تورِين بابت
معنيٰ
سوچي سمجهي ڪري، تڪي توري، مڪمل پڪ ڪري، جاچي جونچي، مڪمل يقين ڪري، سوچ ويچار ۾ آڻي ڪري
Measuring, weighting, doing with complete sense and belief
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ، ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين، مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن، سُکَ نَہ سُتا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، ڀَڄِي ڇَڏِ بازِي، چاندِي ڪِئو چَلائِيين، رُپو رَوازِي، ٿِيندو رَبُ قاضِي، تورِيندو تَدبيرَ سان.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، بازِي ڀَڄِي ڇَڏِ، چاندِي ڪِئو چَلائِيين، مَڇُڻ پوئِي ھَڏِ، وَٽِ صَرافِيءَ سَڏِ، تورِيندا تَجوِيزَ سين.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]