اوٽَ بابت
معنيٰ
پناھ، آڏ، پردو. ڍَڪُ، اولو، اجهو، بچاءُ، ڇانوَ. جهَلو، اوٽ، سھارو. پاسو، ڀر. ڪنارو، ڪَنڌي. ڪکن جي ڪَنڌي، پَتَرِ. ڪکن ڪانن مان ٺهيل آڏَ.
Protection, shelter, sanctuary. Going, expense in going anywhere.
بيتن ۽ وائين ۾
- موٽَڻَ جِي مَصلِحَتَ، مُون کي ڏِيو مَ جيڏِيُون، نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، آرِياڻِي اَلبَتَ، ڪِندِيَسِ اوٽَ اُنِ جِي، لَڪَنِ ڏيئِي لَتَ، سَرَتِيُون…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- جِيئَن اُتَرِڙا اوتِينِ، تِيئَن سامِي گهَڻو سَنِرا، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو، اُتَرَ اوٽَ نَہ ڏِينِ، جِيئَن پارو پَوارا ڪَري،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- مَدِيني جا گهوٽَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، اَجهي تُنھِنجي اوٽَ، پارِ لنگهائِيين پَھِيڙا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]