آڳَھَ بابت
معنيٰ
جهَلي، وسيلي، ڀروسي، آڌار، ٽيڪ، پُشتي، پناھ، اڳواڻ، سوھين.
Help, support, helper, leader.
بيتن ۽ وائين ۾
- آڳَھَ عِشقَ وارِيين، جَڏھِن کَنيا جَنِ، تَڏِھِين رَسِئا تَنِ، ميھَڻا مُحِبَ ميھارَ جا.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾، اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ، ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڇَھِينءَ راتِ ڇَڪايو، سالِڪَ سوري سازُ، ڳاَيائِين ڳَڙَه گِرنارَ ۾، ڪَري آڳَھَ سين آوازُ، صَلاحَ جو سَيِّدُ چئَي، اَٿُون راجا…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]