خاڪِي بابت
معنيٰ
خاڪ جو، خاڪ جي پيدائش. مِٽيءَ هاڻو، مِٽيءَ وارو. مِٽيءَ جي رنگ جھڙو. هڪ رنگ جو قسم. ڪپڙي جو هڪ قسم. هندو فقيرن جو هڪ قسم. بُت تي ڀڀوت يا مِٽي مَليندڙ، ڀَڀُوتيو. مجازا آدمي، انسان، ماڻهو. مسلمان فقيرن جو هڪ ٽولو.
Dust-colored, brown. A kind of fakir or devotee who rubs ashes on his body.
بيتن ۽ وائين ۾
- جِتِ آھِ نَہ ناھِ ڪا، اِيءُ خاڪِيءَ جو خَيالُ، جانِبَ جو جَمالُ، پَسَڻان ئِي پَري ٿِئو.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- جِتي آھِ نَہ ناھِ ڪا، اِيءُ خَيالُ خاڪِي، پِرِيَنِ جِي پاڪِي، پَسَڻان پَري ٿِي.[ سُر آسا - مجازي مام ]