تَنبُو بابت
معنيٰ
خيمي جو هڪ قسم. طنبو.
Tent, pavilion.

بيتن ۽ وائين ۾
- تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا، دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ، وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا، ويڄَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ، مُون کي مُون پِرِيَنِ، چَتُرَ ساڻُ چَڱو…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين، اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو، وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،…[ سُر بلاول - وايون ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- دَرَ دَرِوازا دَرِيُون، هاڻي هِتي هُوءِ، ڪوڙيِين مَنڊِئا ڪيتِرا، تَنبُو مَٿان تُو، جي مُلِ نَہ آئِيا مارُئِي، تَنِي رَڙُ مَ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- ڪِجي جَي ڪاموڏَ، اَچي ساءُ سُرودَ مان، ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ڪَڪورِئا، ھيٺِ لَهرنِ لوڏَ، جِيئَن سَمي دَرِ گَندَرِيُون، تِيئَن لاکَي دَرِ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- جِھَڙِي سِڄَ ڪَڪورَ، تِھَڙِي مي اَکِيُنِ ۾، ڪِينجُهرَ ٻِنِهي ڪَنڌِيين، مييُون ٽِلَنِ مورَ، تَماچِيءَ تَنبُورَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ويٺو مَنجِهہ وِرگهَہ، لَڪِئو ٿو لاتِيُون ڪَري، پِرِيان سَندي پارَ جي، ڳالِهہ نَہ سَلي ھِڪَ، سُپيرِيان جي سِڪَ، تَنَ ۾…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]