حالِ بابت
معنيٰ
حال ۾، حالت ۾، نموني ۾
In the state, in the level, in the condition.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪارائِيان قَرِيبُ، وَنِيئُون ويجهو گهَڻو، دارُون سَڀَ دَردَ جو، طَبَعَ جو طَبِيبُ، ايھي حالِ حَبِيبُ، ساھان اوڏو سُپِرِين.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا، سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ، ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ…[ سُر سارنگ - وايون ]
- نَہ ڪا ھِتي نَہ ھُتِ ڪا، ڳورِيءَ سَندِي ڳالِهہ، ڪِينَ پَھتِي مالِ، حالِ پَھتِي ھوتَ کي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- راھَ شَرِيعَتَ ھَلِئا، تَفَڪُرُ طَرِيقَ ٿِئونِ، حالِ حَقِيقَتَ رَسِئا، مَعرِفَتَ ماڳونِ، ناسُوتُ مَلَڪُوتُ جَبَرُوتُ، اِيءُ اِنعامُ ٿِئونِ، پَسُ لاھُوتُ لَنگهِئُونِ،…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- اَڌوکارو اَنَ سين، ڪِي ٿورو گاھُ ڏِينسِ، آڌِيءَ اِستِغفارَ جو، کَرڙو خاصُ ھَڻِينسِ، توبَهَ تَلُ ٿاھَرَ ٿَڙا، حَقِيقَتَ ھَنُو، تَوَڪَلَ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- توبَه تَنِ جي تَنَ ۾، اَندَرِ اُنِ اَنفالِ، يُونُسِ رَکي جانِ ۾، پِئا حَقِيقَتَ حالِ، وِڌا ھُودِ وِصالِ، سيئِي سانبِي…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]