تُرتُ بابت
معنيٰ
جلدي، ستت، تھتا، فورا، جهٽ پٽ، يڪدم. ٺھ پھ. هن وقت، هينئر، سگهو، بنا دير.
Quickly, speedily, instantly, hastily.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا، تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ، ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- لَڪِ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙيِين ڏيئِي ڇوڙِ، ايَهِي سِٽَ سَيِّدُ چئَي، جيھَيين تيھَيين جوڙِ، تُرتُ رَساڻي توڙِ، پَلاڻِئو تَہ پِرِينءَ مِڙي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ، لُڙُ لَنگهائي سُهڻِي، پِرتِ وِجَهندِيَئيِ پارِ، تُرتُ لنگهِنديُون تارِ اُڪَنڊَ آڳَھُ جَنِ جو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]