تَتِيءَ بابت
معنيٰ
تپت. تتل ويل، سخت گرميءَ واري مھل. (صفت) تتل، گرم، ڪوسِي.
Heat.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَتِيءَ ڪَري تاڻَ، ٿَڌِيءَ ٿَڪِي نَہ وِھي، وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، سَسُئِيءَ پاڻُ سُڪاڻَ، پُڇي پَھَ پَکِيَنِ کي، پيئِي مُنڌَ پَرياڻَ،…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- جانۡ جِيئَين تانۡ جَلُ، ڪانِهي جاءِ جَلَڻَ ري، ٿَڌِي تَتِيءَ ھَلُ، ڪانِهي ويلَ وِھَڻَ جِي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- وَڏِيءَ سَٽِ سُورَنِ جي، ڏاڍو ڏورِيائِين، تَتِيءَ تايائِين، جهولو مُنڌَ جُهڙُ ٿِئو.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- جهولو مُنڌَ جُهڙُ ٿِئو، تَتِيءَ تايائِين، رائي رُنائِين، اَپارِي کي اوٺِيين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]