تيڏانھَن بابت
معنيٰ
تنھن طرف ڏانھن، تنھن پاسي.
To or towards that place, thence.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَہ گِدا نَہ گَبِري نَہ لانگوٽِيءَ لِکَ، جيڏانھَن ڀَرِينِ وِکَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ لانگوٽِيءَ لِيڙَ، جيڏانھَن ڪَرِينِ ڀِيڙَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- ڪَلمُو پَڙَهان تَہ ڪافِرُ ٿِيان، ڪَلمُو پَڙهي ڪيرُ، جيڏانھَن راھَ رَسُولَ جِي، تيڏانھَن ڀَريان نَہ پيرُ، مُون تَنِ سين ويرُ،…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- مارُو ماڳِ نَہ ھيڪَڙي، اوڏا نَہ ڳوٺانِ، جيڏانھَن وَسَنِ مِينھَڙا، تيڏانھَن سانگَ سَندانِ، جي ميڙي رَبُ تَہ مِلانِ ، نَہ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]