خُوشِبُوءِ بابت
معنيٰ
سڳنڌ، سٺي بانس، وڻندڙ بُوءِ، سُٺي بُوءِ، سُرهاڻ، سُرهائي، ھُڳاءُ، هُٻڪار، مَھَڪَ. عطر.
Fragrance, scent, aroma, perfume.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ، اُتَران ٿِي آيُون، ڀَري تَڙَ تَرايُون، جوڙي ھَلِيو جُوءِ، پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، وَڃِي رُوبَرُوءِ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- راڻي جِيءَ رِھاڻِ مان، ڪو آيو آديسِي، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀَ واسِي، سُوڌو سَناسِي، اُتاھِين ٿِي آيو.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ اَڄُ صُبوحِ، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، آھِ آديسِي گِيا.[ سُر پورب - جوڳي ]
- وِڳَندُ وَري آئِيو، بَدُو بي نِمازُ، جِيئَن تِتِرَ مَٿي بازُ، وِڳَندُ تِيئَن خُوشِبُوءِ تي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، بَدُو سين بَدِبُوءِ، خاوَندَ ڏي خُوشِبُوءِ، تَہ سَرَھو ٿِيان سيگَهہ ۾.[ سُر بلاول - وڳند ]