آڇي بابت
معنيٰ
آڇ ڪري، پيش ڪري، پيشڪش ڪري.
Propose, invite, want to give.
بيتن ۽ وائين ۾
- اُڀو آڇي اَڇَ، ميھارُ مَلاحَنِ کي، آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ، ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلامَتَ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڏُکويُنِ اُھڃاڻُ، ڪُلِهين ڦاٽو ڪَنجِرو، وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪَ نَہ آڇينِ پاڻُ، سُورَنِ تَنِي ساڻُ، نَنڍاڪُون نِينھُن ڪِئو.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- آروڙِجِي اُٿِئو، ديِمنِ پيَسِ دانھَن، پاٻُوھِيو پيرُ کَڻي، سَمُو سَرَڻَنِ ڏانھَن، مَٿِئان مَٿي ٻانھَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ وَڏِي جُوءِ، لوڪَ نَہ آڇي اُوءِ، ڏِٺا ڏوھَ اَکِيُنِ سين.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ وَڏِي ذاتِ، عَيبَ نَہ آڇي واتِ، جَي ڏِسي ڏوھَ اَکِيُنِ سين.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- چَشا چائُرَ چُورِما، قِيمو قَليو اَنُ، جيڪِي آڇي سُومَرو، سو مُورِ نَہ باسي مَنُ، پوئِينءَ راتِ پِڙِ پَئي، جَي مُون…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]