تَڙي بابت
معنيٰ
نيڪالي ڏئي، تڙيندي، هڪلي، ڀڄائي، ڊوڙائي. لوڌي، ڌڪي، پرتي ڪري.
To turn out or away, drive off, expel, dismiss from service.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو، چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن، دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ، وِرِچِئو…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- تُون مُنھِنجو آھِين، توکي تَڙي ڪيرُ، لِکَ سين وِڌُءِ ويرُ، مَرُ سِکَنِ سُھاڳِڻِيون.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- عُمَر آندِي مارِئُي، مَٿان تَڙَ تَڙي، جُسو زَنجِيرُن ۾، راتو ڏِينھَن رَڙي، قَيدَنِ مَنجِهہ ڪَڙي، سَڱَ نَہ وَٺِجَنِ سُومَرا.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]