جوڀَنَ بابت
معنيٰ
جواني، شباب، سونھن، حسن. سينگار. بھارَ. رونَقَ.
The time of youth.
بيتن ۽ وائين ۾
- سيئِي جوڀَنَ ڏِينھَن، جَڏھِن سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا، رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن، مُون کي چاڙھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو…[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- ڪَڍِئا جٖي ڪُلالَ، سي پَسِي خالَ خُوشِ ٿِي، پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نَہ جَهلي ڌَمالَ، سُپَڪَ ڀانيان سُهڻِيءَ، جوڀَنَ جي…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- سُھاڳُ پِہ سَنبِران، ڏُھاڳُ پہ ڏِٺومِ، سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ، ڍيلي ڍولُ وِئومِ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- آيَمِ مَنجِهہ ڏُھاڳَ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا، مَڻِيي سَندي مامِري، لَکين ڀَڳا لاڳَ، آئُون سِڪان کي سُھاڳَ، پِرِين پَرچَڻِ جِي نَہ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]