اَگَلِي بابت
معنيٰ
ميري، گدلي، ڇيڳري.
Ugly, unpleasant or repulsive, especially in appearance. Nasty, unpleasant.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُنھِنجِي مَحبُوبَنِ، ڪَچِي ڪِئَڙِي ڪا نَہ ڪا، توڻي اَگَلِي آھِيان، تان پِي سَندي تَنِ، جا مُون ڏيئِي جَنِ، مُنھِنجُون ڍِلِيُون…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ٿِڙڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي تَڪَبُرَ ۾ پَئِي، اَچِئو اَچِئو اَگَلِي، چَئي لِيلان کي لوڪُ، اَندَرُ اوڀالَنِ سين، ساڙي ڪِئائُونسِ سوڪُ،…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- لَکين لِيلائُون، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾، ٻِيُون سَڀَ سُگَلِيُون، اَگَلِي آئُون، صِدِقُ صَدائُون، ڪِھَڙِيُون ڪَرِيان تَنِ سين.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- لاکا لَڄَ سَندِياءِ، اوڏِ اَگَلِي آھِيان، پَکا سي پَرتاءِ، جٖي اَجهي تُنھِنجي اَڏِئا.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- لاکا لَکَ سُڄَنِ، آئُون واڏِڻِ اَگَلِي، پَلَيءِ لَڳِي جَنِ، اوڏَ پِہ آجا ٿِئا،[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- تاڃِي تورِيائُون، نَہ عيبَ نِکَتا اَڳِيان، ڪوٺي ڪاپائِتِيَنِ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون، اَگَلِي آيُون، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نَہ ٿِئا.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]