اَحاطو بابت
معنيٰ
ٻاهرين چوگردي ڀِت. ديوار، حاطو. گهيرو، دائرو. آسرو، پناھ. حيرت، دهشت.
Enclosure, surrounding, premises, precinct, boundary, boundary wall, territory.
بيتن ۽ وائين ۾
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلَ، تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو جُهلَ، ھُئا جٖي اَمُلَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِينَ، تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو زِينَ، ھُئا جٖي اَمِينَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]