تاڙَ بابت
معنيٰ
جانچ، چڪاس. چؤڪسي. نظرداري.
checking, check, watch out, observation.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ مِينھَن پَوَنِ ماڪُون، سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون، جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، لَڳِي اُڃَ اُساٽَ، مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ، ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- اَرَتو اَکَڙِيُنِ ۾، مَٿي ڳَلَنِ ڳاڙَ، ڪوري ڪَنَنِ وِچَ ۾، ڦَچَ ڏِنائُون ڦاڙَ، ھَڻِي توبَهَ تاڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- تاڙَ ڇَڏي ڄاڻَ سِکُ، مِتِيُون سَڀَ مُنجهاءِ، پھرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پُڇاءِ، وَحدَتَ ساڻُ وِڃاءِ، ڪَثافَتَ ڪَثرَتَ جِي.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]