اَسُورَ بابت
معنيٰ
اَسُرَ، رات جو چوٿون پھر، اڌ رات کان پوءِ، پرڀات، پرھ، پرھ ڦٽيءَ کان اڳ جي مھل.
Dawn, cock crowing, until sunrising.
بيتن ۽ وائين ۾
- سامِيَنِ سَمَرُ سُورَ، گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾، جوڳِيَنِ جَڙِئا جانِ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ، آديسِي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- اَسُورَ سَندي آسِري، ويٺو آھِ وِڳَندُ، ھَڏِ نَہ ڇَڏي ھَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَھارَ جِي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- اَسُورَ سَندو آسِرو، وِڳَندَ کي وَڏو، جُسي ۾ جَڏو، کِئَڻَ تي کُڙا کَڻي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- مارُو نَہ ميرا، مِٽَ مُنھِنجا سُومَرا، اُٿِئو ڏِينِ اَسُورَ جو، ڀَرِ ڀِٽُنِ ڀيرا، پَنوَهارَنِ پيرا، وِڙُه مَ ويڙِهيچَنِ سين.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- چِيلا ۽ چارا، مارُنِ جا مَلِيرَ ۾، اُٿِئو ڀَرينِ اَسُورَ جو، وَرَتُنِ سين وارا، ڇَڏي کُوھَ کارا، مارُو مِٺي موٽِئا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]