آثارُ بابت
معنيٰ
اهڃاڻ، علامت، نشاني. اهڃاڻ. ويرانيءَ جا نشان. پيرن جا نشان. افعال، لڇڻ. رس. (سنڌي ٻوليءَ ۾ ھي لفظ واحد جي صورت ۾ ڪتب ايندو آھي.)
Symptom, indication, sign, effect, impression.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَختِي شَھادَتَ جِي، مِڙيوئِي مَلارُ، ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ، ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- سَختِي شَھادَتَ جِي، مَلارُ مِڙيوئِي، ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي، ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]