جاڳائِي بابت
معنيٰ
سُجاڳ ڪيائين، بيدار ڪيائين، ننڊ مان اُٿاريائين. هوشيار ڪيائين، شعور پيدا ڪيائين.
Waken, rouse, brought in consciousness.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَچِي عِزرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي، ٿِي ڊوڙائي دَلِيلَ، تَہ پُنهونءَ ماڻُهو موڪِلِئو.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِئو جاڳائِي جَتُ، ويرِي ڪَنھِن وِلاتَ جو، سَندو سُورَنِ خَطُ، ڏِنُمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- اُٿِيو ۽ اُٿِياڪُ، ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو، وِئو جاڳائِي جيڏِيُون، بِرھُ ھو بيباڪُ، چُرڦُر ڪاري چاڪُ، سُورُ سُمَهاري ڪِينَ ڪِي.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڪَنھِن جاڳائِي جَنجِريِ، پاڻان پيرُ ھَڻِي، جُھ ڏاڙوُن ڏاڙُنِ ويٺيُون، تَہ ويندو وِھُ وَڻِي، اَللہُ جَنِ ڌَڻِي، ڪوھُ ڪَرِيندو تَنِ…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]