اَڳُ بابت
معنيٰ
اول، پھريون، اڳيون. سامهون هن کان اڳ. اَڳيان، اَڳي.
Firstly, in front, in old times.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نَہ ڏِٺو ڪَڏِھِين، مِھرَ نَہ ھُئِي ماڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪارُ، جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ڏَکا ڏُونگَرَ لاھِ، اَڳُ مُئِي سَسُئِي، آرِياڻِيءَ سين آھِ، ذاتِي سَڱُ ضَعِيفِ جو.[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- نَڪو ڏوھُ ڏيرَنِ جو نَڪو پُنهون پَنگُ، ايرادي اللهَ جي، اَڳُ وَھايو اَنگُ، تيلاھِين ٻَڌِي تَنگُ، ڇُلي پيٺِيَسِ ڇَپَرين.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِي جو اَڳُ ھو، مَڻيي سَندو مامِرو، تِھان پوءِ ٿِئو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪا جَا اَڳُ ھُئِي، مَڻيي سَندِي ڳالِهڙِي، تِھان پوءِ ٿِي.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سَڳو ڏِسِي سُهِڻو، مَڱِي آندو مُون، لَڳِي ڪَنِ ڪَونئُروءَ کي، تِپي ويٺين تُون، اَڳُ ڍَڪِيندو ھُون، ڪانڌَ ڪَچايُون ڪيتِرِيُون.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- جيڪي چَئِين ٿِي ھيرَ، تَنھِنجِي اَٺِين پَتِي جي اَڳُ چَيَئِي، تَہ خُونَ سَڀَيئِي بَخشِيانءِ، مَنَ ۾ آڻي مَهيرَ، جِھَڙا کَنيَئِي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڳوڙَھَنِ ڳاٽُ ڀَري، جان آيَسِ اَڳُوڻِيءَ ھيرَ، تان نَہ آتَڻُ نَہ جيڏِيُون، پَلَنگِ ڏِيان ڪيئن پيرَ، ھاڻ گهيڙ گهُمَندِي ڪيرَ،…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- مُونھان پوءِ مَلِيرَ ۾، مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ، مارِيَسِ اِنَ مامِري، يادِ نَہ ڪِئو جيڏِنِ، ڪَرَ نَہ لَڌي ڪَڏِهِين، مُنھِنجي…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- مُونھان پوءِ مَلِيرَ ۾، مِينھَن ڪُڄاڙو ڪَنِ، اَرٽَ اولاڻي ڇَڏِئا، ساجُهرِ ساهيڙِنِ، وِڄُون پوءِ وَسَنِ، آئُون اَباڻَنِ اَڳُ وَڃان.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين، تُون تَماچِي تَڳُ، اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]