
ڪنھن ساھ واري کي مارڻ جي حالت. جِيوَ هتيا، مَردُم ڪُشي، موت، ڪوس، خونريزي.
Murderer, homicide.
بيتن ۽ وائين ۾
- واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ، ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو، ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ، جُهڙَ وَرائي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران مارَڳَ ۾، مَٿي پوءِ پِريان، خُونُ مُنھِنجو جيڏِيُون.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- جُهونگارِيندي جهنگَنِ ۾، جي ٿِي مَران آنءُ، تَہ پوءِ سِرِ پِريان، خُونُ مُنھِنجو جيڏِيُون.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- گامُ مِڙيوئِي گوجَرِيين، مَنجِهہ رَٺُڙِيُون رَھَنِ، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ، سامُهُون وَڃُ مَ تَنِ، اَڳِئان راڻا…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ڪا مُرادِي مَنجِهنِ، پِينگهُون وَٽايو پَتَ جُون، لِيمِي لامَ لُڏَنِ، چَرَخا چَندَنِ عاجَ جا، ڪيوڙي ھيٺِ ڪَتَنِ،…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]