اِنعامُ بابت
معنيٰ
بخشش، خلعت، سوکڙي، تحفو. ڪنھن اتم ڪم بدلي ڪم ڪندڙ کي جيڪا خاص بخشش ملي.
Reward, award, prize, benefaction, favour, largesse, grant.
بيتن ۽ وائين ۾
- راھَ شَرِيعَتَ ھَلِئا، تَفَڪُرُ طَرِيقَ ٿِئونِ، حالِ حَقِيقَتَ رَسِئا، مَعرِفَتَ ماڳونِ، ناسُوتُ مَلَڪُوتُ جَبَرُوتُ، اِيءُ اِنعامُ ٿِئونِ، پَسُ لاھُوتُ لَنگهِئُونِ،…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ، ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ، آئِي اُنَ جي بابَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- پَکَي جاڳوٽِيَنِ جي، اُڀو ڄامُ ڄُلي، مُھُ مُھُ پييُون مَسندُون، جُهڳَنِ پاسِ جُهلي، ڪِينجُهرُ سَڀَ کِلي، تَنِ اُگهاڙَنِ اِنعامُ ٿِئو.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پَينامُ، اُنِين کي اِنعامُ، مَڃَرُ مِڙيوئِي ٿِئو.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]