اُجاري بابت
معنيٰ
صاف ڪري، چمڪائي. ڌوئي پوئي.
Cleaned, washed.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُنھَن مَٿاھان جَنِ جا، سي پِٽِيو ڪَڍَن پارَ، جيڏِيُون ھِنَ جُهونجهارَ، اُجاري اَڇا ڪِئا.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- سَکَرَ سيئِي ڏِينھَن، جي مُون گهارِئا بَندَ ۾، واجهاڻِيَسِ وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَوانِي تِيئَن، نِيَرَ مُنھِنجو نِينھُن، اُجاري اَڇو ڪِئو.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟ مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن، ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا…[ سُر مارئي - وايون ]