بَھارَ بابت
معنيٰ
گُلن جي ڦُٽڻ جي موسم، بسنت رُت جا ڦڳڻ، چيٽ ۽ ويساک واري ٽِماهي ۾ تقريبا پندرھين فبروري کان پندرھين اپريل تائين ٿيندي آهي. خوشي، راحت، آنند، فرحت. رونق، جهڳمڳ. سبزي، ساوڪ.
Spring, like spring, fresh, green, joyous, joyful.

بيتن ۽ وائين ۾
- تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو، تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ، لَڳِي…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ، ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- اَسُورَ سَندي آسِري، ويٺو آھِ وِڳَندُ، ھَڏِ نَہ ڇَڏي ھَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَھارَ جِي.[ سُر بلاول - وڳند ]