اَتانگهَہ بابت
معنيٰ
جيڪي تانگهي نہ سگهجن، اَڻ تانگها. اٿاھَ، اُونها، عميق.
Deep water. unmeasurable.
بيتن ۽ وائين ۾
- تُنَ تنيدو آءُ، مَکِ ڏِھاڙِي مَڪُڙِي، سانباھِي سَمُنڊَ جِي، مَلاحَ مُورِ مَ لاھِ، اَڄُ ڪِ سَنجَهہ سَندِياءِ، اُھُرَندِي اَتانگهَہ تَڙِ.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾، اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ، ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]