حَياتِي بابت
معنيٰ
جند، جيئري رهڻ جي حالت، زندگي، جياپو. جان، ساھ، جِيءُ، پَرانَ، چوُڻا، وجود، جِيوَن، دَم، سانس، پَساھ، عُمرِ، اوستا، ڄَمارَ.
Life span, livingness, total age, existence
بيتن ۽ وائين ۾
- تَنَ طَبِيبَ نَہ تُون، سُڌِ نَہ لَھين سُورَ جِي، سانڍِ پَنھِنجا ڊَڀَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون، ڪانَہ گُهرِجي مُون، حَياتِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- حَياتِيءَ ھيڪاندِ، ڌَڻِي ڪَرِيندين ڪَڏِھِين، مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائي راندِ، پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- تَہ ڪَرَ ڪِيئَن سُئِي، جَي سِيرَ نَہ گِهڙِي سُهڻِي، ھِتِ حَياتِي ڏِينھَڙا، ھَڏِھِين تان نَہ ھُئِي، چُڪي تَنھِن چَرِي ڪِي،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]