جَلَڻَ بابت
معنيٰ
سڙڻ، ٻرڻ، کامڻ، پَچڻ. ڀَسَم ٿيڻ. پوسرڻ. رَجهَڻ اندر ۾، ڪڙهڻ، رشڪ ڪرڻ.
To burn, be envious, have a grudge or ill will.
بيتن ۽ وائين ۾
- جانۡ جِيئَين تانۡ جَلُ، ڪانِهي جاءِ جَلَڻَ ري، ٿَڌِي تَتِيءَ ھَلُ، ڪانِهي ويلَ وِھَڻَ جِي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- سَڏَ مَ ڪَرِ سَڏَنِ ري، ھَلَڻَ ريءَ مَ ھَلُ، جَلَڻَ ريءَ مَ جَلُ، روئَڻَ ريءَ مَتان رُوئين.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- آئُون پِہ گَڏِجان ھوتَ کي، آن پُڻ ڀَلائِي، جَلَڻَ جَلائِي، آھِيان آرِيچَنِ جي.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]