آسائو بابت
معنيٰ
اميدوار، آس ڪندڙ، اميد ڪندڙ، چاهيندڙ.
One who hopes, an expectant, hopeful.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ، دائِمُ جَنھِن جي دَرَ تي، آسائو اَچَنِ، پِيتو طَھُورا تَنِ، جَنِ گَنگا جَرُ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جَي تُون آسائو آھِين، وانءُ پانڊَپَ پاسِ، گهوڙا ھِيرَوَھَٿِيا، وَٺِي آءُ وَٽانسِ، پَريندي پِئاسِ، سُتِي سَخاوَتَ جِي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جَي تُون آسائو آھِين، تَہ ھَلِي پَسُ حَبِيبُ، تُرِتَ ۾ طَبِيبُ، ٿِيندو وَڏَلُ واڍوڙِيَنِ جو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جَي تُون آسائو آھِين، تَہ وانءُ جَکِري لائي، مَتان وَڙُ وڃائِيين، ڪَنھِن ٻي دَرِ لِيلائي، سَمي سامائي، چِندا لاٿِي چارَڻين.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جَي تُون آسائو آھِين، تَہ چانئُٺِ ٻِي مَ چوڙ، ڪِيرا ڪُميتَنِ جا، کَٽِي آڻي کوڙِ، اِنَ دَرِ عِراقِي گَهڻا، تُون…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]