حَوالي بابت
معنيٰ
هٿ ۾ ڏيڻ جي حالت، سونپ، سپردگي، ذمَ واري. سپرد، هٿ هيٺ، ذمي، بِلي، مليل، زير.
Surrender, delivery, yielding, charge, entrusting, consigning.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَڀَيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالي ڪَمَ، ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاھي غَمَ وَھمَ، قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصِلُ ڪَري حاجَ تو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- پُنهونءَ سين پِرتِ جو، ڪو جو پيچُ پِئومِ، ڀَنِڀي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، مِتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪاڪِيُون ڪِيمَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]