خُوشِي بابت
معنيٰ
سُک، ڪلياڻ، آنند، پرسنتا، آسودگي، سُرور، مُسَرت، سَرهائي، منگل. راحت، بھاري، مزو، اُمنگ، لذت، فرحت، وندر، لطف، ذوقُ، مؤج. عيش پسندي، ڀوڳ بِلاسُ، شادماني. مرضي، رضامندو، راضپو. بي فڪري.
Pleasure, delight, happiness, gladness, joy, satisfaction.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين، شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي، بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن،…[ سُر کنڀات - وايون ]
- سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ، نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ، جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- آءُ ڪانگا ٻَھُ ڪولِ، سُڌِيُو ڏي ساڻيھَ جُون، جي آندَئِي عَجِيبَنِ جا، سي خَطَ خُوشِيءَ مان کولِ، آئُون سُڻان تُون…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- اَکِيُون تان عِيدَ، ڪانِهي عِيدَ اَکِيُنِ ري، خُوشِي ۽ خَرِيدَ، ڳِنِهئون وَڃَنِ پاڻَ سين.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- جَا عُمَرَ تو مُلِ عِيدَ، سا اَسان سُوءَ وَرَتِي سُومَرا، ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ، سِڪَڻَ ڪِئا شَھِيدَ، مارُو…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]