آگم ڪيو اچن...

عنوان شاھ جو رسالو
شارح / محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
ڇپائيندڙ ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ
ڇپجڻ جي تاريخ 2012-01-01
ايڊيشن 2

فھرست

شاهه عبداللطيف جي سوانح حيات

مقدمو

نسب نامو*، ولادت، ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم وارو دور

شاهه عبداللطيف، سنڌ جي ’مُتَهلَوِي‘ ساداتن، يعني’مُتَعَلوِي‘ يا مٽياري سيدن جي ’ڪريم- پوٽا‘ خاندان مان ٿيو جيڪو مٿي شجري ۾ هڪوڏي پاڙي ’جَراڙ‘ يا ’جَڙاڙ- پوٽا‘ جي هڪ شاخ آهي. انهيءَ پاڙي جو وڏو سيد جراڙ (جلال) هو جيڪوسيد شرف الدين جو فرزند هو. انهيءَ لحاظ سان ’جراڙ- پوٽا‘ ساڳئي وقت ’شرف پوٽا‘ آهن. شرفالدين جو ڏاڏو سيد حيدر، هرات شهر جي سيد مير علي جو پٽ هو جيڪو مٿي امام موسيٰڪاظم جي اولاد مان هو. انهيءَ لحاظ سان مٽياروي سيد شهر هرات جي سندن وڏي ڏاڏي ميرعلي (يعني سيد علي) جي اولاد سببان ’هِراتي سيد‘ آهن، پر مير علي هِراتي کان مٿئيننسب نامي جي اعتبار سان ’ڪاظمي سيد‘ آهن. مٽياروي سيدن جي شجري موجب، سيد حيدرپهريائين سنڌ ۾ آيو ۽ هالا- ڪنڊي (قديم شهر هالا) ۾ اچي رهيو جتي هالا قبيلي جيرئيس شاهه محمد بن دريا خان کيس پنهنجي نياڻي ڏني جنهن مان کيس ’علي‘ نالي پٽ ٿيو.سيد حيدر موٽي هرات ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين؛ پٽس سيد (مير) علي سنڌ ۾ ئي رهيو، ۽ڪريم- پوٽا توڙي ٻيا سڀ مٽياروي سادات هن ’سيد علي سنڌي‘ جو اولاد آهن.

(الف) ساداتن جو مٽياري ۾ اچڻ. شجري جي روايت موجب، سيد (مير) علي (سنڌي) 802- 803هه وارن سالن ۾ هالا- ڪنڊي ۾ ڄائو هوندو، پر غالباً سندس والد سيد حيدر ڳچ وقت اڳ (اٺين صدي هجري جي آخر ۽ سمن جي حڪومت جي شروعاتي دؤر ۾) سنڌ ۾ آيو ۽ مير ’علي‘ سنڌي به 8- صدي هجري جي آخر ڌاري ڄائو. هو هالا- ڪنڊي ۾ پنهنجي ناناڻن ۾ نپنو، جن کيس پرڻايو. هن ٻيو نڪاح تُرڪن جي قبيلي مان ڪيو. کيس ٽي پٽ ٿيا: احمد، شرف الدين ۽ مرتضيٰ عرف ڀرئو، جن سڀني کي اولاد ٿيو. سيد علي سنڌي جڏهن اولاد وارو ٿيو ته هالا- ڪنڊي مان لڏي اچي پينگهاري پرڳڻي سان لاڳو پرڳڻي جي ’متعلہ‘ يا ’متعالہ‘، يعني ’متهلو‘ (= ’مٽهالو‘، ’مَٽُ- هالو‘) شهر ۾ ويٺو، جنهن جي نالي مان ڀانئجي ٿو ته اهو هالا قبيلي جي سربراهن جي زمينداري ۾ هو جن پنهنجي ڏوهٽي کي جاگير ڪري ڏنو. اهو شهر هن وقت موجود ناهي پر شهدادپور کان 8-9 ميل اوڀر طرف ’متهلو‘ ديهه ۽ تپو ان نالي جي يادگار طور موجود آهن. سيد علي سنڌي ۽ سندس اڪثر اولاد، 9- صدي هجري وارو گهڻو عرصو ’متهلي‘ ۾ رهيا ۽ سيد علي به مُتهلي ۾ ئي وفات ڪئي. هنن سيدن پنهنجي دينداري، ديانتداري ۽ ڪامياب زمينداري جي ڪري ديندار سلطان ڄام نظام الدين جي دور حڪومت (866- 914هه) ۾ وڏو اثر رسوخ پيدا ڪيو. متهلي طرف جڏهن پاڻي جي اڻاٺ ٿي، تڏهن هي سڄو خاندان 9- صدي جي پوين ڏهاڪن ۾ موجوده شهر مٽياري واري ماڳ تي لڏي آيو، جتي هو ’متهلوي‘ (=مُتهلي جا) سڏجڻ لڳا. هي هڪ علمي گهراڻو هو ۽ سندن تحريرن ۾ جئن پوءِ تئن ’متهلوي‘ کي ’متعلوي‘ ڪري لکيو ويو. مٽيارين وارو ماڳ اصل ۾ چانگن بلوچن جو شهر ’مَٽُ- آري‘ (آري جو مَٽُ) هو، پر هن سيد گهراڻي جي وڌندڙ اثر رسوخ سببان سندن نالي پويان ’متعلوي‘ به سڏجڻ لڳو جيتوڻيڪ عوام ۾ اصل نالي ’مَٽ- آري‘ پويان ’مٽياري‘ وڌيڪ مشهور ٿيو.

(ب)ڪريم- پوٽا پاڙو: مٽياري واري ماڳ تي لڏي اچڻ کانپوءِ، چاليهن پنجاهن سالناندر، سنه 944 هجري ۾ سيد علي سنڌي جي پٽ شرف الدين جي اولاد (شرف- پوٽن) جي’جَراڙ‘ يا ’جراڙ- پوٽا‘ پاڙي مان، لال محمد شاهه عرف لَلي شاهه جي گهر عبدالڪريمشاهه ڄائو، جيڪو پنهنجي درويشي ۽ دينداري، فڪر ۽ فهم، تصوف ۽ توڪل جي ڪري مشهورٿيو. سندس والد جو گهر ’مٽياري‘ ۾ موجود جامع مسجد جي ڏکڻ- اولاهين ڪنڊ سان لڳو لڳهو، جتان مسجد جي ديوار ۾ هڪ نشان يادگار طور اڄ تائين موجود آهي. شاهه لَلو پاڻعابد زاهد ۽ سهروردي طريقي جو سالڪ هو. سندس گذر سفر اڪثر لاڙ طرف ٿيندو هو ۽ وفاتپڻ اتي ئي ڪيائين ۽ سهروردي سلسلي جي بزرگ شهاب الدين قريشي جي مقام ۾ مدفون ٿيو(1). جئن ته شاهه لَلو پاڻهڪ وڏو درويش هو، انهيءَ ڪري گهڻين جاين تي سندس پڻ معتقد ۽ مريد ٿيا، جن مان ڪيبلڙي واري جُوءِ ۾ هئا، جن جي محبت ۽ عقيدي جي ڪري عبدالڪريم شاهه پنهنجي تعليم ۽شادي بعد ’مٽياري‘ مان لڏي وڃي اتي ويٺو. انهي ڪري ان ڳوٺ کي ’سيد پور‘ توڙي’لَلاڻِي لوء‘(2) سڏيو ويو، پر جيئن تهاهو بلڙيءَ واري ڀيڻيءَ ۾ هو انهيءَ ڪري اهو ماڳ به انهيءَ جُوءِ جي نالي سان’بُلڙي‘ سڏجڻ لڳو. ميون شاهه ڪريم گهرٻار عيال سوڌو، سندس زندگي جي وڏي عرصيتائين، اتي رهيو ۽ وفات به سنه 1032هه (1623ع) ۾ اتي ڪيائين.

تصوف جيسلسلي ۾، ميين شاهه ڪريم ۽ سندس والد ٻنهي جي سهروردي طريقي سان نسبت باقي رهي، پرشاهه ڪريم پاڻ قادري طريقي سان وڌيڪ وابسته ٿيو. ميين شاهه ڪريم کي اَٺ پٽ ٿيا، جنمان چئن کي اولاد ٿيو جيڪو وڌيو ويجهيو، ۽ ڏاڏي جي نالي سان سندن پاڙو ’ڪريم-پوٽا‘ ٿيو. سندس ٽئين نمبر فرزند جلال شاهه(3) جي اولاد مان شاهه عبداللطيف جو والد شاھ حبيب ٿيو.

(ج) شاهه حبيب ۽ سندسڪٽنب: شاهه حبيب، ميينشاهه ڪريم جو پڙپوٽو هو. سندس ڏاڏو جلال شاهه يا جمال شاهه غالباً پنهنجي والدميين شاهه ڪريم جي وقت ۾ مٽياري ۽ هالن طرف گهڻو گذارڻ لڳو. هو هالن طرف هو جوڦورن ڪنهن مائي جو مال هنيو ۽ جڏهن شاهه پويان واهر ٿي ويو تڏهن ڦورن کيس شهيدڪيو، ۽ هو ’گولي پير جي مقام‘ ۾ مدفون ٿيو. هي مقام شهدادپور تعلقي جي ديهه ۽ تپي’جَما‘ ۾، ڀٽ کان ست ميل کن اتر طرف آهي جتي جلال شاهه (جمال شاه) جي تربت موجودآهي. سندس شهيد ٿيڻ بعد سندس ٻار ٻچا جيڪڏهن مٽياري ۾ هئا ته به موٽي وڃي پنهنجيڏاڏي سان ’سيدپور‘ (بلڙي) ۾ رهيا. جلال شاهه (جمال شاهه) جو فرزند عبدالقدوس شاههبه عابد ۽ درويش ٿيو جنهن اتي وفات ڪئي ۽ پنهنجي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي مزار جيويجهو ڏکڻ- اوڀر طرف دفن ٿيو. کيس ٻه پٽ ٿيا: حبيب الله شاهه (حبيب شاهه) ۽عبدالرشيد شاهه، جن ٻنهي کي اولاد ٿيو. دينداري درويشي جي ورڇ حبيب الله شاهه کيملي. ميين شاهه ڪريم بعد، جملي ڪريم- پوٽن ۾ شاهه حبيب ئي زهد ۽ عبادت، فقر ۽فضيلت جو صاحب ٿيو، ۽ سندس اعليٰ اخلاق، فيض ۽ فقيري جو خاص طرح سندس فرزند شاههعبداللطيف جي تربيت تي وڏو اثر پيو. ڪريم- پوٽن ۾ شاهه حبيب ئي شاعر ٿيو جنهن بيتچيا جن مان ڪي ’شاهه جي رسالي‘ ۾ موجود آهن. شاهه حبيب جي شاعريءَ جو پڻ شاهه لطيفتي اثر پيو.

شاهه حبيب پنهنجي والد جي وفات وقت، يا سندس وفات کانپوءِ، ڪجهه وقت لاءِ اچي مٽياريشهر ۾ رهيو. اها جاءِ جتي هو رهيو(1) اتي ٿي سگهي ٿو ته سندس گهر هو، ۽ ’مٽياري‘۾ سندس رهڻ انهيءَ ڪري ٿيو جو شايد اتي سندس شادي ٿي. پوءِ عزيزن جي ساڻس اڻبڻتٿي، جو درويش هاشم شاهه جيڪو کيس گهڻو گهرندو هو تنهن جي چوڻ تي مٽياري کيڇڏيائين. ڪن روايتن موجب شاهه حبيب هڪ شادي عزيزن مان ڪئي ۽ ٻي ٻاهران ڪئي جنهنمان شاهه عبداللطيف ڄائو. پر هڪ ته اهو پڪيءَ طرح معلوم ناهي ته سندس پهرين شاديڪڏهن ٿي، ۽ ٻيو اهو به معلوم ناهي ته پنهنجن مان جيڪا شادي ڪيائين سا ڪهڙي پاڙي ياڪهڙن عزيزن مان ڪيائين. مٽياروي سيدن جي پاڙن جا شجرا موجود آهن پر انهن ۾ شاھ حبيب جي ان شادي جو ڪو حوالو موجود ڪونهي. روايتن موجب، ٻنهي گهرن مان کيس اولادٿيو: پر هڪ ته شاهه حبيب جي اولاد بابت جيڪي حوالا موجود آهن سي سندن وفات کانسوا- سئو سال کن پوءِ جا آهن ۽ ٻيو ته شاهه عبداللطيف جي وفات کانپوءِ (خاص طرحگادي نشيني جي مسئلي تان) شاهه حبيب جي نرينه يا ٻئي اولاد بابت بيان پڌرا ٿيا،انهيءَ ڪري شاهه حبيب جي جملي ڪٽنب بابت ڪنهن پڪي نتيجي تي پهچڻ مشڪل آهي. البتاهو يقيني آهي ته هڪ ئي گهر مان شاهه حبيب کي ٽي فرزند ٿيا جن مان فقط هڪ شاههعبداللطيف باقي بچيو. ٻئي گهر مان، هڪڙن حوالن موجب جمال شاهه نالي فرزند ٿيو، ۽ٻين موجب جمال شاهه ۽ مصري شاهه نالي ٻه فرزند ٿيا. ٽکڙ واري شجري موجب جمال شاههجو پٽ ڪريمڏنو شاهه ٿيو، جنهن جو ڪوبه پٽ جمال شاهه نالي ڪونه هو؛ ٻين شجرن ۾ انجو پٽ جمال شاهه نالي هو، جيڪو شاهه عبداللطيف بعد گادي نشين ٿيو. پٽن کانسواءِشاهه حبيب کي ’بي بي بتول‘(2) نالي هڪ نياڻي هئي، جيڪا غالباً شاههعبداللطيف جي سڳي ڀيڻ هئي. ان سميت يا ان کانسواءِ، شاهه حبيب جي ٻن نياڻين جو ذڪرٿيل آهي، پر مير سانگي ڄاڻايو آهي ته اها پڪڪانهي ته اهي ڪهڙي گهر مان  هيون، پر ٻنهيجي شادي شاهه حبيب جي وقت ۾ ٿي. سانگي کي غلام محمد شاهه گدا ٻڌايو ته انهن مان هڪمٽياري سيدن جي ’موسيٰ‘ پاڙي ۾ ڏنل هئي ته ٻي سمهباڻي پاڙي ۾ ڏنل هئي(3). شجرن جي تحقيقات مان معلوم ٿيو ته:

شاھ حبيب جي هڪ نياڻي، سيد موسيٰ جي ڀاءُ سيد عيسيٰ جي اولاد ’عيسيٰ- پوٽن‘  جي پاڙي  مان  محمد حافظ شاهه جي پٽ کي پرڻايل هئي(4)؛ مگر شجرن مان توڙي زباني روايتن مان اها تصديق نه

ٿي سگهي ته ڪو شاھ حبيب جي ڪا نياڻي سمهباڻين ۾ به ڏنل هئي(1).

(د)شاهه عبداللطيف جي ولادت(1102هه): عام روايتن موجب، شاهه حبيب کي اولاد ڪونه ٿيندو هو ۽ڪنهن درويش کان دعا گهريائين، جنهن چيس ته: توکي پُٽ ٿيندو، پر سندس نالوعبداللطيف رکجانءِ(2). سنه 1300هه ۾ اتاريلهڪ بياض ۾ اها آڳاٽي روايت جيئن نقل ٿيل آهي، تنهن موجب اها دعا شاهه حبيب کيمٽياري شهر جي مست درويش هاشم شاهه ڪئي هئي(3)، جيڪو پاڻ جراڙ- پوٽو هو ۽ شاھ حبيب جو عزيز هو. شجري مان پڻ اهڙي تصديق ٿئي ٿي ته ٻئي همعصر هئا. شاهه حبيب دل ۾ارادو رکي هاشم شاهه وٽ ويو، جنهن کيس ڏسي چيو ته ”حبيب مان لطيف جي بوءِ ٿي اچي.“(3) شاهه حبيب کي ڄڻ واڌائي ملي ته کيس عبداللطيف نالي پُٽٿيندو، جنهن جي خوشبوءِ ملڪ واسيندي. پوءِ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو عبداللطيفرکيائين، پر ٻارڙو گذاري ويو. ساڳئي گهر مان ٻيو پٽ ڄائس تنهنجو نالو به عبداللطيفرکيائين، پر اهو به گذاري ويو. وري به ساڳئي گهر مان ٽريو پُٽ ڄائس، جنهن جو نالووري به عبداللطيف رکيائين، جيڪو بچيو ۽ اُهوئي شاهه عبداللطيف ٿيو. اهي ٽيئي ٻارڙاجنهن بيبيءَ مان ٿيا، سا عرس فقير ڏيري جي نياڻي هئي، جيڪو ملتان جي ولي غوثبهاؤالدين زڪريا جي خليفي قندر فقير ڏيري جي اولاد مان، ”ڌنؤنريات“ لقب وارن ڏيرنفقيرن جي ”ثابت“ يا ”ثابت پوٽا“ نُک مان هو. هنن ڏيرن فقيرن جا ٻه سلسلا هئا: هڪڙا”سايات“ يا سبزپوش (سائو ويس ڪندڙ) ۽ ٻيا ”ڌؤنريات“ يا سفيد پوش. اهي وڏا پهتلدرويش هئا ۽ ’گنباٽ ڌڻي‘ (گنباٽ واري ايراضي جا رکوال ولي) ڪري سڏبا هئا. ثابتفقير پاڻ وڏو درويش ٿي گذريو- جو چيائون ته:

سوالي سچيءَ سڪ مان جي ’ثابت‘ کي سارين

تن  نڪا تنگي  توڻ  جي،نڪي اُڌارين(4).

عرس فقير کي ٻه نياڻيون هيون: وڏي ڏنائين ربرکيي فقير ڏيري کي، ۽ ننڍي نياڻي ڏنائين شاهه حبيب کي. شادي بعد، شاهه حبيب بهسهريجن جي پاڙي ۾ ٿي ويٺو جتي سندس گهر ’سُئي قندر‘ واري تاريخي مقام کي بلڪلويجهو اولهه طرف هو. اها گهر واري جاءِ روينيو رڪارڊ موجب سروي نمبر 134 ديهه ’سئيقندر جاگير‘ تعلقي شهدادپور ۾ آهي ۽ مقامي طور 60- 1950ع تائين اتي جي سڀني ماڻهنکي، ان جي خبر هئي. ”سئي قندر مقام“ کان نمبر جي لام تي اتر – اولهه طرف ۽ موجودهشاخ جي اوڀر، شاهه حبيب جي گهر لڳ هڪ کڏ هئي جنهن کي ”ساياتن جي کَڙ“ ڪري چونداهئا. انهيءَ جي ڀرسان 1930ع تائين، ڪنڊي جا وڻ بيٺل هئا جيڪي ”شاهه حبيب جا ڪنڊا“سڏبا هئا. اُتي سندس حويلي هئي جنهن جي ڀتين جون بِنائون به ان وقت ماڻهن ڏٺيون.انهيءَ حويليءَ ۾ ئي شاهه حبيب جا پهريان ٻه پٽ ڄاوا جيڪي گذاري ويا ۽ ’سُئي- قندرمقام‘ ۾ دفنايا ويا. ٻنهي جون قبرون اڃا تائين موجود آهن(1).

ٽيون پٽ شاهه عبداللطيف به انهي ساڳئي گهر ۾ڄائو ۽ اتي ئي نپنو ۽ وڏو ٿيو. هجري سنه مطابق اهو سال 1102هه هو، جنهن جي تصديقانهيءَ روايت مان ٿئي ٿي ته وفات وقت (1165هه) شاهه صاحب جي عمر 63 سال هئي. 13-صدي هجري (19- صدي عيسوي) تائين باخبر ۽ ڄاڻو ماڻهن وٽ سال 1102هجري شاهه صاحب جيولادت جو مڃيل سال هو جو ان وقت جي عالم فاضل شاعر سيد غلام محمد ”گدا“ اهوئي سالپنهنجي هيٺين تاريخي مادي واري شعر مان ڪڍيو(2).

گدا، سال توليد  سلطان ’ڀٽ‘

شنيدم زهاتف ’عنايت شعار‘

 1102

شاهه عبداللطيف ڪٿي ڄائو ان بابت البت پوئيندور جا لکندڙ صحيح راءِ قائم ڪري نه سگهيا، ڇاڪاڻ جو هڪ ته سندن ڌيان تي اها ڳالههويٺل هئي ته شاهه صاحب جي امڙ ’دياني‘ خاندان مان هئي، يعني ته هالن پراڻن جي هئي،جنهن ڪري شاهه جي ولادت به ان طرف ٿيڻ گهرجي ها. البت ٻئي طرف، مقامي طور تي جيڪاپڪي پختي ڳالهه هلندڙ هئي سا هيءَ ته شاهه صاحب جي امڙ، ’ڀٽ‘ کان اوڀر طرف ڏيرنفقيرن مان هئي ۽ انهي ڪري ان طرف سندس ولادت جو فطري طور وڌيڪ امڪان هو. پر ’سئيقندر‘ لڳ ڏيرن فقيرن جي ڳوٺ جي حوالي ڏيڻ سان، ’دياني‘ خاندان مان شاهه صاحب جيامڙ هجڻ واري نظريي جي نفي پئي ٿي، انهيءَ ڪري اوڀر طرف جا ٻيا حوالا آندائون:پوءِ هڪڙن ’ڀينءَ پور‘ کي ته ٻين ’هالا حويلي‘ کي شاهه جي ولادت جو ماڳ ڪري لکيو. لؤنگفقير مهيسر جنهن جي مزار شادي شهيد لڳ خيرپور ضلعي ۾ آهي، تنهن جي فقيرن ڪٿان ٻڌوته شاهه عبداللطيف ’ڀينءَ پور ۾ ڄائو هو يا اتي چلو ڪڍيو هئائين‘ سو اتي وڏي مسجدٺاهيائون(3). مير سانگيپوءِ ’لطائف لطيفي‘ ۾ ان جو ذڪر ڪيو ۽ ’ڀئي پور‘ (’صحيح ڀينءَ پور‘) کي شاهه صاحبجي ولادت جي جاءِ ڪري ڄاڻايو(1). ان بعد مولوي دين محمد وفائي به ’لطف اللطيف‘ ۾ انهيءَ ساڳي ڳالهه کي ورجايو(2). ٻئي طرف ليلارام وتڻمل لالواڻي پنهنجي ڪتاب ۾ ’هالا حويلي‘ (ڀٽ کان 18 ميل ڏکڻ- اوڀر) جو نالو لکيو(3)، پر اهو ڪونه ڄاڻايائينته ڪهڙي زباني يا شاهدي جي آڌار تي هن اهو نالو لکيو. باوجود انهيءَ جي، لالواڻيجي پوئلڳي ڪندي گربخشاڻي به ’هالا حويلي‘ کي شاهه جي ولادت جي جاءِ ڪري ڄاڻايو(4). مرزا قليچ بيگ وري’ڀينءَ پور‘ ۽ ’هالا حويلي‘ ٻنهي کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي جو لکيائين ته: ڀٽائي صاحبجي ڄمڻ جي جاءِ ’هالا حويلي‘ ۾ هئي جا ’ڀئي پور‘ (صحيح ڀينءَ پور) سان لڳ ڏکڻ-اڀرندي ڪنڊ ڏي هئي. جنهن گهر ۾ شاهه صاحب ڄائو هو اتي پوءِ هڪڙي مسجد جوڙائي وئيهئي جا اڃا تائين نصيرواهه جي ڪلهي تي بيٺل آهي(5). نصيرواهه جي حوالي کانسواءِ مرزا صاحب جي ٻي سڄي عبارتخيالي آهي ۽ سرزمين جي ڄاڻ کان سواءِ لکي ويئي آهي. شاهه لطيف ساڳئي وقت هالاحويلي ۾ ۽ ڀينءَ پور لڳ مسجد واري ڳوٺ ۾ تولد ٿي نٿي سگهيو، ڇاڪاڻ جو ڀينءَ پورکان ’هالا حويلي‘ ڪافي پري آهي، ٻيو ته اها ڏکڻ- اوڀر طرف ڪانهي پر اتر- اوڀر طرفآهي. ’ڀينءَ پور‘ تعلقي حيدرآباد ۾ ۽ ’هالا حويلي‘ تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ آهي(6).

سنه1958ع ۽ سنه 1959ع ۾، ۽ ان بعد 1974ع ۾ ۽ وري سنه 1976ع ۾، جڏهن راقم ’سئي قندر‘واري ماڳ توڙي ’گنباٽ‘ لڳ ڳوٺن ۾ وڃي پڇائون ڪيون ته اتي هڪ روايت اها بيان ڪيائونته شاهه حبيب ڪي سال ’سئي قندر‘ واري مقام لڳ اولهه طرف واري ڳوٺڙي ۾ پنهنجيحويليءَ ۾ رهيو، ۽ جڏهن اتان لڏيو ته پوءِ ڪوٽڙي ويو. ٻي روايت جيڪا پوئين دور جيمصنفن جي لکتن کان متاثر ٿي بيان ڪئي وئي سا هيءَ ته: ڇاڪاڻ جو پهريان ٻارڙا ڪينبچيا هئا، انهيءَ ڪري جڏهن شاهه عبداللطيف پيٽ ۾ ٿيو ته شاهه حبيب ماڳ مٽايو ۽اتان لڏي ويو. پر اهو دليل ايڏو وزندار ڪونهي ڇاڪاڻ جو شاهه حبيب پختي ارادي ۽ وڏيتوڪل وارو بزرگ هو، جو باوجود پهرين ٻن ٻارڙن جي فوت ٿي وڃڻ جي به ٽئين ٻار جونالو عبداللطيف رکيائين، ته پوءِ وهم ۽ وسوسي ۾ اچي هن ڪيئن پنهنجو گهر ڇڏيو هوندو۽ ماڳ مٽايو هوندو! جيئن ته شاهه حبيب جي گهر واري جاءِ توڙي پهرين ٻن ٻارڙن جيولادت ۽ وفات بابت مقامي طور پڪيون پختيون شاهديون توڙي پڪا پختا آثار موجود آهن،انهيءَ ڪري پوري وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته ٽيون ٻار ’عبداللطيف‘ (شاهه عبداللطيف)پڻ اتي ئي ان ساڳئي گهر ۾ ڄائو. ٿي سگهي ٿو ته ٻارڙي جي خير سان صحيح سلامت ولادتبعد، سندس صحت عافيت ۽ دوا درمل خاطر شاهه حبيب ڪي ڏينهن وڃي ڪنهن ٻيءَ جاءِ تيرهيو هجي، پر اهڙي گمان موجب پڻ سندس ’ڀينءَ پور‘ وڃڻ وڌيڪ مناسب نظر اچي ٿو جواتي جا ڪي سما فقير غالباً سندس مريد ۽ معتقد هئا، جن مان ميان اسماعيل فقير سموپوءِ شاهه عبداللطيف جو خليفو ٿيو(1). بهرحال جيڪڏهن اتي شاهه حبيب جو رهڻ ٿيو تهبه ٿوري وقت لاءِ ٿيو جو هو وري پنهنجي حويلي ۾ موٽي آيو(2).

(هه) ننڍپڻ ۽ ابتدائيتعليم. شاهه عبداللطيف جيولادت جي تاريخ ڪٿي به لکيل ڪانهي، پر جيڪڏهن مهيني صفر سنه 1165هه ۾ وفات وقتسندس عمر ڀريا ٽيهٺ سال هئي ته پوءِ قمري سالن جي حساب سان سندس ولادت 1102هجريءَجي صفر مهيني جي 14 تاريخ ڌاري يا ڪي ڏينهن اڳ پوءِ ٿي هوندي. ولادت کان اڳ سندسٻه همنام سڳا ڀائر فوت ٿي چڪا هئا: هي ٽريو لطيف هو جيڪو وڃي بچيو هو، جنهن مانسندس والدين جي خوشي ۽ ساڻس پيار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. انهيءَ ڪري ننڍڙو لطيفنه فقط ٻالجتيءَ واري دور ۾ پنهنجي پيءُ ماءُ جي محبت ۽ شفقت ۾ نپنو پر اها نعمتوڏي هوندي تائين ساڻس شامل حال رهي، جنهن سندس شخصيت کي سنواريو ۽ اجاريو.ٻالجتيءَ ۾ ٻيو ٻارڙو جيڪو سندس ويجهو ساٿي هو، سو هو سندس ماسات محمد عالم ڏيروجنهن سان هو کيڏيو ۽ خوش ٿيو.

ٻاراڻيوهي واري هن دور ۾، لطيف جي اٿڻ ويهڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جو مرڪز سندس پنهنجي گهر واروڳوٺڙو هو، پر ان جو دائرو البت گنباٽ واري جُوءِ تائين وسيع هو. ان وقت ننڍڙي لطيفجي اچ وڃ سندس والده جي ڀيڻ ۽ ٻين عزيزن جي گهرن تائين، يعني گنباٽ واري تر ۾ (3) ڏيرن فقيرن جي راڄن ڳوٺن ۾ ٿيندي رهي.

نتيجيطور ٻالجتيءَ واري هن دور ۾، ڏيرن فقيرن جي قبيلي واري نج سنڌي ٻولي، جيڪا سندسمادري ٻولي پڻ هئي، سا ننڍڙي لطيف جي ذهن تي نقش ٿي ۽ زبان تي چڙهي ۽ اڳتي هليسنڌي ٻوليءَ تي سندس ڪُلي طور دسترس ۽ ڪمال لاءِ پيش خيمو بني.

ان وقتمڪتبي تعليم جو دور هو جنهن موجب قرآن شريف، سنڌي ۽ ابتدائي فارسي تعليم معياريسطح تي ڏني ويندي هئي. والدين ننڍڙي لطيف کي پاڻ کان پري ڪري فوري طور تي ڪنهنمڪتب ۾ ڪونه ويهاريو: البت سندس تربيت گهر ۾ ئي ٿيندي رهي جو نه فقط والد شاھ حبيب پاڻ علم ۽ نظر وارو هو، پر والده به هڪ وڏي فاقيري گهر مان هئي. البت عبداللطيفجڏهن ڪجهه وڏو ٿيو ته روايتن موجب شاهه حبيب کيس قرآن شريف پڙهڻ لاءِ اهڙن استادنوٽ ويهاريو جيڪي پاڻ وڏا نيڪ ۽ پرهيزگار هئا. انهن اهڙي ته توجهه سان پڙهايو جوقرآن شريف عبداللطيف جي دل تي نقش ٿي ويو. انهن مان خاص استاد ميون نورمحمد ڀَٽِيهو، جنهن پوءِ کيس مڪتبي تعليم ڏني. ميون نورمحمد گنباٽ جي ڏيرن واري راڄ کي ويجهواٺن ميلن کن جي پنڌ تي ”وانئين“ جو ويٺل هو(1) ۽شاهه حبيب جو محبتي ۽ معتقد هو. عبداللطيف جي پڙهائي لاءِ شاهه حبيب کيس سڏي پاڻوٽ رهايو. هن شفيق استاد پنهنجي سعادتمند شاگرد کي مڪتبي تعليم پوري ڪرائي. ان بعدوڌيڪ تعليم جو سلسلو جاري نه رهيو، پر ميون نورمحمد هميشه لاءِ شاهه حبيب وٽ ايندورهيو ۽ عبداللطيف جئن ته ويتر وڌيڪ ڄاڻ ڏانهن مائل هو سو ساڻس ملندو رهيو ۽ کانئس سکندورهيو. بالآخر جڏهن شاهه عبداللطيف اچي ڀِٽ کي وسايو ته ميين صاحب کي پڻ سڏي اتيکيس سندس اوطاق ليڪي ڏنائين ۽ ڀٽ تي پاڻ وٽرهايائين. اهڙي طرح نوجواني واري دور ۾ توڙي پوءِ شاهه عبداللطيف جو پنهنجي مشفقاستاد سان ملڻ، وٽس ويهڻ ۽ ساڻس صحبت ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو(2).

شاههلطيف جي ننڍپڻ وارا ڪم ازڪم ٻارهن سال کن پنهنجن ناناڻن ڏيرن فقيرن ۾ سئي قندر ۽گنباٽ واري تر ۾ گذريا. انهيءَ عرصي ۾، ٻين ٻارڙن سان گڏ، گنباٽ سان لاڳو اولههطرف، واريءَ جي ڀِٽن واري ايراضي (جنهن ۾ پوءِ هن ’ڀٽ‘ واري ماڳ کي وسايو) ۾ ننڍڙيلطيف مينهن وسندي رانديون ڪيون هونديون. ان وهيءَ ۾ گنباٽ جي جوءِ ۾ هر ماڳ ۽ ڳوٺڏٺائين، ۽ ٻارن توڙي وڏن جو پيار ماڻيائين. ننڍپڻ وارين انهن يادگيرين جو ئي نتيجوهو، جو پوءِ وڏي هوندي سارنگ جي هڪ بيت ۾، ،’گنباٽ‘ تي ڪرم جي ڪڪرن جي گونج جو ذڪرآندائين ته:

واهُندئان وڄُ ٿي، گُڙيون ڏُونهه گنباٽ

انهيءَٻاراڻي وهيءَ ۾ سندس سنگت ۽ رفاقت فطري طور تي ڏيرن فقيرن جي ٻارن سان ٿي، جن سانهو کيڏيو ۽ خوش ٿيو ۽ جيڪي پوءِ وڏي هوندي سندس پيارا فقير ۽ معتقد ٿيا. انهن ماناَجن فقير ڏيرو ۽ سُک فقير ڏيرو، ٻئي شاهه صاحب جي حاضرات جا فقير هئا. جاني فقيرڏيرو به شاهه صاحب جو ننڍڙي هوندي جو ساٿي هو جنهن جو پُٽ عنايت پڻ ڏانهس گهڻومائل ٿيو. پر شاهه صاحب جو سڀ کان وڌيڪ ويجهو ۽ پيارو ساٿي سندس پنهنجو سڳو ماسات،رب رکيي فقير جو پٽ، محمد عالم ڏيرو هو جيڪو پوءِ خاص فقير ۽ خليفو ٿيو؛ شاهه صاحبکيس ڀٽ تي سماع ۽ ذڪر جو اڳواڻ مقرر ڪيو ۽ کيس ”محمد عالم سچو عالم“ ڪري سڏيو. پرعام طرح هو ’خليفو محمد عالم ذاڪر‘ سڏجڻ لڳو. شاهه صاحب جي وفات کانپوءِ فقراء جيسڄي نظام کي سنڀاليائين ۽ وڏي خدمت ڪيائين. وفات به ڀٽ تي ئي ڪيائين، جتي سندس قبرشاهه صاحب جي روضي جي ٻاهران ڏکڻ طرف، ۽ تمر فقير جي تجر کان اوڀر طرف، تربتن جياتر واري قطار سان لاڳيتي ڏکڻ طرف واري قطار ۾، اولهه کان ٻيو نمبر آهي.

والد جي رهنمائيهيٺ تربيت وارو دور (1115- 1120هه؟)

ننڍپڻواري مڪتبي تعليم بعد، بلوغت توڙي نوجواني واري دور تائين شاهه لطيف جي تربيتپنهنجي والد شاهه حبيب جي شفقت ۽ هدايت هيٺ ٿي. هو هميشه گڏوگڏ هئا، اهڙو جو ڄڻ هڪٻئيجا رفيق هئا. شاهه حبيب پاڻ پڙهيل هو ۽ دعا خاطر تعويذ لکي ڏيندو هو. بعضي هو حالوارا بيت پڻ چوندو هو. عالمن ۽ عارفن جو صحبتي هو، ۽ خود پاڻ پنهنجي وقت ۾ وڏو فيضوارو عابد زاهد هو. مير علي شير قانع کيس ”ڪريمي سلسلي جو ناميارو بزرگ، ۽ وجد ۽حال وارو ڪرامتن جو صاحب“ سڏيو آهي(1). سندس تاڪيد۽ سعيو توڙي سندس نظر فيض اثر جو سايو، ٻئي سڪيلڌي لطيف سان شامل حال رهيا. ٻئيطرف خود نوجوان لطيف ۾ پاڻ پنهنجو سوچڻ ۽ اعليٰ اخلاقي ۽ روحاني منزلن ماڻڻ جي ذوق۽ جذبو موجزن ٿيو.

پر هاڻيشاهه حبيب ڪوٽڙي ۾ لڏي آيو ۽ نوجوان لطيف جي ڏسڻ وائسڻ جو دائرو اُتر طرفان هالنکان وٺي هيٺ لاڙ ۾ بلڙي تائين، ۽ اولهه طرفان ڪوٽڙي واري علائقي کان وٺي اوڀرڏانهن ڀٽ ۽ گنباٽ تائين ۽ اُتان کان ڏکڻ ڏانهن نصرپور تائين وسيع ٿيو.

شاهه حبيب جو سئي قندر مان لڏي ڪوٽڙي مغل ۾ ويهڻ: شاهه لطيف ڏهن ٻارهنسالن کن جو هوندو، جو شاهه حبيب ’سئي قندر‘ واري ڳوٺڙي مان لڏي وڃي اٺ نو ميلاولهه- ڏکڻ طرف ’ڪوٽڙي مغل‘ ۾ ويٺو. هڪ مقامي روايت موجب، سندن لڏڻ جو سبب اهو هوجو شاهه عبداللطيف اڃان سرجيوئي هو جو ڏيرن فقيرن مان ڪن درويشن شاهه حبيب کي چيوته: ’قطب سرجيو آهي ۽ هت رجوعات ٿيندي. اسين فقير کٻڙن ۾ لڪا پيا آهيون. هاڻي يااوهان وڃي ٻئي پاسي ويهو يا اسان کي لڏڻو پوندو.“ پوءِ شاهه حبيب وڃي گهران پڇيوته بي بي صاحبه اميدواري جي تصديق ڪئي. فقيرن جي اها ڳالهه بالآخر سبب بني جو شاھ حبيب بالآخر سئي قندر مان لڏيو. هيءَ روايت پنهنجي جاءِ تي، پر ڀانئجي ٿو ته سندسسهري عرس فقير ڏيري جي فوت ٿي وڃڻ جي ڪري شاهه حبيب ’سُئي قندر‘ واري ماڳ کي ڇڏيو۽ گنباٽ واري ڀيڻي مان لڏيو. سندس لڏڻ جو هڪ خاص سبب اهو به هو جو ’ڪوٽڙي‘ جو رئيسمرزا بيگ مغل جيڪو سندس عقيدتمند هو، تنهن خير ۽ برڪت خاطر شاهه حبيب کي دعوت ڏيئيوٺي آڻي ڪوٽڙي ۾ رهايو جو کيس دعا ۽ سهاري جي ضرورت هئي. مير صاحب سانگي جي بيانموجب، شاهه حبيب ڪوٽڙي شهر لڳ ٻاهران پنهنجو گهر ڪيو(2). اندازو ٿئي ٿو ته اهوگهر، مرزا بيگ مغل جي حويليءَ واري ڪوٽ سان لاڳو الهندي طرفان هو جنهن کان اولههطرف جهنگ ۽ لال لئو هو.

والد جي تربيت وارو دور: شاهه حبيب هاڻي پنهنجي سعادتمند فرزند کيپنهنجي صحبت ۽ رفاقت ۾ رکي سڄو توجھ سندس تربيت تي ڏنو ته جيئن هو ذهني، اخلاقي ۽روحاني طور اعليٰ درجي کي پهچي. کيس هميشہ پاڻ سان گڏ پئي رکيائين ۽ جتي پئي ويواتي وقت جي عالمن ۽ درويشن جي صحبت ۾ پئي وهاريائين. کيس وٺي اباڻي ماڳ مٽياري ۽خاص طرح وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي آخري آرام گاهه تائين پاڻ سان گڏ نيائين، ۽ پڻ شاهه ڪريم جي فقيرن سانملايائين: ٻئي طرف ميين شاهه عنات سان ملڻ لاءِ کيس شاهپور- نصرپور تائينگهمايائين. اهڙيءَ طرح بلوغت ڏانهن اُسرندڙ، سالم طبع ۽ ذهين لطيف پنهنجي والد سانگڏ انهن سفرن ۽ صحبتن مان گهڻو ڪجهه پرايو. هاڻي سندس ڏسڻ وائسڻ جو دائرو ويترگهڻو وڌيو: يعني اُتر طرفان هالن کان وٺي هيٺ لاڙ ۽ بُلڙي ۽ ٺٽي تائين ۽ اوڀر طرفگنباٽ کان اڳتي ڀينءَ پور، هالا حويلي، شاهپور ۽ نصرپور تائين وڌيڪ وسيع ٿيو. البتسندس گهڻو سارو وقت ڪوٽڙي ۾ ئي پئي گذريو: شاهه حبيب جهڙي اهل دل درويش پنهنجي صالحفرزند کي پاڻ جيڏن سان راند روند ڪرڻ کان ڪونه ٿي روڪيو، جو ان ننڍيءَ ٽهيءَ ۾لطيف جو گز ڪمان کڻڻ يا ساٿي ٻارن سان لڪ لڪوٽي راند ڪرڻ جو ڪن روايتن ۾ ذڪر آيوآهي. پر شاهه حبيب ساڳئي وقت، وڏي سُرت سمجهه واري لطيف کي پنهنجي خاص توجهه،اعليٰ تربيت ۽ عارفانه نظر سان اعليٰ اخلاق ۽ نيڪ اعتقاد ڏانهن مائل ڪيو.نوجوانيءَ واري دور ۾ قدم رکڻ سان گڏ کيس طريقت جي راهه ڏسيائين ۽ نفساني خواهشنتي ضابطي خاطر زهد ۽ جهد جي تلقين ڪيائين. پنهنجي والد بلڪ مرشد جي اهڙي هدايت ۽رهبري هيٺ نوجوان لطيف لوڪ کان پاسيرو ٿي، جهنگ ۾ گوشائتو ويهي، ڌڻيءَ جي ياد ۾محو ٿي، پنهنجي نفس کي نمائڻ ۽ پاڻ پچائڻ لڳو. هن خلق کان پري ٿي جن ماڳن تي رياضتڪئي ۽ چِلا ڪڍيا تن سڀني بابت معلومات موجود نه رهي آهي، پر ٽن جاين بابت پوري پڪآهي جتي هو وڃي گوشائتو ويٺو ۽ عبادت ۾ محو ٿيو. اهي جايون اڃان تائين نوجوان لطيفجي اُتي ويهڻ ۽ رياضتن ڪرڻ سببان مشهور ۽ محفوظ رهيون آهن.

انهنمان هڪ هو لَئي جو وڏو شاهي وڻ، جيڪو پوءِ ’لال لئو‘ سڏجڻ لڳو، جنهن جي جُهنڊ ۾لطيف وڃي ويهندو هو. اهو وڻ ڪوٽڙي ۾ سندس گهر کي ويجهو اولهه طرف واري لاڳيتي جهنگ۾ هو، جتي ڪنهن اڳئين درويش جو مقام هو ۽ جتي پوءِ شاهه لطيف جي ڪڍيل چِلي ۽ ڪشاليجي يادگار طور مسجد، کوهه ۽ جايون ٺهيون، جن جا آثار توڙي انهي ڀيڻيءَ وارا وڻ هنوقت (1999ع) تائين موجود آهن. لَئي جو وڻ جنهن جي جهُنڊ ۾ لطيف وڃي ويهندو هو سواتر طرف، مسجد واري جاءِ کي ويجهو آهي. ان جاءِ تي اڃان تائين هڪ جهونو ڏوڙو ڏنگو’لئو‘ بيٺو آهي جيڪو چون ٿا ته ان اصلي ’لئي‘ جي بنياد مان آهي(1).

ٻيونشان غالباً خود ’ڀٽ‘ واري اها جاءِ هئي جتي پوءِ شاهه لطيف پنهنجو حجرو ٺهرايو.ان جاءِ تي هو هڪ وڻ جي جهُنڊ ۾ اڪيلو محويت واري حالت ۾ ويٺل هو جو قلندر شوريجنهن اتي پنهنجيون ڏاچيون پئي چاريون کيس ڏٺو ۽ ڏاچين پڻ ڏسي ٽاهه کاڌو جو قلندرشوري ڊوڙي وڃي سندس ڳوٺ (جيڪو ڪوٽڙي کان ڪوهه کن ڀٽ واري طرف هو) پنهنجي پيءُصاحبڏني کي ٻڌايو جيڪو ساڻس گڏجي اتي آيو پر اُها جاءِ خالي پئي هئي. وڏيري صاحبڏنيپوءِ پنهنجي پٽ (قلندر) کي سمجهايو ته: ’شاهه حبيب جو پٽ اڪثر هن جُوءِ ۾ ويراڳ ۽بيخودي واري حالت ۾ اچي ويهندو آهي، ۽ جيڪڏهن هو ٻئي ڀيري کيس ڏسي ته کانئس دعاگهري‘.

ٽيون نشان اهو هو جيڪو هاڻي ’شاهه جو ڪنڊو‘ ٿو سڏجي، جيڪوڀٽ کان ڏيڍ ميل کن اوڀر- اتر طرف ريلوي اسٽيشن کان به اوڀر ڪنب داڙون- شهدادپورواري رستي تي) آهي ۽ جتي اڃان تائين وڻن جو جهُنڊ موجود آهي. ان جو ذڪر اڳتيايندو، پر مٿين روايت جيڪا ان وقت جي اکين ڏٺي شاهد قلندر شوري کان بيان ٿيل آهي ۽پڻ سندس والد وڏيري صاحبڏني جي زباني تصديق ٿيل آهي ان مان ظاهر آهي ته شاهه حبيبمسلسل طور وڏي ڌيان ۽ پختي ارادي سان پنهنجي پياري فرزند جي تربيت پئي ڪئي ته هوزهد ۽ رياضت ذريعي روحاني طور ڪماليت جي درجي کي پهچي. مٽياري جي درويش هاشم شاههجي عبداللطيف جي ولادت بابت ڪيل دعا واري روايت مٿي بيان ٿي چڪي آهي شاهه حبيببيشڪ پنهنجي ڀلاري عزيز هاشم شاهه جي دعائيه لفظن تي پڪو يقين رکيو هو: ’لطيف جيبوءِ اچڻ‘ يعني خوشبوءِ ٿيڻ وارا لفظ معنيٰ خيز هئا. شاهه حبيب ٻالجتيءَ کان وٺيلطيف جي هر طرح تربيت ڪئي هئي ۽ هاڻي جڏهن کيس ڪجهه اهڙو ڀروسو ٿيو ته عبداللطيفزهد ۽ عبادت ذريعي ڪافي ترقي ڪئي آهي تڏهن، پنهنجي اطمينان خاطر، کيس درويش هاشمشاهه وٽ وٺي ويو. ان وقت شاهه لطيف جي عمر 15 سال کن هئي. هاشم شاهه نوجوان لطيف ۾اعليٰ صلاحيت جا آثار ڏٺا، پر باوجود رياضت ۽ عبادت جي هن درويش کيس اڃان به وڌيڪترقي ۽ ڪمال طرف ترغيب ڏيندي چيو ته:

’حبيب جو پٽ (اڃان) پچي راس نه ٿيو آهي‘

ڪمال کيپهچڻ واري تربيت اڳيئي سندس والد طرفان جاري هئي، پر هن ترغيب ويتر نوجوان لطيف ۾نئون جذبو جاڳايو جو هو موٽي اچي زهد ۽ عبادت ۾ مشغول ٿيو (”باز ورع اختيار کرد“)۽ مسلسل مجاهدي سان بالآخر مجازي رنگ کي مٽيائين ۽ پنهنجي اندر جي آئيني کي ايتروته اُجاريائين جو ڏسڻ پسڻ ۽ فهم فڪر جا طور طريقا مٿس عيان ٿيڻ لڳا. ان جو ثبوت’ڪنڊي واري ماڳ‘ تي سندس ياد الاهي ۾ محويت ۽ ان موقعي تي پنهنجي والد شاهه حبيبطرفان پيار ڀري پڇا تي سندس ڏنل جواب مان ملي ٿو. جئن ته شاهه لطيف هاڻي وڏو هوانهيءَ ڪري پنهنجي والد کي حال ڏيندو هو ته هُو ڪٿي وڃي ٿو چلو ڪڍي؛ اڪيلائي ۾عبادت لاءِ ويهڻ کان پوءِ شاهه حبيب سندس سماءُ لهندو هو ۽ پڻ روحاني واردات ۾سندس حال ڀائي ٿيندو هو. هن ڀيري، وچان هڪ ٻن ڏينهن جي وٿي پئجي ويئي ۽ واءُ لڳڻڪري ڪنڊي واري جاءِ کي مٽي گهيري وئي ۽ لطيف جي جسم تي پڻ لٽ چڙهي وئي. ان حالت ۾کيس ڏسي شاهه حبيب جي دل ڀرجي آئي (جئن تصغير ۾ آندل پيار ڀريي لفظ ’انگڙا‘ مانظاهر آهي) ۽ چيائين ته:

”لڳي لڳي واء، ويا انگڙا لٽجي“

والد جو هي دلنوازآواز ٻڌي شاهه لطيف پڻ ساڳئي جذبي سان جواب ڏنو ته:

”پئي کڻي پساه، پسڻ ڪارڻ پرين جي.“(1)

شاهه لطيفجو هيءَ جواب، جنهن ۾ ساڳئي دلپذير بيان ۽ ساڳئي دلپذير معنيٰ ۾ ٻي سٽ چئي بيتپورو ڪيائين، سو ان عمر ۾ سندس اعليٰ شاعرانه شعور جو آئينو آهي؛ پر ان کان وڌيڪاهو سندس اندر جي اوجر ۽ روحاني رُتبي تي شاهد آهي ڇاڪاڻ جو هن جواب ۾ سندس پنهنجي’نيستي‘، ’ڀرپور سڪ ۽ صبر‘ ۽ ’عشق الاهي ۾ رچي راس ٿيڻ‘ جا سڀ اهڃاڻ سمايل آهن(2).

پيرهاشم شاهه سان پهرئين ڀيري ملڻ کانپوءِ شاهه لطيف ٽي سال کن سانده رياضتون ڪيون.هينئر سندس عمر 18 سال کن هئي. شاهه حبيب هاڻي جڏهن ٻيهر کيس درويش هاشم شاهه جيخذمت ۾ وٺي ويو

تڏهن هن لطيف کيمحبت ۽ شفقت جي نگاهه سان ڏٺو ۽ دعا ڏيندي چيو ته:

”لطيف جو چراغ روشن ٿيندو.“

يعني ته ’آئنده لطيف جو پنهنجو چراغ روشن ٿيندو‘، يا ٻي مراد ته ”هن وقت بهروشن آهي پر اڃان اڳتي هلي گهڻو وڌيڪ روشن ٿيندو“(1). ٻنهي حالتن ۾ هيءَ ورنديواڌائي واري هئي: هڪ طرف شاهه حبيب کي اطمينان ٿيو ته سندس والدانه تربيت جو مقصدپورو ٿيو، ته ٻئي طرف شاهه لطيف کي مستقبل ۾ شمع روشن ٿيڻ واري واڌائي سان گڏ ويتروڌيڪ ترغيب ملي ته کيس سلوڪ ۽ معرفت ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان به اڳتي قدم وڌائڻوآهي. درويش هاشم شاهه پوءِ سگهو ئي تاريخ 12- ربيع الاول سنه 1120هه ۾ وفات ڪئي.ان وقت شاهه لطيف جي عمر ڀريا ارڙهن سال هئي. آئنده تربيت جي واڳ هاڻي خود سندسپنهنجن هٿن ۾ هئي: شفيق والد پنهنجو فرض پورو ڪري چڪو هو، ۽ درويش هاشم شاهه پڻسندس نالو وٺي کيس دعا سان نوازيو.

پاڻ پنهنجي تربيت۽ ڪماليت ڏانهن قدم وڌائڻ وارو دور (1120- 1142هه)

نوجوانلطيف جو ’خود پاڻ پنهنجي تربيت وارو‘ هي دور ويهه- ٻاويهه سال کن مسلسل طور جاريرهيو. اهو سندس زندگي جو خاص الخاص طلب ۽ تلاش، پرجهه ۽ پروڙ وارو دور هو، جيتوڻيڪسندس عارفانه تحقيق جو سلسلو سڄي عمر تائين هلندو رهيو. زمان ۽ مڪان جي لحاظ سان،هيءُ دور ٻن ڀاڱن ۾ وراهيل نظر اچي ٿو: هڪ پهرين پنڌرهن سالن (1120- 1135هه) وارودور جنهن ۾ سندس سلوڪي طلب ۽ تحقيق وارا پنڌ ڪجهه پراهان هئا، ۽ ٻيو پوين پنجن-ستن سالن کن وارو دور (1135- 1142هه) جنهن ۾ سندس ٻاهرين پنڌن سان گڏ ’ڀٽ واريڀيڻي‘ تي پڻ توجهه ٿيو. انهن ٻنهي دورن ۾ حق ۽ حقيقت جي مسلسل طلب ۽ تلاش جا اڳتيهلي جيڪي نتيجا نڪتا، ۽ جن جا اهڃاڻ شاهه عبداللطيف جي پوئين دور واري زندگي ۾نمايان ٿيا، تن جي بناءَ تي ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته هن عرصي ۾ سندس عملي ۽فڪري ڪشالي جو رخ خاص طرح هيٺين پنجن طرفن ڏانهن رهيو:(1) ڏسڻ پسڻ ۽ پرجهڻ پروڙڻخاطر سير سفر جو سلسلو شروع ڪيائين، (2) شاديءَ جي رسم پوري ڪيائين، (3) عارفانهزندگي جي عملي راهه رسم جي ڄاڻ لاءِ پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي سوانح ۽طور طريقي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين، (4) سلوڪ ۽ معرفت جي اعليٰ معنوي فڪر ۽ ڄاڻلاءِ ميين شاهه ڪريم جي بيان ڪيل نُڪتن ۽ حقيقتن توڙي مولانا رومي جي مثنوي ۾سمايل رازن کي پروڙڻ طرف توجهه ڪيائين، ۽ (5) ٻين جي تلقين لاءِ، پنهنجي فڪر کي سنڌيبيتن ۽ واين ذريعي ظاهر ڪرڻ جو پهه ڪيائين.

پنهنجي سر، شاهه لطيف جي بامقصد مسافرين ۽ ملاقاتن جيشروعات انهن ماڳن سان ٿي جتي اڳ هو پنهنجي والد سان گڏجي ويندو هو. انهن مان ڏکڻ طرفمٽياري، گنجو ٽڪر ۽ اڳتي بلڙي ۽ ٺٽو هئا. بلڙي سندس ڏاڏاڻو ماڳ هو، جتي سندس وڏيڏاڏي ميين شاهه ڪريم توڙي ڏاڏي عبدالقدوس شاهه جون مزارون هيون. اتر طرف (پراڻن)هالن جو تاريخي شهر ڪوٽڙي کي ويجهو هو ۽ پڻ ساداتن جو پهريون ماڳ هو. شاهه لطيف جيوقت ۾ به هالا عالمن ۽ درويشن جو گهر هو. اتان ڏهه ميل کن اوڀر طرف ’گولي پير جومقام‘ سندس واسطي اهميت وارو هو، جو اُتي سندس پڙڏاڏي جلال شاهه (جمال شاهه) شهيدجو مزار هو. ڏکڻ- اوڀر طرف ساڱري ڍوري جي ڪناري وارن درويشن جا ماڳ مڪان ديدارلاءِ اهميت وارا هئا. خاص طرح ڀينءَ پور ۽ اڳتي شاهپور ۽ نصرپور وارو ڀاڱو ويجهوهو، جتي وڏو شاعر ۽ درويش ميون شاهه عنات اڃان زندهه  هو، ۽ شاهه لطيف وٽس وڃڻ شروع ڪيو. ساڱري ڍوريجي ڪنار سان، اتران پهريائين مشائخ هوٿي جي درگاهه هئي، جيڪو پاڻ يا کائنس پوءِسندس ٻه پهتل فرزند احمد ۽ محمد ميين شاهه ڪريم سان مليا هئا. اڃان ڏکڻ طرف ٻيناهل مماتي وارن بزرگن جون مزارون هيون جيڪي پڻ ميين شاهه ڪريم جي وقت جا هئا-مثلاً درويش آچر، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار، درويش پلي، پنيو سهاڙ، مخدوم محمد اسماعيلسومرو اگهم ڪوٽي، شيخ موسو، رڪن الدين ولد رتو (جُوڻ جي علائقي جو)، ميرڻ ڪاتيار،مهراڻ فقير نهڙيو، مخدوم صابر ولهاري، مٽياروي سيد ساجن سوائي، جرڪس ڏناڻي (ولهار۽ ونگي علائقن جا). ميين شاهه ڪريم جي ناتي سان، شاهه لطيف جو انهن درويشن جي ماڳنمڪانن کي ڏوري ڏسڻ فطري هو، جيتوڻيڪ ٻين ولين ۽ نيڪن جي تلاش ۾ ڪن ٻين جاين تي به ويوهوندو. تلهار ۽ بدين طرف سندس پنهنجن وڏن عزيزن بزرگن جون مزارون خانقاهون هيون.ميين شاهه ڪريم جي اولاد مان ٻه درويش سيد پليڏنو ۽ سيد مڱليڌو تلهار جي علائقي ۾اچي سڪونت پذير ٿيا هئا ۽ ٻئي وڏا لائق ۽ سالڪ هئا. اڃان اڳتي بدين لڳ، ’شهابالدين سهروردي جي مقام‘ ۾ (جيڪو عوام ۾ ’شاهه بَدي جو مقام‘ سڏجي) خود ميين شاههڪريم جو والد ’شاهه للو‘ مدفون هو. انهيءَ ڪري ساڱري جي وَليئن وارن ماڳن مڪاننکانپوءِ اڳتي ويندي بدين تائين شاهه لطيف جو وڃڻ بلڪل قرين قياس نظر اچي ٿو.

سندس هن سير سفر واري دور جا پهريان پنج ڇههسال گهڻي حد تائين سنڌ جي ماڳن مڪانن کي ڏسڻ، درويشن جي خانقاهن ۽ درگاهن جو ديدارڪرڻ، مختلف ڌنڌي پيشي وارن وٽ ويهڻ ۽ عوامي زندگي جي مطالعي ۾ گذاريا. هن عرصياندر گهڻي ۾ گهڻا گهمرا پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي درگاهه تي ڪيائين ۽گهڻو ڪجهه پرايائين. هاڻي هو پڪن پختن اڀرندڙ ارادن سان مالا مال ٿي ڪماليت طرفقدم وڌائڻ وارو هو، جو کيس زميني زندگيءَ جي هڪ اهم منزل ڏانهن موٽڻو پيو: اها هئيسندس شادي جنهن ۾ سندس شفيق والد جي رضا ۽ رغبت اثر انداز ٿي. هن وقت سندس عمر 24سال کن هئي.

شاديءَ جي رسم. شاههعبداللطيف جي ڳڀورائي ۽ بلوغت وارو دور اڳ ختم ٿي چڪو هو، پر فهم ۽ فڪر جي ڪمال ۽عروج طرف وڌڻ جي اڃان ابتدا هئي: سندس توجهه، ڪماليت جي راهه ۾ مسلسل ڪوشش ۽ ڪشالي۽ قدم اڳتي وڌائڻ طرف هو جو ڄاتائين ٿي ته ويهڻ جو وقت ڪونهي ۽ تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻوآهي. شادي ۽ گهرٻار ڪري ويهي رهڻ سندس سالڪانه جدوجهد ۽ جستجو جي خلاف هو. شاديءَبابت سندس خيال ساڳيا وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم وارا هئا، جنهن شادي کي رنج ۽ آزارٿي سمجهيو ۽ رڳو ’لوڪ لڄا جي ڪري شادي ڪئي هئائين‘(1). شاهه عبداللطيف جو پنهنجو چوڻ هو ته جيستائينحق جو طالب مطلوب سان نه ملي، يعني سالڪ الاهي وصال نه ماڻي، تيستائين شادي نهڪري، ڇاڪاڻ جو سلوڪ جي راهه ۾ ڪاميابي آزادي ۽ يگانگي ۾ آهي(2). باوجود انهيءَ جي جو سندس سڄو توجهه اخلاق ۽ڪردار جي معراج طرف هو. زندگي جي هن مرحلي تي کيس شادي ڪرڻي پئي.

ڪوٽڙيجو رئيس مرزا بيگ مغل مقابلي ۾ دل قبيلي جي ماڻهن هٿان سنه 1124هه ۾(1) مارجي ويو. سندس ٻار ٻچا بي واها ٿي پيا، ۽سواءِ شاهه حبيب جي ٻيو ڪو سندن سهارو ڪونه هو. مرزا بيگ کي هڪ ڇوڪرو هو جيڪو پڻسگهوئي فوت ٿيو ۽ باقي فقط سيده بيگم (يا سعيده بيگم) هڪ نيڪ سيرت نياڻي هئي. شاھ حبيب پنهنجي معتقد جي هن بيواه ڪٽنب جي ضائفائن کي سنڀالڻ ۽ سهارو ڏيڻ ضروري ڄاتو،۽ سندس رضا بعد پنهنجي فرزند کي مڃايو ۽ بيبي سيده بيگم سان سندس نڪاح ڪرايو.جيڪڏهن شاهه لطيف، ان کان اڳ بيبي صاحبه کي ڏٺو هو ۽ سندس دل ۾ محبت جي دونهيندکيل هئي ته به ان کي ڍڪيو هئائين ۽ ٻاهر ڪابه ٻاڦ ڪانه ڪڍي هئائين(2)؛ شادي واري موقعي کان اڳ هو پنهنجي سالڪانه صبرسان ان خيال کي اورانگهي آجو ٿي چڪو هو. پر هن وقت والد جي رضا ۽ هڪ بيواهه ۽ يتيمگهر کي سهاري ڏيڻ خاطر شادي قبوليائين. ان جي تصديق شاهه لطيف جي اِزدواجِي زندگيجي اهڃاڻن مان ٿئي ٿي. جيئن ته زندگي جي هن مرحلي تي سندس سڄو توجهه حق ۽ حقيقت جياعليٰ منزلن طرف هو، انهيءَ ڪري

سندس هن شادي جيضرورت ۽ اهميت اسلامي شرعي رسم مطابق هئي: ان ۾ نه ته ڪا عاشقي جي بُوءِ هئي، نهته ڪو افساني جو رنگ هو(3). شادي بعد به شاهه لطيف جو پنهنجي گهر سان جيڪو برتاءُ رهيوسو بيشڪ شاهانه ۽ شريفانه هو پر عاشقانه ڪونه هو. روايتن موجب بيبي صاحبه کياميدواري ۾ پلي جي سَڌَ ٿي ۽ ونهيون فقير جَت وڏي تڪليف سان پلو وٺي آيو ۽ سهڪندوآيو. شاهه صاحب سبب معلوم ڪري چيو ته: ٻار اڃان پيٽ ۾ ئي آهي ته فقير کي ايڏو هلاڪڪيو اٿس؛ ڄمندو ۽ وڏو ٿيندو ته الائجي ڇا ڪندو! ان بعد، هڪ ٻڍڙي خدمتگار فقيرياڻيتي جڏهن بيبي صاحبه ڏمر ڪيو ته شاهه صاحب کي اهو ڏکيو لڳو. ان بعد ڪو اهڙو سبب ٿيوجو ٻارڙو خير ڪو ڄائو(4).

حقيقت ۾شاهه جي زندگي جو شاديءَ کان اڳ ۾ ئي اهڙو دور شروع ٿي چڪو هو جو سندس سوچ ويچارجا معيار مٽجي ويا هئا؛ پنهنجي گهر- واريءَ جي سَڌن جي پورائي کان وڌيڪ پنهنجنمخلص فقيرن جي تڪليف کي مهانگو ٿي سمجهيائين. شاديءَ کان اڳ ئي گهر کي ڇڏيو هئائين۽ گهڻو وقت ڪوٽڙيءَ کان ٻاهر پئي گذاريائين، ۽ شاديءَ بعد به گهر ڪري ڪونه ويٺو؛ سندسهل هلان جو اهو سلسلو ’ڀٽ‘ کي وسائڻ کان پوءِ تائين هلندو رهيو. مير سانگي ڄاڻايوآهي ته: ان وقت به شاهه صاحب گهڻو وقت ٻاهر گهمندي پئي گذاريو ۽ جڏهن ڀٽ تي هوندوهو ته به گهڻو وقت مسجد ۾ هوندو هو ۽ پنجئي وقت نماز جا جماعت سان پيو ادا ڪندوهو. ان کانسواءِ ٻيو به گهڻو سارو وقت گهر کان ٻاهر گذاريندو هو، ۽ اندر حويلي ۾،جيڪا مسجد سان لڳو لڳ اتران هئي، گهٽ ئي ويندو هو(1).

شاهه ڪريم جي طور طريقي کي سمجهڻ. مٿي چئي آيا آهيون ته زندگي جي سفر ۽ ڪشالي واري ٻئي دور ۾ گهڻي ۾ گهڻا گهمراميين شاهه ڪريم جي درگاهه تي ڪيائين جتي ذڪر ۽ سماع ۾ شريڪ ٿي ان سلسلي کان واقفيتحاصل ڪيائين، جيڪو پوءِ پاڻ ڀٽ تي قائم ڪيائين. شاهه ڪريم بابت ڳالهين هٿ ڪرڻ لاءِڪريمي فقيرن سان صحبتون ڪيائين جن مان جتن فقيرن سان پوءِ هميشه لاءِ سندس نينهن ۽ناتو ٿي ويو. شاهه ڪريم جي سوانح ۽ تلقين بابت ڪتاب (غالباً ’بيان العارفين‘) دستيابڪري مطالعي لاءِ پاڻ وٽ رکيائين جيڪو پوءِ هميشه لاءِ پاڻ سان گڏ کڻندو هو(2). ميين شاهه ڪريم جي تواضع ۽ نهٺائي، تجريديزندگي کي ترجيح، فطري مشاهدن ۽ روزمره جي ڌنڌن ۽ مشغلن جي مطالعي مان حقيقت تائينپهچڻ وارن سلسلن شاهه لطيف جي ذهن ۽ فڪر کي گهڻو متاثر ڪيو.

ميين شاهه ڪريم پنهنجي طرفان ڪيل هدايت ۽ تلقين ۾ اعليٰانساني اخلاق ۽ ڪردار توڙي عارفانه فڪر کي گاهي بگاهي پنهنجن توڙي ٻين درويشن جيچيل سهڻن سنڌي بيتن ذريعي سمجهايو هو. اهو طور طريقو هڪ بهترين مثال جي صورت ۾شاهه لطيف جي سامهون آيو. ان کان اڳ کيس پنهنجي والد شاهه حبيب جي عام فهم بيتنذريعي اهڙي تربيت ملي هئي. ان وقت ميون شاهه عنات رضوي، عام مقبول سنڌي بيتن ۾سلوڪي شاعري جو بادشاهه هو. گنباٽ واري ڀيڻي جتي شاهه عبداللطيف جو ننڍپڻ گذريواتان ميين شاهه عنات جي شاهپور ويهن ميلن تي هئي. ڪوٽڙي کان به شاهپور ۽ نصرپورايتري ئي پنڌ تي هيون. ميين شاهه عنات جي بيتن جو غلغلو هو ۽ اهو پڙلاءُ ننڍپڻتوڙي نوجواني واري دور ۾ شاهه لطيف جي ڪَنن تي پيو. پهريائين غالباً سندس والدشاهه حبيب کيس ميين شاهه عنات وٽ وٺي ويو جنهن کيس گهڻو پيار ڪيو. پوءِ شاههعبداللطيف پاڻ ميين شاهه عنات وٽ وڃڻ ۽ سندس صحبت مان فيضياب ٿيڻ لڳو. اهيملاقاتون ۽ صحبتون اندازاً سنه 1122هه کان وٺي. جڏهن شاهه لطيف جي عمر ويهه سالهئي، وڌيڪ گهاٽيون ٿيون ۽ ڪم از ڪم سڄا سارا ڏهه- ٻارهن سال پوءِ ويندي سنه 1133هه۾ ميين شاهه عنات جي وفات تائين مسلسل طور جاري رهيون. پنهنجي جوان ذهن ۽ سالمطبيعت توڙي ميين شاهه عنات سان سندس محبت جي ڪري، شاعريءَ جي ذوق ۾ شاهه لطيف،ميين شاهه عنات کان گهڻو ڪجهه پرايو. ميين شاهه عنات جي وفات بعد پڻ سندس ڪلام سانشاهه صاحب جي گهڻي رغبت رهي جنهن جو عڪس شاهه صاحب جي بيتن ۾ نمايان طور نظر اچيٿو(3).

ذوقِ ڪمال ۾، مولانا رومي جي مثنوي ۾ سمايل سلوڪ ۽معرفت جي رازن کي سمجهڻ: شاهه لطيف جي ذوقِ ڪمال کيس حق ۽ حقيقت جي اعليٰ مقامن جو متلاشي ڪيو. سلوڪ ۽معرفت جي اعليٰ معنويٰ فڪر جا اهڃاڻ، توڙي ديني تعليم جي رسمي ڄاڻ کان اڳتي اسلاميتعليم جي ’روح‘ تائين پهچڻ جا راز، کيس ميين شاهه ڪريم جي ’بيان العارفين‘ ۽مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي ۾ نظر آيا. پنهنجي پاڻ تربيت واري هن دور ۾، شاههلطيف خاص طرح مثنوي کي سمجهڻ طرف گهڻو ڌيان ڏنو. چئي نٿو سگهجي ته شاهه کي مثنويجي باک ڪٿان پئي ۽ ڪيئن پئي، پر غالباً ميين شاهه ڪريم جي سوانح ۽ تلقين طرف توجههڪندي، کيس ’مثنوي‘ جي اهميت ۽ عظمت جو پتو پيو، ڇاڪاڻ جو ميين شاهه ڪريم کي مولانارومي جي مثنوي توڙي سندس ديوان مان بيت ياد هئا(1). البت شاهه صاحب کي مثنوي سان هن دور ۾ ڪنهن روشناسڪرايو، سو خاطريءَ سان چئي نٿو سگهجي. ٿي سگهي ٿو ته ٺٽي جي عالمن جي صحبتن ۾ شاههصاحب کي مثنوي بابت وڌيڪ واقفيت حاصل ٿي ۽ مثنوي پاڻ وٽ رکيائين. ان دور ۾ ٽنڊهقيصر- ڊاسوڙي طرف جي عالم ۽ درويش محمد عارف جو فرزند محمد صلاح، جنهن کي فارسي تيدسترس هئي ۽ پڻ مثنوي جو ڄاڻو هو، سو شاهه صاحب جو معتقد ٿيو، ۽ جئن ئي هو شاههصاحب جو ارادتمند ٿيو ۽ سندس خذمت ۾ اچڻ لڳو ته شاهه صاحب کانئس مثنوي پڙهائڻ ۽ٻڌڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو پوءِ زندگيءَ جي پوئين دور تائين جاري رهيو(2). مثنوي سان شاهه صاحب جي شغف جي ايتري ته مشهوري ٿي، جووقت جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي مثنوي جو هڪ خوشخط نسخو شاهه صاحب ڏانهن تحفيطور موڪليو. پر خوبي جي تلاش واري هن هلندڙ دور ۾، مثنوي کي خاص توجهه سان ٻڌڻ ۽سمجهڻ سان، شاهه صاحب جي سجاڳ ذهن ۽ صاف دل تي جيڪو ڪجهه نقش ٿيو، تنهن مان سندسرهنمائي خاص انهيءَ طرف ٿي جيڏانهن هو پاڻ مائل هو: يعني ته انسان جي زميني زندگيجو راز ئي انهيءَ ۾ آهي ته ڪمال جي جستجو ۾ رهي ته جيئن معرفت جي مقام تي پهچي ۽حق جو قرب حاصل ڪري.

سفر ڪرڻ ۽ هر ڌنڌي پيشي وارن سان ملڻ،پرجهڻ ۽ پروڙڻ. قادرجي قدرت، ڪائنات جي وسعت، خالق ۽ مخلوق جي رشتي جي حقيقت ۽ هن زميني زندگيءَ جيلاهن چاڙهن ۾ انسان جي اخلاق ۽ ڪردار جي ڪيفيت کي پرجهڻ ۽ پروڙڻ خاطر، شاهه صاحبهڪ جاءِ تي ويهڻ ۽ گهر سنڀالڻ بدران ڏسڻ ۽ ڏورڻ، ڪهڻ ۽ ڪشالا ڪرڻ کي ترجيح ڏني. هندور ۾ هن سنڌ توڙي سنڌ جي ڀر وارن جن ملڪن ۽ ماڳن کي ڏٺو، تن سڀني بابت معلوماتمحفوظ نه رهيا آهن. البت ڪڇ ۾ شاهه ڪريم جي معتقد جتن فقيرن وٽ گهڻو ويو، جيڪيپوءِ سندس ئي مريد ٿي ويا. اڀرندي ڏانهن سندس جيسلمير طرف وڃڻ بابت به ڪي پڪا دليلموجود آهن. الهندي طرف سنڌ جي ڪوهستان ۽ لس ٻيلي وارو ملڪ ڏٺائين ۽ سنڌ جو اوڀر،ٿَر ۽ اُتر سڀ ڏٺائين. سفر ۾ هر طبقي ۽ هر ڌنڌي پيشي وارن سان مليو، وٽن ويٺو ۽سندن روزمره جي ڪرت ۽ ريت رسم کان واقف ٿيو، جهن جو پڪو پختو ثبوت رسالي جي مختلفسرن ۽ داستانن هيٺ سندس بيتن ۽ واين ۾ موجود آهي.

ڀٽ تي دائمي سڪونت،فاقيري فيض ۽ تربيت، ڪمال ڄاڻ ۽ معرفت

جي فروغ وارو دور(1142-1161هه)

شاهه لطيف جي نوجوانيءَ کان وٺي پڪي جوانيءَ تائين سندسزندگي جا سڄا سارا ويهه سال ڪَهڻ ۽ ڪاهڻ، ڏسڻ ۽ پسڻ، پرجهڻ ۽ پروڙڻ ۾ صرف ٿيا: حق۽ حقيقت جي تلاش ۾ پاڻ پنهنجي تربيت وارو اهو دور سندس واسطي هڪ وڏو ڪشالو هو،جنهن ۾ مسلسل طور ٻاهرئين مطالعي ۽ مشاهدي سان گڏ سندس پنهنجي اندروني سُرت نِرتسان بصيرت جا نوان باب کليا، ۽ کيس يقين ۽ معرفت جا اعليٰ مقام حاصل ٿيا. هاڻيسندس عمر چاليهه سال هئي، ۽ جوانمرد لطيف هر لحاظ سان پاڻ کي پچائي راس ڪيو هو.فڪر ۽ فهم، ڄاڻ ۽ بصيرت جي اعليٰ منزل تي پهچڻ بعد هاڻي سندس حياتي جو تخليقي ۽تعميري دور شروع ٿيو، جنهن ۾ ڪمال معرفت جي جستجو سان گڏوگڏ ٻين لاءِ رهنمائي،فاقيري فيض ۽ تربيت طرف متوجهه ٿيو. شاهه جي حياتيءَ جي هن دور بابت جيڪي اهڃاڻموجود آهن، تن جي بناء تي ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته سندس زندگيءَ جو ويهنسالن کن وارو هيءَ عرصو خاص طرح هيٺين مشغلن ۽ مرحلن وارو دور هو:

(الف)ڀٽ کي وسائڻ ۽ اتي دائمي سڪونت اختيار ڪرڻ.

(ب)شاهه حبيب جي وفات، ۽ ان بعد مرشديءَ جو مسند سينگارڻ.

(ج) ڀٽتي فاقيرو نظام ۽ انتظام قائم ڪرڻ.

(د)سماع ۽ ذڪر جو سلسلو ۽ راڳ جو ادارو قائم ڪرڻ.

(هه)وڏن جي درگاهه جي سنڀال ۽ تعمير ڪرڻ.

(و)معتقدن مريدن وٽ ڀيرا ڪري سندن حال معلوم ڪرڻ ۽ ڄاڻ وارن فقيرن درويشن سان ملڻ.

(ز) سنڌجي عالمن عارفن سان صحبتون ڪرڻ.

هيٺسندس انهن مشغلن ۽ مرحلن تي مختصر روشني وڌي ويندي.

(الف)ڀٽ کي وسائڻ ۽ دائمي سڪونت اختيار ڪرڻ. شاهه عبداللطيف جو ڀٽ کي وسائڻ بابت ڪوبه پڪو پختو حوالو موجود ڪونهي. البتمير عبدالحسين خان سانگيءَ جيڪي ڳالهيون ٻڌيون ۽ ’لطائف لطيفي‘ ۾ قلمبند ڪيون، سيساڳيون پوءِ مرزا قليچ بيگ ۽ ليلارام لالواڻيءَ به سندن ڪتابن ۾ آنديون. مگر ٽنهيجي بيانن ۾ وڏو تضاد آهي، جن مان ڪوبه خاطر خواهه نتيجو ڪونه ٿو نڪري. مير سانگيءَکي ٽي جدا بيان مليا جن موجب، مرزا بيگ مغل جي نياڻيءَ سان شادي بعد سگهوئي شاههلطيف ڪوٽڙيءَ مان ڀٽ تي لڏي آيو، ٻيو ته پنهنجي والد شاهه حبيب جي وفات بعد لڏيآيو، ۽ ٽيو ته سير سفر واري دور بعد آخري عمر ۾ شاهه صاحب ڀٽ تي اچي ويٺو(1). پهرئين اهڃاڻ موجب، سنه 1124هه ۾ مرزا بيگ مغلجي وفات کان اڳ يا پوءِ ڀٽ تي لڏي آيو، ٻئي اهڃاڻ موجب سنه 1144هه ۾ شاهه حبيب جيوفات بعد لڏي آيو، ۽ ٽئين ٽاڻي موجب اڃان بهان کان پوءِ آخري عمر ۾ لڏي آيو. انهن بيانن موجب، شاهه لطيف جو ڀٽ کي وسائڻ واروعرصو سنه 1124هه کان وٺي 1144هه تائين ڪم از ڪم ويهه سال کن ٿئي ٿو. انهيءَ ۾ ڪوشڪ ڪونهي ته شاهه لطيف جي ڀٽ کي وسائڻ، يعني شروعاتي ارادي ۽ پوءِ آخري طور اتيگهر ٻار ڪري ويهڻ ۾ ڳچ وقت لڳو هوندو؛ پر ٻين اهڃاڻن مطابق اهو وڌ ۾ وڌ ست سال کن(1135-1142هه) ٿي سگهي ٿو.

شاديءَ بعد فوراً ڪوٽڙيمان لَڏڻ لاءِ ڪو سبب ڪونه هو: شادي جو مقصد ئي هڪ شريف اُجڙيل خاندان کي سهاروڏيڻ هو، جيڪو هڪ وسندڙ گهر ۽ شهر کي ڇڏي ڀٽ ۽ بَرَ کي وسائڻ سان پورو ٿي نٿي سگهيو.غالباً ڪوٽڙي ڇڏڻ جي نوبت تڏهن آئي جڏهن مغل حويلي جا ٻيا سڀ ڀاتي گذاري ويا.روايتن مان معلوم ٿو ٿئي ته بي بي سيده بيگم جو فقط هڪ ننڍو ڀاءُ عرف ’گولو‘ هوجيڪو شاديءَ کان پوءِ سگهوئي گذاري ويو؛ سنديس والده ڏهه- ٻارهن سال پوءِ سنه 1135ههجي لڳ ڀڳ رضا ڪئي. هڪ روايت موجب، شاهه لطيف ڀٽ تي هو جو ”گلان“ اچي اتي ڳايو ۽شاهه صاحب کيس دعا ڪئي(1)  جو هوءَ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي نڪاح ۾ آئي ۽ميان غلام شاهه جي ماءَ بني. جيڪڏهن انهيءَ روايت کي صحيح تسليم ڪجي ته به گُلانسنه 1135هه ڌاري شاهه لطيف جي آڏو ان وقت ڳُايو هوندو جڏهن هو شروع ۾ پنهنجي عيالکان سواءِ بعضي اچي ڀٽ تي رهندو هو. گلان جو قصو بيان ڪندي سانگي ڄاڻايو آهي ته انوقت مخالفن ميان نور محمد ڪلهوڙي کي شاهه بابت ائين ٻڌايو ته ’اهو سيد جنهن ڀٽکي پنهنجي آستاني بنائڻ جي رٿ رٿي آهي.‘(2)

مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته ننڍيڻ کان وٺي شاههلطيف گنباٽ ۽ ان سان لاڳيتي ڊرٻ کي ڏٺو هو؛ پوءِ بلوغت ۽ جوانيءَ واري دور ۾ پڻاتي گهمندو هو ۽ گوشائتو ويهي چلا ڪڍندو ۽ عبادت ڪندو هو. ”شاهه جو ڪنڊو“ ان ڊرٻواري ايراضي جي اترين ڀاڱي ۾ هو، جتي شاهه صاحب رياضت ۾ محو ٿيو هو. ’ڀٽ‘ يعنيموجود درگاهه ۽ ڳوٺ وارو ماڳ، ان ڊرٻ واري ايراضيءَ جو وچ هو جتي (غالباً ’حجري‘واري جاء تي) پاڻ اڪثر نويڪلائي ۾ رياضت ڪندو هو، جو ان وقت ڪن ماڻهن اتي کيس ڏٺو۽ سندس گوشائتي ويهڻ واري ڳالهه مشهور ٿي. انهيءَ ڀٽ جي هيٺان ڏکڻ طرف ’ڪِراڙ واريترائي‘ هئي جتي مينهن جو پاڻي بيهندو هو. ان جي چوڌاري ڪِرڙ هئا، جنهن ڪري ان کي ’ڪراڙ‘سڏيو ويو. ڀٽ واري اها ڀيڻي شاهه صاحب کي پسند آئي ۽ اتي پهريائين پنهنجو پاڻ ۽بعد ۾ پنهنجن فقيرن سان گڏجي خاص طرح سانوڻ ۾ اچي منزل انداز ٿيندو هو، جڏهن مالوارا ڀاڳيا ماڻهو به انهيءَ ڀيڻيءَ تي وانڍون ڪندا هئا. جيئن ئي شاهه صاحب جي عمرچاليهن سالن (1140-1142هه) کي ويجهي ٿيڻ لڳي ته ڀٽ واري ماڳ کي هميشه لاءِ وسائڻوارا سندس ارادا پختا ٿيا. ڀٽ واري ڀيڻي جي اصل ڪهڙي حالت هئي، شاهه صاحب ڪيئن اتموجوده درگاهه واري ماڳ کي چونڊيو ۽ هموار ڪيو، ڪهڙي طرح اتي جايون ٺهرايون- ان

بابت سانگيءَ جا قلمبند ڪيل هيٺيان بيان تصديق جهڙا آهن(1):

¡ سانگيءَ کي وڏيري عبداللهٻڌايو ته هن پنهنجي پيءُ وڏيري رستم کان ٻڌو، جنهن پنهنجي پيءُ وڏيري قلندر کانٻڌو ته هي ماڳ اصل ۾ واريءَ جي هڪ وڏي شاهي ڀٽ هئي جنهن جي چوڌاري پاڻي هو ۽ هرطرف وڏو جهنگ هو، جتي هن شاهه لطيف کي ننڍي هوندي بيخودي ۽ محويت واري حالت ۾ ويٺلڏٺو هو(لطائف لطيفي، ص 144).

¡ اهو معلوم آهي ته خود سندسحياتيءَ ۾ حضرت اولياءَ صاحب (شاهه صاحب) ’ڀٽ شريف‘ جا سڀ پاسا پلئه پوريءَ طرحڏٺا هئا. ڀٽ جي هيٺ چوڌاري پاڻيءَ جون خوبصورت ترايون هيون ۽ هيٺ ڀٽ جي پاسي ڪناريسان سائي سهڻي وڻراهه هئي. مٿي ڀٽ وارو ماڳ راحت بخشيندڙ هو، جنهن جا آثار هنوقت(1880-1878ع) تائين موجود آهن، جو آب ڪلاني ۾ چوڌاري هيٺاهيون پاڻيءَ سان ڀرجيوڃن ٿيون، جن مان ڪي (وڻراهه جي ڪري) نظاري دار آهن (لطائف لطيفي، ص78-89).

¡ جڏهن کان اولياءَ صاحب (شاهه صاحب) ڀٽ تي پنهنجو فيض ور تڪيو قائم ڪيو تڏهنسانوڻ جي برسات ۾ اڪثر سير تفريح لاءِ ايندا هئا. بهار جي موسم کين وڻندي هئي ۽ انموسم ۾ خاص طرح گهڻي عبادت ڪندا هئا. (لطائف لطيفي، ص-183).

¡ شاهه صاحب ئي ’ڀٽ شريف‘ کي سڀکان اول اچي وسايو هو. ان کان گهڻو اڳ تائين هيءَ سرزمين غيرآباد هئي ۽ منجهس جهنگهو. ڀٽ شريف جي چوڌاري سڄو سال پاڻي بيهندو هو، گاهه گهڻو ٿيندو هو ۽ ڀاڳيا ماڻهومال چاريندا هئا. سانوڻ جي آب ڪلاني ۾ ڀاڳيا ماڻهو ڀٽ تي پنهنجا ڀاڻ ڪندا هئا.حضرت اولياء صاحب جيئن ته (هت) اڪيلو پيو هلندو هو، سو هن ڀيڻيءَ کي ڏسي پسندڪيائين؛ پر جيئن ته هت واري پئي وسندي ۽ هلندي هئي، سو مٿان ڀنجهو وجهائي ڀٽ کيهموار ۽ ڪشادو ڪيائون. اها (خذمت) فقيرن لاءِ رياضت هئي (لطائف لطيفي، صفحا 90-91).

¡ ڳالهيون هلنديون آيون آهن تهحضرت اولياء صاحب (شاهه صاحب) حياتيءَ جو وڏو عرصو سير سفر ۾  گذاريو ۽ جڏهن آخر عمر ۾ اچي ڀٽ تي ويٺا (تڏهنپهريائين) ’ڀٽ‘ (جي چوٽي کان) ڪجهه هيٺ تي هڪ ڪوٺي (حجره) ٺهرايائون، جنهن جي آڏوڪجهه باغيچو ڪيائون ۽ زمين کي (هموار ڪري) ڪشادو ڪيائون. پوءِ ٻه صُفا (حجرا)پنهنجي حرم لاءِ هڪ صُفو (حجره) پنهنجي والد لاءِ ٺهرايائون. هڪ مسجد، ٽن گنبذنسان، پاڻ پنهنجي سر بيهي ٺهرايائون. پوءِ ’ڀٽ‘ جو تَر ۽ برُ اڳئين کان وڌيڪ ويڪرو۽ ڪشادو ٿيو جو سَوَن فقيرن مٽي کڻي اچي ان جي مٿان وڌي. پوءِ (شاهه صاحب) پاڻپنهنجي عصا جي چوٽيءَ سان (نقشي جي صورت ۾) ليڪا ڪڍي درگاهه جي خليفن لاءِ جاينجون حدون نروار ڪيون، ۽ پوءِ هر هڪ پنهنجي پڄندي ۽ مرتبي آهر پنهنجي پنهنجي حد ۾ائين جايون جوڙايون جيئن حضرت اولياء صاحب رٿ ڪري ڏنيون هيون، ۽ انهن جون ڀتيوناڃان تائين (1880-1887ع ۾) بيٺون آهن (لطائف لطيفي، ص 36).

آخريطور ڀٽ تي اچي ويهڻ کان اڳ مٿئين ڪم پوري ڪرڻ ۾ وقت لڳو هوندو ۽ اهو ڪن مرحلن ۾پورو ٿيو هوندو. پهريون مرحلو اهو هو جو شاهه صاحب هتي اڪيلي سر پئي آيو ويو ۽ڪجهه وقت کان پوءِ ماڳ پسند آيس ۽ اتي پنهنجو تڪيو (عارضي رهائش) ڪيائين. ان بعدبعضي پنهنجن فقيرن سان گڏ اچي ٿي هتي رهيو، ۽ انهيءَ عرصي دوران جهنگ وڍي صافڪيائون، زمين هموار ڪيائون، ان سرزمين کي ڪشادو ڪيائون، ۽ ان جي چڱي خاصي ڀاڱي تيمٿان مٽي ۽ ڀنجهو وجهي پَٽ پڪو ڪيائون. جڏهن شاهه صاحب جي عمر چاليهه سال کن ٿي تهڀٽ تي ئي پنهنجي دائمي سڪونت جو ارادو پڪو ڪيائين. عمر جو اهو هڪ اهڙو مرحلو آهيجو هر سجاڳ دل واري انسان کي زندگيءَ جي نئين ورق ورائڻ جو خيال اچي ٿو. 1142ههوارو سال شاهه صاحب جي زندگيءَ جو چاليهون سال هو ۽ بالڪل ممڪن آهي ته 1142-1143ههواري عرصي ۾ ڀٽ واري ماڳ تي اهي جايون ٺهيون جن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. جاين ٺهڻبعد ئي سندس والد ۽ پاڻ ڪوٽڙيءَ مان لڏي هميشه لاءِ اچي ڀٽ تي مقيم ٿيا. هن بيان ۾جن جاين جو ذڪر آهي، سي سڀ پهريائين ڪچيون ۽محض اوٽ اَجهي لاءِ هيون. البت گنبذن واري مسجد جو ذڪر صحيح نه آهي جو اها پوءِٺهي جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. پهرين جيڪا مسجد ٺهي سا ڪچي ۽ صُفائين هئي.

(ب)شاهه حبيب جي وفات. ڀٽ تيدائمي سڪونت لاءِ تياريون ڪرڻ، جايون ٺهرائڻ ۽ ان بعد ڪوٽڙيءَ مان لڏي اچي ڀٽ تيويهڻ وارو مرحلو پورو ٿيو هو جو شاهه حبيب بيمار ٿيو. شاهه عبداللطيف پوءِ سڄوتوجهه پنهنجي شفيق والد ۽ مرشد جي چڱڀلائيءَ لاءِ دوا درمل ۽ خذمت طرف ڪيو. سندسسڀ فقير پڻ انهيءَ اوسيڙي ۾ هئا ۽ وڏي شاهه جي صحت ۽ عافيت لاءِ دعا گهرندا رهنداهئا. شاهه صاحب گهڻو سارو وقت حويليءَ ۾ اندر پنهنجي والد جي خذمت ۾ پئي گذاريو، ۽جنهن وقت ٻاهر ايندو هو ته فقير کانئس خيريت جو احوال پڇندا هئا. هڪ طرف شاهه حبيبپاڻ پنهنجي دينداري ۽ درويشيءَ جي ڪري مشهور هو ته ٻئي طرف شاهه عبداللطيف پنهنجيسر عام خاص ۾ مقبول هو. انهيءَ ڪري ڪيئي وڏا ڄاڻو طبيب آيا ويا هوندا، پر ڦڪين فرقنه ڪيو. شاهه عبد اللطيف سڄو وقت والد جي خذمت ۾ رهيو، ۽ پئي پيار ڀرين لفظن سانحال پڇائين. پر آخر اهڙو وقت آيو جو شاهه حبيب طرفان ڪا ورندي ڪانه وري. شاهه صاحبان وقت ٻاهر آيو ته سڀني کي اڳواٽ ڄاڻ ڏئي؛ جڏهن سندس پيارن فقيرن اڳتي وڌي اچيکانئس حال پڇيو تڏهن جواب ڏنائين ته:

اوٺي اٻهراٿيا، بيٺا تنگ ڪشين
ڪڇن پڇن ڪينڪي ورندي وات نه ڏين
لاکيڻا، لطيف چئي، ٿا منجهئون لوڪ لڏين
نيڻ نماڻا کڻيو هنجهون ٿا هارين
سي جنگ جواب نه ڏين، ڪنهن ڏاڍي ڪيف ڪڪوريا(1)

جڏهن شاهه حبيب وفات ڪئي ته شاهه لطيف پاڻ پنهنجي والد کيڀٽ تي اُتي دفنايو جتي هن وقت سندس مزار آهي. اهو سال 1144 هجري هو جڏهن شاهه حبيبگذاريو. شاهه عبداللطيف جنهن اڳيئي سڪ ۽ صبر جا پيالا پيتا هئا سو رضا الاهي تيراضي رهيو جو سندس شفيق والد هن جهان مان سرخرو ٿي هُن جهان طرف لاڏاڻو ڪيو. ٺٽيجي نامياري عالم ۽ اديب ميان محمد صادق نقشبندي، جيڪو شاهه عبداللطيف جي مريديءَ جيدائري ۾ داخل ٿي چڪو هو، تنهن حضرت شاهه صاحب جي رضا ۽ تسليم واري حال موافق شاھ حبيب جي وفات جي تاريخ هيٺئين عربي ماده مان ڪڍي جيڪو معنوي اعتبار سان نهايت ئيموزون ۽ بي بدل آهي:

”اَلموتُ جِسر يُوصِل الحبيبَ لِلِقاءِ الحبيبِ“

يعني: ”موت هڪ پُلآهي جيڪا هڪ دوست (’حبيب‘) کي ٻئي دوست سان ملائي ٿي“(2). پوءِ شاهه صاحب جڏهن والد جو قبو تعمير ڪرايوته اهو ساڳيو تاريخي فقرو سامهون در تي سهڻو ڪري لکارايائين جيڪو اڃان تائين موجودآهي.

مرشديجو مسند سينگارڻ. شاههعبداللطيف کي مرشدي جو مسند ورثي ۾ مليو پر پنهنجي والد وانگر سندس طور طريقو پڻ ’رسميمرشدي مريدي‘ کان الڳ هو. شاهه حبيب پنهنجي وقت جو هڪ وڏو بزرگ ۽ حال جو صاحب هو.ميين شاهه ڪريم کان پوءِ، ڪريم- پوٽن ۾ شاهه حبيب تصوف جي قادري طريقي ۾ وڏي فيضوارو ٿيو، سندس وڏي مڃوتي ٿي ۽ گهڻا ماڻهو سندس مريد ٿيا. سندس وفات بعد اهي سڀفطري طور شاهه عبداللطيف ڏانهن متوجه ٿيا. شاهه لطيف پاڻ قادري طريقي ۾ هيٺئينسلسلي موجب پنهنجي والد شاهه حبيب کان دست بيعت ٿيل هو:

شاهه عبداللطيف پنهنجي والد حبيب الله شاهه کان قادري طريقي جي خلافت جو خرقوڍڪيو، حبيب الله شاهه پنهنجي والد عبدالقدوس شاهه کان، ان پنهنجي والد جلال شاهه (جمالشاهه) کان، ان پنهنجي والد شاهه عبدالڪريم کان، ان پنهنجي مرشد سلطان ابراهيمبهاري کان، ان پنهنجي مرشد سيد احمد قادري حسني حموي (شام جي شهر ’حما‘ جي) کان،ان پنهنجي والد سيد علي هاشمي کان، ان پنهنجي والد سيد شهاب الدين احمد کان، انپنهنجي والد سيد شرف الدين قاسم کان، ان پنهنجي والد سيد بدرالدين يحيٰ کان، انپنهنجي والد سيد نورالدين حسين کان، ان پنهنجي والد علاؤالدين علي کان، ان پنهنجيوالد سيد شمس الدين محمد کان، ان پنهنجي والد سيد سيف الدين يحيٰ کان (جيڪو حضرت پيرانپير جي اولاد مان پهريون بزرگ هو جيڪو بغداد مان لڏي اچي حما ۾ مقيم ٿيو هو)، انپنهنجي والد سيد ظهيرالدين احمد کان، ان پنهنجي والد سيد شمس الدين ابونصر محمدکان، ان پنهنجي والد قاضي سيد ابو صالح نصر کان، ان پنهنجي والد سيد حافظ ابوبڪرتاج الدين عبدالرزاق کان، ان پنهنجي والد شيخ الاسلام حضرت غوث اعظم سيد محي الدينابو محمد عبدالقادر جيلاني کان جيڪو قادري طريقي جو باني مباني هو(2).

جئن ته شاهه صاحب ساڳئي وقت پنهنجي والد توڙي مرشد جو جاءِنشين هو، انَهيءَ ڪري مخلص مريدن جي دلجوئي، خير خواهي ۽ رهبري خاطر، شاهه صاحب پنهنجي والدکان عنايت ٿيل تصوف جو طريقو ختم ڪونه ڪيو پر بدستور جاري رکيو؛ البت هو نه ڪنهنکي پنهنجي مريد ٿيڻ جي ترغيب ڏيندو هو ته نڪي پاڻ ڪنهن کي رسمي طور مريد ڪندو هو.اهي ماڻهو جيڪي سندس فيض واري صحبت ۽ رفاقت يا سندس عارفانه ڪلام ۾ سمايل حقيقت ۽هدايت کان متاثر ٿي ساڻس صدق ۽ اخلاق جو ناتو ڳنديندا هئا تن جي عقيدت، سندس شفقتجي ڪري، ڏينهون ڏينهون وڌندي ويندي هئي. سندس اهڙن ارادتمندن بلڪ عاشقن (عرف عام ۾سچن ’مريدن‘) جي صف ۾ اڻ پڙهيل توڙي پڙهيل ۽ عالم شامل هئا: مثلاً هڪ طرف سنڌ ۾ٺٽي جو عالم مخدوم محمد صادق عقيدتمند ٿيو ته ٻئي طرف ڪڇ جا سادا غريب جت بلوچ سچاسر گهور مريد ٿيا. تصوف ۽ طريقت ۾ شاهه صاحب پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم واروسلسلو اختيار ڪيو. ميين شاهه ڪريم جيتوڻيڪ بعد ۾ پنهنجي مرشد سلطان ابراهيم بهاريکان قادري طريقي جي خلافت جو خرقو ڍڪيو هو مگر ان کان اڳ هو سهروردي طريقي مانفيضياب هو. انهن طريقن جي عارفن جي نقش قدم تي هو سنت جماعت جو پورو پيروڪار هو.ساڳئي وقت هو پنهنجي مرشد سلطان ابراهيم وانگر، ذاتي ارادت ۾ ”اويسي“ هو: يعني نبيڪريم (صلعم) جي عاشق اَوَيس قَرني وانگر غائبانه رسول الله (صلعم) کان رشد هدايتحاصل ڪيائين. شاهه عبداللطيف کي حضرت محمد مصطفيٰ صلعم سان حقيقي ۽ شعوري عقيدتهئي جو ’رسالت‘ کي ’توحيد‘ جي تصديق لاءِ لازمي ڪري ٿي ڄاتائين:

’وحده  لاشريڪ  لہ‘  جئن ٿو  چئين  ايئن

تان مڃ محمد ڪارڻي نِرتئون منجهان نينهن‘

۽ حضرت جن جي ’عبديت‘ (’عبده و رسولہ‘) واري مقام کي انسانيت جو لاحد وارومعراج ڪري ٿي مڃيائين:

’نڪا ابتدا ’عبد‘ جي نڪا انتها‘

شاههعبداللطيف جي حضرت رسول اڪرم سان بي انتها محبت هئي، بلڪ عشق هو جو سندن اعليٰاخلاق ۽ ڪردار ۽ نئين نياپي سان هڪ نئون جهان روشن ٿيو: اڳيان وهم ۽ وسوسا ويا ۽غلام آزاد ٿيا، ’ڇوريون ڇرڻ سکيون‘ ۽ ’ڏُکيون ڏِک ويٺيون‘. شاهه عبداللطيف سندسزندگي جي عارفانه بصيرت واري هن دور ۾، ’اويسي طريقي‘ سان پنهنجو روحاني رشتو حضرتنبي صلعم سان ڳنڍيو، مگر ان جي باوجود جئن ته پاڻ سلوڪ ۽ طريقت ۾ ’مرشدي‘ جي مقامتي فائز هو انهي ڪري، پاڻ هڪ خاص قدم کنيائين جيڪو سندس اعليٰ شعور تي شاهد آهي.

مخدوم محمد معين ڏانهن خط ۽ سوال: سلوڪ ۽ طريقت جا رهنما ۽ عارف عاميسطح وارن ويچارن کان آجا هوندا آهن. عام سطح تي ’اويسي طريقي‘ بابت البت اهڙاويچار پيدا ٿي سگهن ٿا ته غائبانه مرشد وٺي سگهجي ٿو يا نه، ۽ اهل مماتي وارن کي بهمرشد وٺي سگهجي ٿو يا نه! شاهه صاحب هنن مسئلن جي وضاحت لاءِ ٺٽي جي وڏي محقق عالم۽ صوفيمخدوم محمد معين ڏانهن، جيڪو ان وقت شاهه صاحب سان محبت ۽ عقيدت جي رشتي ۾ اچي چڪوهو، اويسي طريقي بابت هڪ خاص خط لکيو جنهن جو مخدوم صاحب تحقيق ۽ تفصيل سان جواب ڏنو، ۽پوءِ فارسي ۾ لکيل انهن ٻنهي خطن جو متن ’رسالہ اويسيہ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو.هيٺ شاهه صاحب جو سڄو خط ۽ مخدوم محمد معين جي لکيل تفصيلي جواب جو اختصار ڏجي ٿو ته جيئن ٻنهيجو موضوع ۽ مقصد معلوم ٿي سگهي ۽ پڻ شاهه صاحب جو هيءُ تاريخي خط سامهون اچيوڃي(1).

سوال خُدام حضرت شاههصاحب سَلمہ الله

[1] چه فرمايندعلماء کرام مراجع انام اندر آنچه لفظ ”اويسي“ در کلام طائفه صوفيه رضوان اللهتعاليٰ عليهم اجمعين واقع شده يا نه؟ و بر تقدير که واقع شده باشد، چه معنيٰدارد؟ اکر ”اويسي“ کسي است که فيض از روحانيت گيرد، مرشد ظاهر با اين منافاتدارد يا ندارد؟

[2] و نيز فيضگرفتن از ميت در عالم برزخ عقل و شرع آنرا تجويز نمايد يا نمايد؟

[3] و نيز فقر وسلوک را باقوال علماي ظاهر منافات هست يا نه؟

[4] و نيز يکي ازکباران اولياء الله تعاليٰ که مشهور بخوارق عادات و کرامات باشد، ليکن سلسلہءارادت بتعين مشائخ، مثل سلسله نقشبنديه و قادريه مشهور ندارد، طريقہء آن بزرگراسست بنياد و بي اصل توان گفت يا نه؟

[5] شما که علمايحامي دين و بيان کننده قبيح و حسن اند، مي پرسم شمارا که جواب اين مقدمات چهباشد؟ و ميخواهم که بعبارت فارسي سهل الماخذ آنرا بقيد قلم آريد که نفع عام شودو انتفاع باقي مانده جزاکم الله سبحانه و عافاکم کشا يُحب و يرضي و اَجرکم و رضيعنکم آمين.“

جواب خُدام حضرت مخدومناسَلمہ الله

حامداً لِله سبحانالعظيم و مصليا و مسلما علي رسولہ الکريم و اهل بيتہ الفخيم و اصحاب ذوي الفضلالعظيم- اما بعد:

[1] جواب سوال اولآن است که ”اويسي“ در کلام حضرات صوفيه واقع شده و اشتهار يافته، چنانچہ بر ناظرکتب قوم مخفي و مستور نباشد-  و ”اويسي“کسي را گويند که روحانيان را در تربيت و تکميل او دخل باشد- و اين معني منافاتيا پير ظاهر ندارد....

[2] جواب سوالدويم ان است که فيض گرفتن از اهل قبور و امداد جستن از ايشان شرعا و عقلا جائزاست و در حکايات احوال مشائخ عظام که بنقل ثقاة رواة بثبوت پيوسة است، واقع و کائن است- و نزديک طائفه صوفيه کرام امرياست معهود و مشهور ....

[3] جواب سوالسيوم آن است که تبعيت علماءَ، که تبعيت شرع محمدي است، شرط فقرو سلوک است،منافات چه معنيٰ دارد.....

[4] جواب سوالچهارم آن باشد که چندين هزار اولياء مقربين گذشته اندکه سلسله مشائخ ايشان شهرتنداشت- اين همہ دوستان خدا بگمنامي در جهان و باديها عمر بسر بردند مگر اولياءببودند. امام يافعي در ”روض الرياحين“ اولياء را نقل مي کند آنها که داند که درکدام سلسله بوند و از شيخ کدام واسطه داشته اند، خواجه حافظ شيرازي کسي نميداندکه از که سبق علوم باطن خوانده- چانچه در ”نفحات“ آورده است اين معني شرط ولايتنيست و بدين سبب طعن نمودن و طريق ايشان را بي اصل گفتن جرات و گستاخي است.

[5] والله سبحانہو تعاليٰ هو العاصم عن الزلل و الخطاء والنسيان و هوالمستعان و عليه التکلان.اميد از نظر کنندگان اين چند ورق آن است که اين عاصي سراسر معاصي محمد الملقببالمعين اين محمد الملقب بالامين را بدعاء حصول حقيقت اسلام و وصول باسرار شريعتمظهر و ختم بر کار بران کنند.

شاههصاحب هن خط ذريعي پنهنجي ذاتي ضرورت پوري ڪرڻ کان وڌيڪ ٻين جي تسڪين لاءِ وضاحت ٿيطلب ڪئي؛ کيس جيتوڻيڪ پنهنجي والد کان قادري طريقي ۾ فيض مليو، پر ان سان گڏ پاڻپنهنجي سر اويسي طريقي ۾ اعليٰ مدارج کي پهتو ۽ حضرت نبي صلي الله عليه وسلم جيروحاني فيض سندس قلب کي ويتر وڌيڪ روشن ڪيو. هن خط مان ظاهر آهي ته سلوڪ ۽ طريقتجي راهه ۾ ٻين جي رهنمائي خاطر، ظاهري اسباب طور پڻ شاهه صاحب قابل قدر قدم کنيوجنهن مان سندس ’مرشد هئڻ‘ جي وڌيڪ تائيد ٿئي ٿي. خط جي عبارت ۽ سوالن جي سلسلي مانشاهه صاحب جي علم ۽ فڪر تي ڪافي روشني پوي ٿي. مخدوم محمد معين کي سندس خاص تاڪيد تهسليس فارسيءَ ۾ جواب ڏيو جئن هرڪو سمجهي سگهي، ڏيکاري ٿو ته شاهه صاحب کي سليس ۽مشڪل فارسي عبارت جي فرق جي پوري ڄاڻ هئي. اها شاهدي شاهه صاحب جي فارسي مانواقفيت تي هڪ خاص دليل آهي.

(ج) ڀٽ تي فاقيرو نظام ۽ انتظام قائم ڪرڻ. ڀٽ کي وسائڻ ۽ اتي دائمي طور سڪونت اختيار ڪرڻ سان شاهه صاحبجو عالم اسباب ڏانهن متوجهه ٿيڻ لازمي هو. جڏهن کان وٺي ڀٽ کي هموار ڪرڻ شروعڪيائون ۽ شاهه صاحب جو اتي ڪجهه وقت رهڻ ٿيو، تڏهن کان وٺي فقيرن کي ڪم ونڊي ورڇيپئي ڏنائون. ڪوٽڙيءَ مان ڀٽ تي لڏي اچڻ بعد ايندن ويندن جي آڌرڀاءُ، بَٺيءَ جي انتظام،۽ حويليءَ جي سنڀال جي سلسلي ۾ شاهه صاحب وڏي پوئواري ڪئي. مسجد ۽ جماعت جي خدمتخاص فقيرن جي حوالي ڪيائين، ۽ پڻ راڳ لاءِ خاص فقير مقرر ڪيائين. اهو نظام ۽انتظام جئن پوءِ تئن وڌندو ۽ وڌيڪ سهڻو ٿييندو ويو، تان جو سندس زندگيءَ جي پوينسالن ۾ اهو سڄو نظام هر لحاظ سان مڪمل طور پوري پابنديءَ سان هلڻ لڳو(1). ان وقت، جدا جدا ڪم هيٺينءَ طرح جدا جدا فقيرنجي حوالي هئا:

مائي گنگا جت، مائي صالحان تُنياڻي ۽ مائي بُوئاوساڻ اندر حويليءَ ۾ خذمتگار هيون.

عبدالواسع فقير سالارو، سکر فقير ڏيرو، اسماعيل فقيرسمون ڀينءَ پوري، فقير سيد نهال شاهه، اسماعيل فقير ڏيرو، اجن فقير ڏيرو، ڪمالفقير سينهڙو، ورو فقير عرف ’وڳنڌ‘، نور محمد فقير ابڙو ڪاٺڙي مڪان جو، عمر فقيرسهتو، فقير سيد سائينڏنو موسيٰ پوٽو مٽياروي ۽ بچو فقير خاص حاضري جا فقير هئا.عمر فقير سهتو، شاهه صاحب جو خاص خادم هو جنهن کيس ننڍي هوندي نپايو هو. شاهه صاحبجو هنڌ بسترو سيد سائينڏني جي حوالي هو ۽ هو ئي هنڌ وڇائيندو هو. بچو فقير ڪونئروجهليندو هو. عبدالجميل فقير انڙ، شاهه صاحب جو مصلو ۽ تسبيح سنڀاليندو هو، ۽ نماز۽ عبادت جو بندوبست سندس حوالي هو.

خليفو محمد عالم ڏيرو، شاهه صاحب جو ماسات، ذڪر ۽سماع جو نگران هو(2).

سومر فقير لاڙڪ، هڪ پهتل درويش هو جنهن کي شاهه صاحبکان پيري مريدي جو ارشاد مليل هو: يعني ته ڪو مريدٿيڻ ايندو هو ته سومر فقير جي حوالي ٿيندوهو. ٻيا فقير سندس وڏو ادب ڪندا هئا(1).

عارف فقير ٿيٻو ٽنڊي الهيار (تعلقي) جو وڏو عابد شخصهو ۽ نوِئي فقيرن کي عبادت جي ترغيب ڏيندو هو ۽ نماز سيکاريندو هو.

عنايت فقير وساڻ جت ٿي ڪَجائي جو رسو جهليندو هو.

رحمون فقير بورچي هو.

قاسم فقير حجام هو ۽ شاهه صاحب جي سنوارت ‎ٺاهيندوهو.

احمد فقير سمون، گهَلين جو، شاهه صاحب جي گهوڙي’چنگل‘ جو سئيس ۽ گاهي هو.

ونهيون فقير سالاراڻي جت،’موتي‘ ۽ ’گردگان‘ يا ’کينهون‘ نالي ٻن ڪتن کي سنڀاليندو هو (اهي ننڍڙا گلر هئا جوشاهه صاحب ڪٿي ڏٺا ۽ بک پئي مئا، سو ٻنهي کي کڻي آيو. ونهيون فقير انهن جو خاصخذمتگار هو).

محمد رحيم فقير، شاهه صاحب جو منشي هو ۽ لکپڙهه جوڪم سندس حوالي هو.

انهن کان سواءِ راڳائي فقير جدا هئا، جيڪي حضرت شاههصاحب کي نهايت پيارا هئا، ۽ جن جو ذڪر اڳتي ايندو(2).

ڪمن جيمٿين تقسيم ۽ تڪميل شاهه صاحب جي خداداد تنظيمي صلاحيت، مردم شناسي ۽ دلنواز شخصيتجو نتيجو هئي. اصل ۾ اهو سڄو نظام محبت جي مضبوط بنياد تي ٻڌل هو. شاهه صاحب کيهميشہ اهو خيال رهندو هو ته جئن ڪنهن به فقير کي ڪابه تڪليف نه پهچي، ته فقيرن کيوري اها اڻ تڻ هوندي هئي ته جيئن ڪابه ڪوتاهي نه ٿئي. شاهه صاحب جي محبت ۽ دلنوازيجو اهو معجزو هو جو ڪنهن به فقير ڪنهن به ڪم ڪرڻ کان ڪونه ٿي ڪيٻايو. وَنهيون فقيرسالاراڻي جت جيڪو تازو خذمت ۾ حاضر ٿيو هو ’موتي‘ ۽ ’کينهون‘ ٻنهي ڪتن جي سنڀالتنهن جي حوالي ٿي. سندس سڄو ڌيان ان طرف هوندو هو. هڪ ڏينهن فقير ماني تي ويٺا تهٻيل ٻڌي ويٺا. ’موتي‘ ويٺو هو پر کاڌو ڏنائونس ته نه پيو کائي (جو ’کينهون‘ ڪٿيٻئي پاسي هو). شاهه صاحب کي ٻڌايائون ته چيائين: ”ابا موتي اڪيلو آهي، هن جو سنگتيڪونهي: جي ڪو ٻيل ٻڌيس ته کائي“. ونهيين کي شاهه صاحب جا اهي لفظ دل ۾ وسي ويا ته’هن جو به سنگتي هجي جو هن سان ٻيل ٻڌي ۽ گڏجي کائي“، سو ونهيين فقير ويهي موتيسان گڏ کاڌو. ان ڏينهن کان وٺي شاهه صاحب جي ونهيين فقير تي وڏي مهر ٿي جو چيائونته ”جتي ونهيون ڪتائي، اتي ڀٽائي.“ ونهيين فقير کي ڀٽائي صاحب پوءِ خلافت جي ڦڙڪيٻڌائي.

(د) ڀٽ تي ’سماع ۽ ذڪر‘ جو سلسلو ۽ راڳ جو ادارو قائم ڪرڻ. ڀٽ کي وسائڻ ۽ اتي سڪونت اختيار ڪرڻ سان، شاهه صاحب اتي سماع جو سلسلو شروعڪرايو، ۽ ان کانپوءِ راڳ جو ادارو پڻ قائم ڪيو.

سماع. ڀٽ تي ٿيندڙ سماع جي نوعيت ۽ فقيرن جي سيني به سيني روايتمان معلوم ٿئي ٿو ته ميين شاهه ڪريم جي درگاهه تي ٿيندڙ سماع ۽ ذڪر واري سلسلي کيئي شاهه عبداللطيف ڀٽ تي قائم ڪيو. سماع جو شغل رات جو ٿيندو هو. ماهه پهرئينسومار جي رات ۽ حج جي رات خاص سماع لاءِ مقرر ٿيون. جمعي جي ڏينهن ۽ عيدن جي موقعنتي پڻ نماز بعد سماع ٿيندي هئي. ميين شاهه ڪريم جي وقت ۾ غالباً سماع جي شروعاتسياري ۾ ٿي؛ سياري ۾ ٻني ٻاري جو ڪم گهٽ هو ۽ فراغت وڌيڪ هئي. رات جو سماع جي شغلوقت، سياري جي سيءُ کان توڙي روشنيءَ خاطر مچ ٻاريندا هئا ۽ فقير پڻ چوڌاري مچ کيويجها ٿي سماع ڪندا هئا. سماع جي سلسلي ۾ سُر سان بيت، ضَربون ۽ ذڪر شامل هئا.انهيءَ ساڳئي نموني سان ڀٽ تي پڻ سماع ۽ ذڪر شروع ٿيو، جنهن جو اڳواڻ شاهه صاحب جوماسات ۽ وڏو خليفو محمد عالم ڏيرو مقرر ٿيو. خليفو محمد عالم سماع لاءِ مچ ٻاريندوهو، جنهن جي اُتر طرفان خليفو پاڻ ۽ سندس ساٿي، ۽ سامهون ڏکڻ طرفان تمر فقير ۽سندس ساٿي بيهندا هئا. ان بعد شاهه صاحب ايندو هو. پهريائين ’هو اَلو‘ جون ٽيتسبيحون ٿينديون هيون. ان کان پوءِ خليفي محمد عالم جي ٽولي جو فقير بلاول ياڌناسري جي سُرن مان بيت ڏيندو هو، ۽ پهرين سٽ آلاپڻ بعد خليفو محمد عالم”اَلقارِعَة مَا القارعَة“ (قرآن شريف جي سورة جا الفاظ) جي ضرب هڻندو هو. ان بعدسامهون تمر فقير وارا ساڳي سٽ پڙهي ٻه ضربون هڻندا هئا. ساڳئي وقت فقير مچ جيچوڌاري بالڪل آهستي پير پير ۾ ڏيئي ڦرندا هئا، اهڙيءَ طرح جو سَوا ڦيري ۾ سڄي سماعختم ٿئي. آخر ۾ مچ جي الهندي طرفان سڀ ويهي گڏجي ذڪر ڪندا هئا ۽ ذڪر ۾ پڻ سُر سانبيت پڙهندا هئا(1). پڇاڙيءَ ۾ دعا گهُري اٿندا هئا.

اهو چئي نٿو سگهجي ته ڀٽ تي جڏهن پهريائين سماع جو سلسلوشروع ٿيو ته فقير ڪهڙا بيت ۽ ڪنهن جا بيت پڙهندا هئا. ٿي سگهي ٿو پهريائين ميينشاهه ڪريم يا ٻين اڳين بزرگن جا بيت پڙهيا ويا هجن، پر پوءِ شاهه صاحب جا بيت ئيسماع ۾ پڙهيا ويا. اهو پڻ معلوم ناهي ته ان وقت بلاول ۽ ڌناسري کان سواءِ ٻين ڪهڙنسُرن جا بيت پڙهندا هئا، مگر هن وقت ڀٽ تي سماع ۾ هيٺين سُرن جا بيت پڙهيا وڃن ٿا،۽ ٿي سگهي ٿو ته شاهه صاحب جي وقت ۾ پڻ انهن ساڳين سُرن جا بيت پڙهيا ويا هجن،جيڪي اڃان تائين هلندا اچن.

پهريون ڦيرو (سڄو)

ڦيري جيپهرين چوٿين پتي ۾  سُربلاول جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت

ڦيري جيٻي پتي ۾  سُرسري راڳ جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت

ڦيري جيٽي پتي ۾  سُرسامونڊي جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت

ڦيري جيباقي چوٿين پتي ۾  سُرسورٺ جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت

ٻيوڦيرو (چوٿين پتي)  سُرراڻو ۽ سُر حسيني جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت

جملي سوا ڦير  جمليڇهه سُر

موجوده وقت ۾ عيدنجي ڏينهن تي نماز بعد سماع ۾ فقط ٽن سُرن يعني بلاول، راڻي ۽ حسيني مان بيت پڙهنداآهن(2).

راڳ جو ادارو. سماعجي هن نظام ۾ بيتن جو سُر سان پڙهڻ، سڀني جو گڏجي ذڪر جي سُرائتي توار ڪرڻ، تار ۾سمايل ضربون هڻن، ۽ گول حلقي ۾ ڦرڻ جا عنصر شامل هئا، جيڪي پوءِ راڳ جي اوسر لاءِڄاڻ ۽ بنيادي ترغيب جو باعث بڻيا.

سنه1142هه ۾ جڏهن شاهه صاحب ’ڀٽ‘ کي وسايو ته فقير پڻ اتي رهڻ لڳا، جن مان ڪي خاص راڳجي ذوق ۾ راڳائي ٿيا ۽ راڳ ڪرڻ لڳا. مير عبدالحسين خان ’لطائف لطيفي‘ ۾ اهو نڪتو نروارڪيو آهي ته: شاهه صاحب کي راڳ ئي ڀٽ تي رهايو، نه ته پاڻ پنهنجي جذبي ۽ جوش ۾ هتانکان هتي گهمندا ڦرندا رهيا. راڳ جي رس سان ئي سندن تسڪين ٿي ۽ راڳ خاطر ئي ڀٽ کيوسائي ويٺا(1).

فقيرشروع ۾ شاهه صاحب جا بيت ۽ وايون فراغت واري وقت ۾ گڏجي ڳائڻ لڳا، پر پوءِ شاههصاحب جي توجهه سببان خود فقيرن ۾ ايڏو ذوق وڌيو جو ڄڻ راڳ سندن واسطي هڪ روحانيخوشي واري خوراڪ بنجي ويو. سنه 1144هه ۾ شاهه حبيب جي وفات کانپوءِ، راڳائي فقيرنجي جيڪا ڪيفيت هئي، تنهن بابت ’لطائف لطيفي‘ ۾ هيٺيون بيان نقل ٿيل آهي(2):

”لطيفي فقير جيڪي راڳائيهئا، تن مان گهڻن کي واري جو تپ ٿي پيو. جڏهن مونجهه ۽ پيڙا کان پريشان ٿيا تهحضرت شاهه صاحب سان طبيعت جي ناسازي جي شڪايت ڪيائون. تڏهن شاهه صاحب کين ارشادفرمايو ته: ’هر جمعي رات سندم والد بزرگوار (شاهه حبيب) جي درگاهه تي لطيفي سازوڄايو ۽ راڳ ڳايو‘. فقيرن ان تي عمل ڪيو ۽ بالڪل چڱا ڀلا ٿي ويا. هو پهر رات کانپوءِ راڳ شروع ڪندا هئا ۽ صبح صادق وقت بس ڪندا هئا. پر ڳچ وقت گذرڻ کان پوءِباقاعدگي سان راڳ ڪرڻ ۾ سستي ڪيائون ۽ وري اچي کين تپ ورايو. انهيءَ ڪري پوءِهميشہ لاءِ (باقاعدگي سان جمعي رات) راڳ ڪندا رهيا، جو ويندي هن وقت تائين جمعيرات راڳ ڪندا رهن ٿا.“

هن مانظاهر آهي ته شاهه حبيب جي وفات کان پوءِ ئي فقيرن کي شاهه حبيب جي روضي اڳيان هرجمعي رات راڳ ڪرڻ جو ارشاد ٿيو. ائين ڪيائون پر وري وچ ۾ وٿي پئجي وئي. ان کانپوءِ وري هر جمعي رات باقاعدگي سان راڳ شروع ڪيائون، ۽ پوءِ اهو سلسلو هميشہ لاءِجاري رهيو. هن بيان مان انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته سنه 1144هه ۾ شاهه حبيب جيوفات واري تاريخ کان پوءِ، هڪ ٻن مهينن اندر، شاهه صاحب جمعي جي رات راڳ لاءِ مقررڪئي، ۽ راڳائي فقيرن کي خاص هدايتون ڏنيون جن موجب هر جمعي رات راڳ ٿيڻ لڳو جنهن ۾فقير شاهه صاحب جي بيتن ۽ واين کي جدا جدا سرن ۾ ڳائڻ لڳا. اهڙيءَ طرح سنه 1144ههکان وٺي ’شاهه جو راڳ‘ بحيثيت هڪ اداري جي هميشه لاءِ قائم ٿيو(3). راڳ لاءِ شاهه صاحب جي رهنمائي هيٺ هيٺياناهتمام ٿيا: 1. هن درد ۽ محبت پيدا ڪندڙ ۽ دلين کي جياريندڙ راڳ لاءِ شاهه صاحبسندس بيتن ۽ واين جي ذخيري مان ڪي خاص ڀاڱا (موضوع) چونڊيا ۽ انهن جي ڳائڻ لاءِ’سر‘ (راڳ) مقرر ڪيا. اڳتي هلي انهن اصولن موجب ’شاهه جو راڳ‘ سرن مطابق وڌيڪاهتمام سان کايو ويو. 2. راڳ ۾ وڄت لاءِ ’دنبوري‘ جو نئون ساز استعمال ٿيو، ۽پهريون دنبورو شاهه صاحب پاڻ ٺٽي ۾ ويهي ٺهرايو. 3. راڳ ڳائڻ لاءِ وقت مقرر ڪيوويو ۽ ان جي پوري پابندي ڪئي وئي، هن طرح جو عشا جي نماز جماعت سان ادا ڪرڻ بعدراڳ جي شروعات ٿي ۽ فجر جي نماز کان اڳ راڳ جي خاتمي جي دعا گهري وئي. 4. راڳلاءِ، راڳائي فقير چونڊيا ويا ۽ تمر فقير کي راڳ جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو.

ان طرح’شاهه جي راڳ‘ جي اداري جي هڪ باقاعدي تنظيم مطابق تڪميل ٿي جنهن موجب ڀٽ تي هرجمعي رات توڙي عيد ۽ حج جي موقعن تي راڳ ٿيڻ لڳو، پر اهو سڄو انتظام محض رسمي نههو: زندگي جي هن مرحلي تي (۽ غالباً ان کان اڳ پڻ) راڳ شاهه صاحب لاءِ روحانيخوراڪ بنجي چڪو هو. انهيءَ ڪري ايندڙ سورهن سالن کن تائين (1145- 1161هه)، شاههصاحب جڏهن به ٻاهر سفر تي ٿي ويو ته راڳائي فقير به پاڻ سان گڏ ٿي کنيائين، ۽ سفر۾ به هر رات ’راڳ‘ باقاعدگي سان ٿي ٿيو. جڏهن شاهه صاحب وقت جي ڪن وڏن عالمن وٽ ٿيويو ته انهن پڻ سندس ’دل جياريندڙ راڳ‘ جي سلسلي ۾ کيس بيوس ۽ بي ميار ڪري ٿيڄاتو. سفر ۾ ’شاهه جي راڳ‘ جي آخري محفل سنه 1161هه ۾ ٺٽي جي شهر ۾ ٿي جنهن حاضرينجي دلين ۾ ايڏو ته درد ۽ عشق الاهي وارو اثر پيدا ڪيو جو اتي وڏي حال وارن مانمخدوم محمد معين ان رس ڀريي راڳ جي پيدا ڪيل جذبي ۽ احساس جي اثر هيٺ وفات ڪئي.

(هه) وڏن جي درسگاهن جي سنڀال ۽ تعمير. شاهه صاحب معنوي لحاظ سان ’وڏي حال وارو‘هو، ۽ پڻ عملي طور ’حال‘ جو صاحب هو. انسان جي اعليٰ ڪردار ۽ ڪمال، حق جي تلاش ۽حقيقي وصال وارين منزلن ماڻڻ جي لحاظ سان سندس فڪر، لاحَد ۽ لامتناهِي ’مستقبل‘سان همڪنار هو جو چيائين ته ”جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا سپرين“. ساڳئي وقت شاهه صاحبجي نظر ۾ ’ماضي‘ پڻ وڏو معنيٰ خيز ۽ سبق آموز هو، ڇاڪاڻ ته اهو انسانن جي انفرادياخلاق ۽ ڪردار توڙي سماجي ريت ڪُريت جو آئينو آهي. وڏن جو ادب ۽ ريت رسم جو لحاظسنڌ جي تهذيب جو لازمي جز هو، جنهن کي شاهه لطيف وڏي اهميت ڏني، شاهه صاحب جيپنهنجي تربيت ۾ سندس وڏن جو هٿ هو، هاڻي جڏهنشاهه صاحب پاڻ اخلاق ۽ ڪردار جي اعليٰ منزل تي پهتو تڏهن وڏي احسان منديسان پنهنجن وڏن جي آثارن جي سنڀال ۽ تعمير ڏانهن ڌيان ڏنائين.

سڀ کان پهريائين بلڙيءَ ۾ ميين شاهه ڪريم جيدرگاهه سندس توجهه جو خاص مرڪز بني. شاهه صاحب جو والد شاهه حبيب، ڏاڏو عبدالقدوسشاهه، پڙڏاڏو جلال شاهه (جمال شاهه) سڀ اتي ڄاوا نپنا هئا. عبدالقدوس شاهه وفات بهاتي ڪئي ۽ پنهنجي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي مزار جي ويجهو دفن ٿيو. عزازت جي انهنرشتن کان وڌيڪ، شاهه صاحب جو پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم سان گهرو روحاني رشتوهو جو سندس هدايت ۽ تلقين کي دل سان لاتائين، ۽ ’بيان العارفين‘ کي سفر ۾ به ساڻکنيائين. جئن شاهه ڪريم بُلڙيءَ ۾ نئين ماڳ کي وسايو هو تئن پاڻ ’ڀٽَ‘ کيوسايائين. شاهه ڪريم وانگر ڀٽ تي ’سماع ۽ ذڪر‘ جو سلسلو قائم ڪيائين، ۽ ميين شاههڪريم جي چيل بيتن ڀران پاڻ بيت چيائين: نه فقط ايترو پر ڪن فقيرن کي جيڪڏهن ميينشاهه ڪريم جي ڪنهن بيت جي سٽ ياد نه هئي ته پاڻ ٻي چئي ان کي پورو ٿي ڪيائين(1). مثلاً شاهه صاحب کي جڏهن ڪن فقيرن ٻڌايو ته ميين شاهه ڪريم هيءَ هڪ سٽ چئي هئي(پر اڳتي سندس مراد الائجي ڪهڙي هئي) ته:

تَري  ڀَڳي   ڪِنگري   ٺلها   ڦيرا  ڏي

تڏهن چيائين ته: هائو ابا!

آڻي نَڪي ني، پر وڃي سَلهاڙي ساٿ سان.

 اهڙيونروايتون انهيءَ ڳالهه تي شاهد آهن ته شاهه صاحب جي ميين شاهه ڪريم سان وڏي محبت ۽عقيدت هئي. نننڍي هوندي پنهنجي والد سان گڏ، ۽ جوانيءَ ۾ پاڻ پنهنجي سر، بلڙي تيڀيرا ڪيائين، پر هاڻي پنهنجن فقيرن سان گڏ ڪريمي درگاهه تي وڌيڪ وڃڻ لڳو. اتي سماع۽ ذڪر جي شغل ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ ’ڀٽ‘ تي پنهنجو راڳ پڻ شروع ڪرايائين. ڪريمي فقيرن’شاهه جو راڳ‘ سکيو ۽ اهڙيءَ طرح ڀٽ کان پوءِ شاهه ڪريم جي درگاهه تي ئي سڀ کانپهريائين ’شاهه جو راڳ‘ ٿيو جيڪو اڄ تائين هلندو اچي.

زندگي جي هن دور ۾ ڏهن ٻارهن سالن تائين اهڙيعقيدت واري حاضري بعد، شاهه صاحب اڃان به وڌيڪ خذمت خاطر ميين شاهه ڪريم جي مزارتي روضي جوڙائڻ ۽ ڀرسان جامع مسجد ٺهرائڻ جو ارادو ڪيو، ۽ 54- 1156هه واري عرصي ۾ان ڪم کي وڏي همت ۽ محبت سان پورو ڪيائين: شاهه ڪريم جو سهڻي گنبذ سان روضو ۽ انجي اُتران لڳو لڳ عاليشان جامع مسجد جوڙايائين، ۽ اتان ويجهو ڏکڻ- اوڀر طرف پنهنجيڏاڏي عبدالقدوس شاهه جي تربت تي قبو ٺهرايائين. شاهه ڪريم جي روضي ۽ مسجد شريف کيڪاشي جي سرن سان سينگاريائين جيڪي ملتان مان آندائين ۽ پڻ اتان ڪاريگر آندائين جنبلڙيءَ ۾ ويهي وڌيڪ سرون ٺاهيون. اهو سڄو ڪم سنه 1156هجريءَ ۾ راس ٿيو، ۽ شاههصاحب جي ارشاد تي سندس معتقد ۽ مريد ۽ ٺٽي جي نامياري عالم مخدوم  محمد صادق نقشبندي ڪريمي درگاهه جي تڪميل جيتاريخ هيٺئين سهڻي فقري مان ڪڍي:

”هست درگاهه کريمي جلوه گاهِ حق ابد“

   (ابجد جي حساب سان عدد= 1156)

شاهه صاحب پوءِ انهيءَ تاريخيمصرع سان سينگاريل ڪَتَبو، ڪاشيءَ جي سرن تي نيرن اکرن ۾ لکائي روضي تي هڻايو(1). ٻي هڪ ننڍي سِرَ جنهن تي ’لطيف‘ لکايائين سا روضي جيدروازي واري سامهين ديوار ۾ اتران هڻايائين. ان وقت ڪريمي درگاهه جي گادي تيعبدالواسع شاهه (بن عبدالغني شاهه، بن محمد دليل شاهه بن دين محمد شاهه بن ميونشاهه ڪريم) هو جنهن جو ڌيان درگاهه کان وڌيڪ دنيوي ڪاروبار طرف هو. ان کي اچي وهمويٺو ته عبداللطيف شاهه درگاهه ٺهرائڻ کان پوءِ اندر وري پنهنجو نالو هڻايو آهي تهجئن وارث بنجي ۽ درگاهه تي قبضو ڪري: سو شاهه صاحب جي روانگي بعد خود پاڻ اچي اهاسِرَ جنهن تي ’لطيف‘ لکيل هو پٽائي ڦٽي ڪيائين. ان وقت شاهه لطيف ’بلڙي‘ مان اڃان’ڊَنڍي‘ جي شهر ۾ (بلڙي ۽ ٽنڊي محمد خان جي وچ تي) پهتو هو ۽ اتي ’ڪريم- پوٽي‘ سيدمحمد صلاح (بن ابوبڪر شاهه بن محمد شريف شاهه بن محمد دليل شاهه بن دين محمد شاههبن ميون شاهه ڪريم) وٽ ٽڪيل هو جو عبدالواسع شاهه جي سِر پٽائڻ جي خبر اچي پهتي،جنهن تي شاهه صاحب چيو ته: ”هن ضعيف جو نالو عبداللطيف آهي، باقي ’لطيف‘ نالو تهالله جل شانہ جي نالن مان هڪ آهي. شال ان ذات باري تعاليٰ کي ڪا غيرت نه اچي“(1).

درگاههڪريمي جي خاص خذمت ۽ تعمير کان پوءِ شاهه صاحب ڀٽ جي جاين ڏانهن توجهه ڪيو. شروع ۾اهي جايون تڪڙو تيار ڪيل هيون، پر هاڻي انهن کي وڌيڪ سهڻي سٽاءَ سان تعمير ڪيوويو. پنهنجي وڏي ڏاڏي شاهه ڪريم ۽ ڏاڏي عبدالقدوس شاهه جي مزارن جي تعمير بعد شاههصاحب پنهنجي والد شاهه حبيب جو مقبرو به پڪو ڪرايو ۽ ٻاهران دروازي جي مٿان وفاتجي تاريخ واري هيٺين مصرع جيڪا سندس مريد ۽ ڀلاري عالم مخدوم محمد صادق نقشبنديٺٽوي جوڙي هئي سا لکايائين:

”الموتُ جِسرٌ يوصل الحبيب للقاء الحبيب“

  (ابجد جي حساب سان عدد= 1144)

مسجد شريف شروع کانڪَچي پر مضبوط ٺهيل هئي، انهيءَ ڪري ان کي شاهه صاحب پوءِ پنهنجي زندگي جي آخريدور ۾ وڏو شاندار ڪري ٺهرايو.

(و) معتقدن مريدن وٽ وڃڻ ۽ حال وارن فقيرن ۽ درويشن سان ملڻ. مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته شاهه صاحب جي زندگيجو هن کان اڳيون ويهن- ٻاويهن سالن وارو دور (1120- 1142هه) طلب ۽ تحقيق وارو دورهو جنهن ۾ هن سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر سفر ڪيا، درويشن جا ماڳ مڪان ڏوري ڏٺا، ۽ سنڌجي جدا جدا ڀاڱن ۾ ڌنڌي پيشي وارن توڙي عام ماڻهن جي روزاني زندگي ۽ حال حقيقت کانواقف ٿيو. اهي پنڌ ۽ سفر سندس پاڻ پنهنجي تربيت ۽ پرجهه پروڙ خاطر هئا. زندگي جيهن ٻئي دؤر ۾، جيڪو چاليهن سالن جي عمر کان پوءِ وارو دور هو، شاهه صاحب پاڻ هڪجهانديده درويش ۽ حال ۽ قال جو صاحب هو. هن دور ۾ سندس مسافريون وڌيڪ سوچيل مقصدن۽ منزلن واريون هيون: يعني پنهنجن پيارن مريدن ۽ مخلصن وٽ ڀيرا ڪري سندن پوئواريڪرڻ، ٻين حال ۽ ڄاڻ وارن فقيرن سان ملڻ، ۽ عالمن عارفن سان سلوڪ ۽ معرفت واريونصحبتون ڪرڻ. هن دور جي مسافرين ۾، شاهه صاحب قرآن شريف پنهنجي دور لاءِ، ۽ ميينشاهه ڪريم جي ملفوظات ’بيان العارفين‘ ۽ مولانا رومي جي ’مثنوي‘ حاضرين جي وعظ ۽نصيحت لاءِ، پاڻ سان گڏ رکندو هو. سندس ارادتمند ميون محمد صلاح ساڻس گهڻو ڪري گڏهوندو هو ۽ ڏينهن جو اڳين نماز ۽ جمعي نماز بعد مثنوي پڙهندو هو ۽ ان جي شرح ڪندوهو. ان کان سواءِ راڳائي فقير شاهه صاحب سان انهن سفرن تي گڏ هوندا هئا ۽ رات جوسمهياڻي نماز بعد ’شاهه جو راڳ‘ ٿيندو هو.

شاههصاحب جي سير سفر بابت اڪثر خيالي انومان ڪڍيا ويا آهن ته هِتي به ويو هُتي به ويو،ائين جو ڄڻ هر جاءِ تي ويو، پر ان باري ۾ ڪي به اهڙا ٽاڻا يا اهڃاڻ نه ڏنا ويا آهنجن تي ڪو ڀروسو ڪري سگهجي(1). انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هن کان اڳئين دور ۾ توڙي هن دور ۾شاهه صاحب سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ڪيترن ئي ماڳن مڪانن تي ويو، پر انهن سڀني بابتصحيح معلومات محفوظ نه رهي آهي. البت سندس زندگيءَ جي اڳئين دور جي ڀيٽ ۾، هنپوئين دور ۾ ڪيل مسافرين يا ملاقاتن بابت ڪي وڌيڪ ڀروسي جهڙا بيان ۽ اهڃاڻ ملنٿا(2).

هن دور۾ شاهه صاحب جي محبتين ۽ معتقدن جو دائرو وڏو وسيع ٿيو، جنهن ۾ عام توڙي خاص اچيٿي ويا. پاڻ عقيدي توڙي عمل ۾. ’رسم‘ بدران ’روح‘ جي تلقين ڪيائين، ۽ توحيد جياعليٰ نظريي طور ڪل ڪائنات جي خالق تي يقين ۽ توڪل، مخلوق سان پيار ۽ اعليٰ انسانيڪردار جا سبق ڏنائين. شاهه صاحب جي پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ محبت ڀريي طور طريقي جواثر دلين تي ايترو ته پيو جو حڪمران توڙي ڪي هندو فقير سندس معتقد ٿيا.

ويهنسالن کن جي هن وڏي عرصي ۾ هو گهڻن ئي فقيرن وٽ گهڻن ئي ماڳن تي ويو هوندو، پر جتيڪجهه وڌيڪ ترسيو اتي سندس نالي سان ’تڪيا‘ قائم ٿيا. هن وقت به سنڌ ۾ گهڻين جاينتي ’شاهه جا تڪيا‘ موجود آهن، جن مان ڪي مريدن پوءِ سندس نالي سان قائم ڪيا ۽ فقطڪي ٿورا اهڙا آهن جن بابت وڌيڪ ڀروسي سان چئي سگهجي ٿو ته شاهه صاحب پاڻ پنهنجيحياتي ۾ اتي ويو هوندو. مثلاً کپري تعلقي ۾ ’واگهين جي ڀٽ‘(3)، ٺٽي ۾ مڪلي لڳ، بدين، روهڙي، بکر (پراڻو) ۽ترائي (مديجي کان ٻه ميل اتر- اولهه) ۾ جيڪي ’شاهه جا تڪيا‘ آهن، اتي غالباً شاههصاحب پاڻ ويو ۽ ٽڪيو(4). انهن ٿورن مشهور ’تڪين‘ جي جدا جدا ماڳن مان اهو نتيجو نڪريٿو ته شاهه صاحب سنڌ ۾ لاڙ کان وٺي اتر تائين پنهنجن مخلص معتقدن وٽ ڀيرا ڪيا.

سنڌ کانٻاهر هن دور ۾، شاهه صاحب خاص طرح ڪڇ ۾ پنهنجن پيارن فقيرن جتن بلوچن وٽ گهڻو ويو.ڪڇ ۾ شاهه صاحب سان ارادت ۽ عقيدت جو بنياد وَنهيين فقير سالاراڻي جت ۽ تماچي فقيرنهڙيي وڌو. هن دور جي پهرئين سفر ۾ شاهه صاحب انهن ٻنهي فقيرن تي ڪا اهڙي فيض وارينظر ڪئي جو هو ڀٽ تي آيا. تماچي فقير کي شاهه صاحب ڪڇ موٽي وڃڻ جو ارشاد ڪيو ۽ هواتي ئي رهيو، تان جو وفات کان ڪجهه وقت اڳ شاهه صاحب کيس سڏي پاڻ وٽ ترسايو.ونهيين کي شاهه صاحب پاڻ وٽ ڀٽ تي رهايو ۽ سندس خلوص جي مدنظر کيس پنهنجو خاصخليفو ڪيائين جو سندس پويان ڪڇ ۽ واڳڙ طرف ٻيا گهڻا شاهه صاحب جا معتقد ٿيا(1). ڪڇ طرف جتن فقيرن ۾ شاهه صاحب جي سفر جا منزلبه منزل سلسلا ونهيين فقير جي اتي وڌايل اراتمندن سببان شروع ٿيا، ۽ شاهه صاحب جتيجتي ڀيرا ڪيا انهن ماڳن مڪانن جو مانُ ٿيو ۽ پڻ پوءِ تمر فقير جي اڳواڻي هيٺ اهي’شاهه جي راڳ‘ جا مرڪز بنيا. مسلسل طور مشهور روايتن موجب ڪافي وثوق سان چئي سگهجيٿو ته شاهه صاحب هيٺين ماڳن تي ڀيرا ڪيا:

- ’ڏر‘مڪان، لکپت جي شهر سان لاڳو، جتي سالار فقير وٽ شاهه صاحب آيو.

- ڀُٽائومڪان، ’پپر‘ جي شهر لاڳو (تعلقو لکپت) جتي درويش سانوَلي فقير جت جو مزار هو.

-آسالڙي مڪان، تعلقو لکپت.

- ’ڪَنڊو‘مڪان (تعلقو کاهڙ) جيڪو ونهيين فقير جو اصل ڳوٺ هو.

- ’اورِيئڙو‘مڪان (تعلقو نکٽراڻو) جيڪو ميين تماچي فقير نهڙيي جو ڳوٺ هو.

- ڄَڙهوٽ مڪان، نکٽراڻي شهر کي ويجهو، جتي شاهه صاحب جوخليفو صالح فقير مڱريو رهندو هو.

-سِراڙو مڪان (تعلقو کاهوڙو)، جتي شاهه صاحب جو خليفو ڇتو فقير لاکاڻي جت رهندڙ هو.

-بگهاڙيو مڪان (ٻنِي)، جتي ميين شاهه ڪريم جا خاص مريد جيئنداڻي جنت فقير هئا.

- اَرلمڪان (تعلقو نکٽراڻو)، جتي شاهه صاحب جو خليفو دين محمد فقير هو. هو اصل ريٻاري هو۽ شاهه صاحب سان صحبت ۾ مسلمان ٿيو، جنهن پوءِ پڳ ڏنس ۽ خليفو ڪيس.

مٿين ماڳن جا نالامعلوم ۽ مشهور آهن جتي شاهه صاحب گهڻا ڀيرا ڪيا. سالاراڻي جتن فقيرن جي ٻي هڪمتفقه روايت موجب شاهه صاحب ’واڳڙ‘ کان اڀرندين ڀاڱي ۾ به ويو جتي ان وقت جت ويٺلهئا، ۽ اتي چاليهه ڏينهن رهيو هو جو انهيءَ ياد ۾ پوءِ مچ ۽ ميلو ٿيو (۽ پڻ ڪنروايتن موجب ڀٽائي صاحب ڀُڄ تائين ويو ۽ پڻ ڪڇ جو راءِ ساڻس اچي مليو هو).

ڪڇکانسواءِ، سنڌ کان ٻاهر هن دور ۾ شاهه صاحب ٻاهڙ مير ۽ جيسلمير طرف ڀيرا ڪيا جتيسما، سميجا، مڱريا، لنجا، ڀنڀرا دل ۽ ڪي ٻيا سندس مريد هئا. جيسلمير جي راجا سانبه سندس ڏيٺ ٿي ۽ هو ايتري قدر متاثر ٿيو جو شاهه صاحب جي وفات بعد درگاهه تي نوبتلاءِ نذراني طور ڀيرون ڏياري موڪليائين. ان طرف شاهه صاحب پهريائين غالباً ملتانجي غوثي جماعت جي فقيرن جي دعوتن تي ويو ۽ پوءِ پاڻ انهن ماڳن تي ويو ۽ رهيو، جتيکانئس پوءِ (ويندي هن پوئين ويجهي دور ۾ سنه 1930ع تائين) ’شاهه جو راڳ‘ ٿيندورهيو(2).

سنڌ کان ٻاهر ڪڇ ۽ جيسلمير طرف هن دور وارين مسافرين ۾ شاههصاحب ڪن حال ۽ ڄاڻ وارن ناٿ- پنٿي جوڳين ۽ پڻ ڪن هنڌن تي ساڌن سنتن سان مليو، ۽ساڻن توحيد ۽ وحدانيت جي روشني ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين. مذهب جي حقيقت ۽ حقانيتتي شاهه صاحب هن کان اڳ گهڻو سوچيو هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هو عقيدي جي ’سچائي‘ ۽’رسم‘ بدران ’روح‘ جو قائل ٿي چڪو هو. اعليٰ ڄاڻ وارن صوفين ۽ عارفن وانگر، شاههصاحب ظاهري پاڪبازي ۽ لوڪ لباس بدران عقيدي جي سچائي، نيت جي صفائي ۽ مخلوق سانمحبت جي تلقين ڪئي: تنبيه طور ”منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهيين“ چئي ظاهري رسمرياءُ ۽ اندر جي ٻيائي کي ننديائين؛ هندو ڌرم جي رکوالن جي ڌرمي پاٺ پوڄائن ۽ عمليڪرتوتن کي ڀيٽيائين ته کيس منجهن محض ٻاهرين رسم ۽ رياءُ وارو رنگ نظر آيو. تڏهنچيائين ته: ”هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو نه جڳاء“. شاهه صاحب حق ۽ حقيقت جو ڳولائوهو، ۽ پنهنجي زندگي جي هر مرحلي تي هو مسلسل طور ڪائنات جي حقيقت، خالق ۽ مخلوق جيرشتي، انساني عقيدي ۽ ڪردار جي رسمي صورت توڙي اعليٰ معيار جو مطالعو ڪندو رهيو.زندگي جي هن دور ۾ جڏهن هو پاڻ معرفت جو صاحب ٿيو، تڏهن توحيد ۽ وحدانيت واريعقيدي ۾ ئي کيس انسان ذات توڙي ڪائنات جي وحدت نظر آئي. هاڻي هو اسلام جي حقيقت کيسمجهندڙ عارفن، توڙي ڄاڻ وارن سنتن ساڌن سان وحدانيت ۽ توحيد جي رازن کي روشن ڪرڻلاءِ ٿي مليو(1). ٻاهڙ مير- جيسلمير طرفمسافرين ۾ شاهه صاحب غالباً پورب کان ايندڙ ۽ هيڪڙائي حق مڃيندڙ ’هٿ- يوگين‘ کيڏٺو جيڪي تن کي تسيا ڏيئي حق جي تلاش ۾ هلندڙ هئا ۽ جن جي جوڳ ۽ ڪشالي جو بنياديعقيدو ’توحيد‘ هو. ڪن مشهور روايتن موجب شاهه صاحب ٻاهڙمير جي پريان (والهوٽي واريعلائقي ۾) ڪنهن ماڳ تي ويو، جتي ’مَلي- ناٿ‘ نالي هڪ موحد ساڌو سندس معتقد ٿي ويو۽ پوءِ ان تڪيي تي يادگار طور مسلمانن- هندن جو گڏيل ميلو ٿيڻ لڳو. ڪڇ ۾ شاهه صاحبڪنڦاڙ ڪاپڙين جي مڙهين ۽ ڪوٽيسر ۽ نارائڻ سر مندرن جي سنتن کان سندن ويساهن ۽پوڄائن بابت پڇيو، ۽ پڻ توحيد ۽ وحدانيت جي روشني ۾ ساڻن پيار ۽ محبت سان ويهيورونهه ڪئي. شاهه صاحب ڪوٽيسر جي مندر لڳ واري مسجد ۾ ٽڪيو جتي سندس تسبيح يادگارطور اڃان تائين ٽنگيل آهي. پڻ شاهه صاحب ’هَنج- ڪريون‘ (ڊگهين ڳچين وارا ڪؤنرا)آنديون هيون جيڪي يادگار طور رکيل آهن. ڪوٽيسر جي مندر ۾ ويو، جتي شاهه صاحب سنتنکي سچائي واري ويساه ۽ ’هيڪڙائي حق‘ جي ترغيب ڏني جنهن کان هو گهڻو متاثر ٿيا،سندس وڃڻ کان پوءِ اندر جنهن ڀت کي شاهه صاحب پٺا ڏيئي ويٺو هو اتي ڀت ۾ محراب مثلنشان يادگار طور قائم رکيائون(1). ’ڌِيڻو ڌَر‘ جبل واري مڙهي جي ڪنهنڪاپڙي کي (ٻي روايت موجب، خود ڌرمناٿ کي) ڏٺائين جيڪو پنهنجي ٻانهن مٿي اڀي ڪريجهليو بيٺو هو. کانئس پڇيائين ته هن چيو ته: ’مون تپسيا طور ٻانهن کي اڀو جهليسُڪائي ڇڏڻ جو وچن ڪيو آهي‘. تڏهن شاهه صاحب کيس تنبيهه طورر هي بيت پڙهيو ته:

هنيون نه سُڪايئي هوت لئي، ٿو سُڪائين ٻانهون
ڏيکارين ٿو ڏيهه کي دَتاڪيو دانهون
پاڻهي مُٺئي پاڻ کي، چوين ’آديسي آئون‘
ايءَ  پنڌ  پراهون،  ڪي  ڪي  لهندا ڪاپڙي(2).

’شاههجي رسالي‘ جو ’سُر رامڪلي‘ هن دور جي مسافرين ۽ مشاهدن جو يادگار آهي جنهن ۾ شاههصاحب ’ناٿ پنٿي‘ مُوحد جوڳين، سامين سنياسين ۽ ڪنڦاڙن ڪاپڙين جي حوالن ڪِناين سانتوحيد ۽ وحدانيت جي نهايت دلپذير ۽ مؤثر طريقي سان تلقين ڪئي آهي. هن سر ۾ شاههصاحب هيڪڙائي حق وارن جي وڏي تعريف ڪئي آهي، سچائي ۽ صداقت کي ساراهيو آهي ۽ رياءَرسم کي ننديو آهي.

گندي ۽ گراه، جن سناسين سانڍيو

اني  کان  الله، اڃان آڳاهون ٿئو.

(ز) سنڌ جي عالمن عارفن سان صحبتون ڪرڻ. پاڻ پروڙڻ ۽ پرجهڻ خاطرويهن سالن کان وٺي نوجوان لطيف سنڌ جي ولين ۽ درويشن جي ماڳن مقامن تي ويو ۽ پڻ انوقت جي ڪن سالڪن ۽ عالمن سان مليو، جن مان ڪم از ڪم ٻن وڏن حال ۽ ڄاڻ وارن بزرگنجا نالا تصديق سان معلوم آهن: هڪ ميون شاهه عنات رضوي ۽ ٻيو ميون صابر ولهاري. سيدعنات الله شاهه عرف ميون شاهه عنات، نصرپور جي رضوي ساداتن مان هو؛ سلوڪ ۽ طريقت ۾هو سکر جي شاهه خيرالدين قادري رحه جي سلسلي سان واسبته هو، ۽ پنهنجي وقت ۾ سنڌ جووڏي ۾ وڏو شاعر هو. شاهه لطيف جي نوجواني کان وٺي ساڻس محبت ۽ نيازمندي واري ڏيٺويٺ ٿي. شاهه پور جو ڳوٺ جتي ميون شاهه عنات رهندو هو توڙي نصرپور جتي هو ايندوويندو هو، اهي ٻئي ماڳ ڪوٽڙي کان گهڻو پري ڪونه هئا. اندازاً سنه 1120هه کان وٺيويندي سنه 1133هه ۾ ميين شاهه عنات جي وفات تائين، ٻارهن تيرهن سال کن شاهه لطيفجون ميين شاهه عنات سان رهاڻيون رهيون(3). ميون صابر ولهاري، وقت جو وڏو عالمعارف ۽ تقويٰ جو صاحب هو. هو سمن جي ’ٻَرند‘ پاڙي مان هو ۽ پرڳڻي ولهار (ٽنڊيالهيار کان ڏکڻ اوڀر) ۾ درسگاه قائم ڪئي هئائين جيڪا اڳتي ٽالپور اميرن جي دور ۾وڏي اوج کي پهتي. ميون صابر قرآن شريف جي تعليم تدريس جو عالم ۽ وڏي فقيري حالوارو بزرگ هو، جنهن جي ديدار لاءِ شاهه عبداللطيف پاڻ وڏي چاهه سان وٽس هلي ويو. ميينصابر سنه 1135هه ۾ وفات ڪئي ۽ مخدوم پير محمد هالائي ”صد داغ بدل“ جي فقري مانسندس وفات جو سال ڪڍيو. جيئن ته اهو پڪو تاريخي سال آهي، انهيءَ ڪري شاهه صاحب سنه1135هه ۾ يا ان کان اڳ ساڻس مليو(1).

ڀٽ کيوسائڻ کان پوءِ، چاليهن سالن جي عمر بعد زندگي جي ٻئي دور ۾، شاهه صاحب جون سنڌ جيجن عالمن ۽ عارفن سان صحبتون ٿيون تن مان هيٺين بزرگن بابت (ڪتابن ۽ تحريرن مان،مشهور ۽ معتبر روايتن مان، توڙي جن ماڳن تي هو رهندا هئا اتي سندن پوين ۽ ٻين ڄاڻنجي بيانن مان) جيڪي حوالا ۽ ٽاڻا ملن ٿا تن مان تصديق ٿئي ٿي ته شاهه صاحب جونساڻن ملاقاتون ۽ حال واريون صحبتون ٿيون.

§ آخوند حاجي متين الدين سانوڻي هالن پراڻن جو، جنهن کي شاههصاحب ميٽائين رنگ جو پنهنجو لباس ڏنو هو جيڪو پوين يادگار طور سنڀالي رکيو، تان جوويندي. 80- 1887ع تائين اهو سانگي جي اُستاد آخوند احمد سانوڻي وٽ موجود ۽ محفوظهو (لطائف لطيفي، ص 151).

§ سيد شهمير شاهه باقيل پوٽو مٽياروي (وفات 10- محرم 1177هه)مخدوم محمد هاشم جو هونهار شاگرد هو، ۽ اسلامجي خذمت ۽ دين جي قوت ۾ ڪوشان رهيو. تحفة الڪرام ۾ سندس ذڪر آهي. شاهه صاحب جيساڻس محبت جي واٽ هئي جو کيس حجت سان چيائين ته هو هڪ هندو شخص کي مسلمان نه ڪري.

§ مخدوم عبدالباسط هالائي، وڏو عالم ۽ شاهه صاحب جو معتقد هو،جنهن وٽ شاهه صاحب ايندو هو ۽ اچي ٽڪندو هو (’لطائف لطيفي، ص 152؛ لطف اللطيف، ص166).

§ حافظ ميون اسحاق درس مشائخ پوٽو عرف ميون اسحاق بَنوري،’مَيي مشائخ هوٿي‘ واري ماڳ کان ميل کن ڏکڻ طرف، موجود ڳوٺ ’مُلڪو دڙو‘ (تعلقوٽنڊوالهيار) ۾ مڪتب پڙهائيندو هو. وڏو عابد زاهد هو. ٻارڙن کي نهايت پيار سانپڙهائيندو هو. شاهه صاحب اچي کيس مليو ۽ پچيائين ته: ’ادا پاڙهين ٿو يا کارين ٿو!‘حافظ اسحاق جواب ڏنو ته: ’جي کاريندس ته به لطيف ٿيندا‘ (يعني اکرن ۾ کريا ته بهاخلاق ۾ لطيف(= نيڪ ۽ پاڪ) ٿيندا). شاهه صاحب اشارو سمجهيو ۽ ساڻس وڏي محبت سانمليو. شاهه صاحب وٽس ڀيرا ڪندو هو (’مشائخ هوٿي‘ ۽ ’مُلڪو دڙو‘ ماڳن جي مشهورمقامي روايت).

§ ميون محمد مبين ٿَرائي، مخدوم محمد هاشم جو همعصر ۽ دوست،پنهنجي وقت جو وڏو عالم، ۽ درسگاهه ’چوٽياريون‘ (ضلعو سانگهڙ) جو باني هو (جيڪاپوءِ ٽالپورن جي دور ۾ وڏي اوج کي پهتي). شاهه صاحب اڪثر سانوڻ ۾ وٽس ايندو هو. هڪڀيري گڏجي ماني کاڌائون ۽ پوءِ صحبت ۾ ويٺا ته گهڻو ويهي ويا ۽ البت دير ٿي وئي.جڏهن شاهه صاحب موڪلايو ته ميين مبين چيو ته: جهڙ ڦڙ آهي ترسي پئو.‘ شاهه صاحبجواب ڏنو ته:

’رداء جا رضا جي سا اوڇڻ آديسين‘

پوءِ موڪلائي روانو ٿيو. (مشهور روايت جنهن جي تصديق انهيءَ مان به ٿئي ٿي جواها سٽ رسالي ۾ ’سر رامڪلي‘ جي هڪ بيت ۾ موجود آهي).*

§ مخدوم دين محمد صديقي سهروردي سيوستائي (92- 1193هه)، اصل’پاٽ‘ جو پوءِ اچي سيوهڻ ۾ رهيو هو. شاهه صاحب سان سندس گهاٽا دوستانا تعلقات هئاجو هڪ ٻئي سان دستارون بدلائي پڳ مٽ يار ٿيا هئا. مخدوم موصوف ظاهري علم توڙي تصوف۽ طريقت ۾ وڏو ڪامل عامل هو (تذڪره مشاهير سنڌ، جلد-1، ص 86 ۽ 203).

§ ميون محمد صلاح بن ميون محمد عارف(ڊاسوڙي- ٽنڊي قيصر جو، پوءِ ’مٽياري‘ ۾ رهيو)، فارسي جو عالم ۽ مولانا رومي جيمثنوي جو وڏو ڄاڻو هو. شاهه صاحب جو معتقد ۽ مريد ٿيو، ۽ ٻاهر سفر ۾ هميشه ساڻس گڏهوندو هو ۽ روانو مثنوي جو وعظ ڪندو هو. شاهه صاحب وٽ سندس وڏي عزت هئي ۽ کيس’خليفو محمد صلاح‘ سڏيندا هئا. سنڌي ۾ ’بزغل جا ڪلما‘ جوڙيائين جيڪي ’محمد صلاح جيسنڌي‘ جي نالي سان مشهور ٿيا، پڻ شاهه صاحب جو ’سفرنامو‘ جوڙيائين جيڪو پوئينويجهي دورر ۾ ضايع ٿي ويو(1).

§ مخدوم عبدالله آگرو ڪنڊياري جو(2) جنهن وٽ، مسافري ۾ اڳتيويندي يا موٽندي، شاهه صاحب ترسندو هو.

§ مخدوم محمد صديقي قريشي جيڪو سنه1165هه ۾ به حال حيات هو. هو پنهنجي وقت جو عالم ۽ درويش هو ۽ ڪوٽڙي ڪبير (تعلقوڪنڊيارو) ۾ مڪتب پڙهائيندو هو. سندس اهو مڪتب مخدومن جي پاڙي ۾ ’سوا لک مقام‘ جيوچ تي هو، اتي مسجد هئي جتي شاهه صاحب اچي ٽڪندو هو. مسجد جي ڀرسان هڪ لئي جو وڻهو جيڪو پوءِ يادگار طور ’ڀٽائي صاحب وارو لئو‘ سڏبو هو ۽ سنه 1897ع ڌاري پڻ بيٺلهو(3).

§ فقير محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو فاروقي (وفات 1192هه)، سچلجو ڏاڏو، درازن جي شهر کان ٻاهر کٻڙن جي ويڙ ۾ گوشائتو رياضت ۽ عبادت ۾ ويٺل هو جوشاهه صاحب اتان لنگهندي ساڻس مليو، ۽ سندس اشاري تي ميان صاحبڏنو ويراڳ مان نڪتو ۽کوهه کڻايائين ۽ مسجد ٺهرايائين (’لطف اللطيف‘ ص 83- 84).

§ مخدوم محمدي (وفات 1174هه)، مخدومعبدالرحمان شهيد جو فرزند ۽ جانشين، جنهن جي وقت ۾ هڪ ڀيري شاهه صاحب کهڙن جي شهرجي ٻاهران چنيهه فقير اڄڻ جي کوهه تي اچي لٿو. جڏهن مخدوم صاحب کي خبر پئي تهپنهنجو خاص ماڻهو موڪليائين ۽ تاڪيد سان دعوت چوائي موڪليائين. غالباً شاهه صاحباڳ مخدوم عبدالرحمان شهيد سان مليو هو، جنهن کي پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي سنه 1145هه۾ شهيد ڪرايو. انهيءَ اڳئين لاڳاپي جي ڪري ئي مخدوم موصوف حجت سان چوائي موڪليوته: هت اسان وٽ اچي رهو. پر شاهه صاحب جو اچي فقير وٽ لٿو هو سو رات اتي رهڻ مناسبسمجهيائين. انهيءَ تي شاهه صاحب، ٺڪر جي ٽڪر تي اڱر سان هيءُ بيت لکي مخدوم محمديڏانهن ڏياري موڪليو:

اڄ  نه آيس  آنء،  صبح ايندس  سپرين

توتي جنهن جو نانء، سو کڻي بار کُهين جا(1).

شاههصاحب ٻئي صبح مخدوم صاحب وٽ ويو. ان وقت شاهه صاحب سان راڳ لاءِ پنهنجا راڳائيفقير دنبورن سان گڏ هئا. جئن ته مخدوم صاحب شريعت جو پابند هو سو سبب پڇيائين،جنهن تي شاهه صاحب عذر ڏيندي چيو ته: اسان جي مجبوري آهي جو ’راڳ‘ اسان جي روحانيخوراڪ بنجي چڪو آهي. مخدوم صاحب جن چيو ته: هت بنا سازن جي ڀل راڳ ٿئي ۽ ڀل ٻڌو،شاهه صاحب قبول ڪيو ۽ دنبورا اندر ڪوٺي ۾ سنڀالي رکيائون. رات جو نماز بعد جڏهنٻاهران ويهي فقيرن وڏي سوز گداز سان راڳ ڪيو ته اندر دنبورا وڄڻ لڳا. ان تي مخدومصاحب چيو ته: هيءُ هڪ نرالي حالت آهي ۽ شاهه صاحب بي ميار آهي. ان موقعي تي شاههصاحب هفتو کن مخدوم صاحب وٽ ٽڪيو ۽ سندن پاڻ ۾ رهاڻيون ٿيون. مخدوم محمدي پاڻاويسي سلسلي جو وڏو شيخ ۽ ڄائي ڄم کان الله وارو هو. هيءَ ملاقات غالباً شاهه صاحبجي زندگي جي آخري سالن 59- 1160هه ڌاري ٿي جڏهن مخدوم صاحب اڃان 16- 17 سالن جو جوانهو.

§ چنيهه فقير اڄڻ، کهڙن جو، جنهن وٽ شاهه صاحب ٽڪيو جئن مٿيبيان ٿي چڪو آهي. سندس کوهه تي لٿو هو ۽ ان کوهه جا نشان کهڙن واري پڪي رستي کانفرلانگ اوڀر طرف آهن.

§ سيد محمد بقا لڪياري (شهيد 1192هه)، جناب پير صاحب محمدراشد ’روضي- ڌڻي‘ جو والد، جنهن سان شاهه صاحب جي ملاقات ٿي ۽ هڪ ٻئي سان حجائتيگفتگو ڪيائون. شاهه صاحب جي اها ملاقات مسافري ۾ کهڙن جي شهر کان اڳتي ويندي ڪٿيٿي(2) جنهن جو ذڪر سيد محمد بقا صاحب پوءِ پنهنجي هونهار فرزندمحمد راشد (1170- 1230هه) سان ڪيو انهيءَ ڪري محمد راشد صاحب جن شاهه صاحب جي چيلبيتن ڏانهن توجهه ڪيو. هو سنڌ جو پهريون وڏو عالم ۽ قادري طريقي جو اڳواڻ هو جنهنسڀ کان اڳ شاهه صاحب جي بيتن ۾ سمايل عارفانه فڪر کي سڃاتو ۽ ڪن کي پنهنجي وعظ ۽نصيحت ۾ بيان ڪيو جيڪي سندن ملفوظات ۾ موجود آهن.

§ پير موسن شاهه جيلاني، ’لوءِ مبارڪ‘ (گهوٽڪي) جو عالم عارف۽ سجاده نشين هو جنهن سنه 1101هه ۾ شاندار جامع مسجد جوڙائي ۽ مدرسو قائم ڪيو. شاههصاحب جڏهن ’لوءِ‘ ۾ آيو ته انهيءَ مسجد ۾ اچي ٽڪيو جتي پير صاحب سان روح رهاڻ ٿي.جنهن ۾ شاهه صاحب مارئي جي سُر مان پنهنجا ڪي بيت پڙهيا جيڪي پوءِ اتي پيرن صاحبنوٽ يادگار رهيا. روايت موجب شاهه صاحب جيڪو پهريون بيت پڙهيو ۽ جنهن پير صاحب تيوڏو اثر ڪيو سو هيءُ هو:

زُمر زُخرف  سومرا،  حمد جني  جو  هنڌ

اهدنا الصراط المستقيم اهو پنهوارن پنڌ

 باري  لاهج  بند، ته ملان ماروئڙن کي(1).

§ مخدوم محمد هاشم صاحب (وفات 1172هه)، بلڙي جي ڀرسان بهرامپور ۾ رهندڙ هو جو شاهه صاحب جي ساڻس ڏيٺ ٿي. مخدوم صاحب سان شاهه صاحب جي ڄاڻسڃاڻ ۽ ملاقاتن جو سلسلو پوءِ ويندي 1153- 1154هه وارن سالن تائين قائم رهيو. انهنسالن ۾ شاهه صاحب ارادو ڪيو ته بلڙي ۾ ميين شاهه ڪريم جي مزار تي قبو جوڙائي.مخدوم صاحب کي جڏهن خبر پئي تڏهن شاهه صاحب کي جهليائين ته قبو نه ٺهرائي، جنهن تيشاهه صاحب عذر پيش ڪيو ته ميين شاهه ڪريم سان سندس بي انتها محبت آهي انهيءَ ڪريٿو قبو جوڙائي، پر ان سان گڏ جامع مسجد به تعمير ٿيندي. ان بعد ملاقاتن ۾ ويجهائيڪانه رهي، پر باوجود ان جي شاهه صاحب کي مخدوم صاحب لاءِ آخر تائين وڏي عزت هئي(2).

§ درويش ڏاتار ڏنو بن درويش اسحاق سَڪَريو (’ملاڪاتيار‘ وارنبزرگن جو وڏو جنهن جو ذڪر قانع تحفة الڪرام ۾ آندو آهي) تنهن سان شاهه صاحب جيگهڻي ڏيٺ هئي. جڏهن ميين شاهه ڪريم جي روضي ۽ مسجد جي تعمير لاءِ شاهه صاحب ڪاشيءَجي سِرن وٺڻ لاءِ ملتان وڃڻ جو ارادو ڪيو ته درويش ڏاتار ڏنو (جيڪو ملتان وارنبزرگن جو خاص مريد هو) ساڻس گڏجي ملتان ويو هو. (هيءَ روايت ملاڪاتيار وارن بزرگنوٽ مسلسل طور هلندي آئي آهي، ۽ راقم سان اتي جي سجاده نشين فقير محمد اسحاق مرحومپنهنجي زباني بيان ڪئي).

§ مخدوم ڀاون شاهه، ملتان جي سهروردي غوثيه درگاهه جو سجادهنشين، جنهن سان فقير ڏاتار ڏني سان گڏ شاهه صاحب مليو ۽ صحبت ڪئي. اها ملاقات1154- 1155هه وارن سالن ۾ ٿي هوندي.

§ ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي، عالم ۽ صوفي، مخدوم محمد معينجو شاگرد هو ۽ خواجه محمد زمان لواري واري جو استاد هو: فارسي جو وڏو ڄاڻو ۽ شاعر هوجنهن کي مير علي شير قانع ”جامع فنون ڪمال ظاهري و باطني“ ڪري لکيو آهي، سو شاههصاحب جي زندگي جي هن دور جي شروع ۾ ئي سندس معتقد ۽ مريد ٿيو ۽ سندس اها ارادتمنديآخر تائين قائم رهي. هن پوءِ شاهه صاحب جي ارشاد تي، شاهه حبيب جي وفات (1144هه)توڙي ميين شاهه ڪريم جي درگاهه جي تعمير (سنه 1165هه) جون ابجد جي حساب سانفارسيءَ ۾ سهڻيون تاريخون ڪڍيون.

§ خواجه محمد زمان (اول) لواري وارو، جيڪو شاهه عبداللطيف جيمريد ۽ وڏي عالم ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي جو شاگرد هو، تنهن سنه 1150هه ۾لواري کي وسايو، جتي پوءِ غالباً ڪڇ ڏانهن ايندي ويندي شاهه صاحب ساڻس مليو ۽ ڪاگهڙي پاڻ ۾ اعليٰ معرفت واري صحبت ڪيائون. خواجه صاحب ٺٽي مان ظاهري توڙي باطنيعلم سان بهرور ٿي آيو هو، سو شاهه صاحب کانئسپڇيو ته: ”فنا کان پوءِ به ڪو علم آهي؟“ جواب ڏيڻ بدران خواجه صاحب پاڻسامهون سوال پڇيو ته: ”فنا کان اڳ ڀلا ڇا آهي؟“ خواجه صاحب ان ملاقات وقت نسبتاًجوان هو ۽ چاهيائين ٿي ته شاهه صاحب سندس مريد ٿئي، پر شاهه صاحب وڌيڪ ڪونه ترسيو۽ روانو ٿي ويو. خواجه محمد زمان جي نظر ۾ ”شاهه صاحب هڪ اهلِ دل عارف هو جنهن جوقلب ذڪر الاهي ۾ مشغول هو.“ (ڪتاب ”مرغوب الاحباب“، تصنيف نظر علي ٽالپور؛ لطفاللطيف، ص ص 75- 76؛ تذڪره مشاهير سنڌ، جل-3، ص 111- 113).

§ مير (سيد) محمد عطا اميرخاني ٺٽوي (وفات 3- شعبان 1178هه)،جڏهن کان شاهه صاحب جي صحبت ۾ آيو ته پنهنجون تلخ طبع واريون عادتون ۽ مذهبينفرتون ترڪ ڪيائين، ۽ باوجود هڪ شيعه گهراڻي جي فرد هجڻ جي هو صاف دل صوفي ٿي پيو.شاهه صاحب به پوءِ کيس گهڻو ڀانئڻ لڳو ۽ ٺٽي ۾ بعضي وٽس وڃي ٽڪندو هو. سنه 1152هه۾ شاهه صاحب وٽس اوطاقي هو جو اتي حبيب شاهه ڪلهوڙي نالي هڪ مجذوب درويش کي ستلڏٺائين جنهن ٻه ڏينهن ٻه راتيون پاسو ڪونه ورايو هو. تڏهن سندس ڀرسان ويهي شاههصاحب چيو ته: ’اي مست! توکي جيڪي ننڊر ۾ حاصل آهي سو اسان جاڳندي پيا ڳوليون؛ اهڙيننڊر تون ڪنهن کان سکئين!(1).

§ مخدوم محمد معين ٺٽوي. هو پنهنجي وقت جي چوٽيءَ جي عالمنمان هو جنهن سان شاهه صاحب جون زندگي جي هن دور جي شروع کان وٺي محبت ڀريونملاقاتون ٿيون ۽ ويندي آخر تائين قائم رهيون. مخدوم محمد معين پنهنجي وقت جو وڏومحقق ۽ فلسفي، ابن عربي جي صوفيانه فڪر جو علمبردار سالڪ صوفي، ۽ ’وحدت الوجود‘ جينظريي جو وڏو حامي هو. هو ٺٽي جي وڏي عالم مخدوم عنايت الله ۽ دهلي جي وڏي عالمشاهه ولي الله جو ذهين شاگرد هو. تصوف ۾ نقشبندي طريقي جي شيخ ۽ مرشد ميانابوالقاسم نقشبندي ٺٽوي جو مريد هو. شاهه عبداللطيف جو وڏو يار هو: بعضي پاڻ ڀٽ تيشاهه صاحب وٽ ايندو هو ۽ شاهه صاحب ٺٽي ۾ وٽس روح رهاڻ لاءِ ويندو هو. مخدوم محمدمعين جي ديني ۽ فقهي ڄاڻ تي شاهه صاحب جو وڏو ڀروسو هو جو آڳاٽو ڏانهس ’اويسيطريقي‘ جي حقيقت سمجهائڻ بابت خط لکيو هئائين. مخدوم محمد معين کي شاهه صاحب لاءِوڏي عزت بلڪ دلي محبت هئي ۽ سندس هر ارشاد جو خاص لحاظ رکندو هو(2). مخدوم محمد معين سماع جو شائق ۽ ’شاهه جي راڳ‘تي عاشق هو، ايتري قدر جو آخر حياتي ۾ به ’شاهه جو راڳ‘ ٻڌندي مٿس حال پئجي ويوجنهن ۾ دم ڏنائين. مير علي شير قانع ’تحفة الڪرام‘ ۽ ’معيار سالڪان طريقت‘ ۾ اهوواقعو هيٺين لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

§ ”ڀٽ تي شاهه صاحب پنهنجن فقيرن کي چيو ته: اچو ته پنهنجي يار جوآخري ديدار ڪرڻ هلون. ائين چئي ٺٽي ۾ (مخدوم محمد معين وٽ آيو ۽ اتي) راڳ جي صحبت(محفل) ڪيائين جنهن ۾ مخدوم (محمد معين) پڻ شامل ٿيو. محفل جي عين گرمي ۽ ذوق واريوقت هو اٿي اندر ويو ۽ ٿوري دير ۾ دم ڏنائين.سيد موصوف (شاهه عبداللطيف) جنازي ۾ شموليت بعد ڀٽ ڏانهن موٽندي چيو ته: ٺٽي ۾ اچڻسندن ڪري ئي ٿيندو هو- هاڻي کانئس پوءِ ختم“ (تحفة الڪرام، جلد-3، مطبوع دهلي، ص ص229- 230).

”آخر عمر ۾ (مخدوم معين) به قدوة العارفين شاهه عبداللطيف جي خذمت۾ وڏي ارادي ۽ اخلاص وارو ٿيو. شاهه صاحب کي به ٺٽي ۾ مخدوم صاحب جي صحبت نهايتوڻي وئي ۽ سندس ملڻ خاطر هو ٺٽي ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ لڳو. مخدوم موصوف جي (حياتي جي) آخريڏينهن ۾ شاهه صاحب آيو ۽ اچي راڳ جي صحبت (محفل) ڪرايائين. مخدوم کي ان راڳ ٻڌڻسان حال پئجي ويو، ايتريقدر جو جان ڏيڻ کان سواءِ چارو ڪونه رهيو... (جڏهن) سندسجنازو مڪلي ڏانهن پئي نيائون ته سيد (شاهه عبداللطيف) پڻ پويان ڪانڌي ٿي پئيهليو...... شاهه عبداللطيف جنازي سان ڪانڌي ٿيڻ بعد موٽندي، پنهنجي ڪرامت ڀري زبانسان چيو ته: ”ٺٽي ۾ پنهنجي يار جي الوداع خاطر هي اسان جو آخري ڀيرو اچڻٿيو.......“ (معيار سالڪان طريقت، قلمي).

ڀٽ تي هڪ جاءِمقيم ٿيڻ وارو آخري دور (1161- 1165هه)

مخدوم محمد معين جي وفات سنه 1161هه ۾ ٿي جنهن جي تصديققانع جي ڏنل تاريخي ماده ”قطره در بحر واصل شد“ مان ٿئي ٿي. وفات بعد مٿئين بيانمان ظاهر آهي ته شاهه صاحب کي وڏو غم ٿيو جو چيائين ته سندس ٺٽي ۾ اچڻ جو هيءَآخري ڀيرو ٿيندو ۽ دوست جي جدائي بعد هاڻي هو وري ٺٽي ڪونه ايندو. ان وقت شاههصاحب جي عمر 59 سال هئي، ۽ هو جيئن ’ڀٽ‘ تي آيو ته وري ڪنهن ٻئي سفر تي ٻاهر ڪونهويو، ۽ زندگي جو باقي عرصو ڀٽ تي ئي ياد الاهي ۾ فقيرن سان گڏجي گذارڻ جو پههڪيائين. ان جي تصديق انهيءَ مان ٿئي ٿي جو هاڻي ڀٽ تي، اڳين مسجد واري جاءِ تي، هڪوڏي ٽن گنبذن واري جامع مسجد ٺهرائڻ شروع ڪيائين، جيڪا بکر جي ويٺل عيدن رازي شاههصاحب جي موجودگي ۾ سندس نظرداري هيٺ سنه 1162هه ۾ جوڙي راس ڪئي(1). اها ساڳي ٽن گنذبن واريمسجد اڃان تائين موجود آهي. هالن پراڻن جي قاضي ابراهيم، شاهه صاحب جي ارشاد موجب،مسجد جي تعمير جي تاريخ هيٺين منظوم مصرع مان ڪڍي(2):

”نادري مسجد درين دوران چہ زيبا دل رُبا“

شاههصاحب هاڻي ڀٽ تي ئي گوڏو ڀڃي ويٺو ۽ اتي همہ تن عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول ٿيو. ميرسانگي جو هيٺيون بيان شاهه صاحب جي زندگيءَ جي انهيءَ آخري دور جي عڪاسي ڪري ٿو:

”ڀٽ واري جامع مسجد۾ هميشہ (= روزانو لازمي طور) پنجئي وقت نماز جا، جماعت سان ادا ڪندا هئا. نماز ۾پاڻ آڏو امام نه ٿيندا هئا. حضرت شاهه عبدالڪريم جي طريقي موجب، ٽي تسبيحون ذڪرجون صبح جي نماز ۽ ٻين نمازن وقت مقرر ٿيل هيون، جيڪي پڙهيون وينديون هيون: پهرينتسبيح ”الله هو“، ٻي تسبيح ”الله الله“، ۽ ٽئين تسبيح ”هُو هُو“. پاڻ اڪثر روزي ۾هوندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته: ”(حقيقي) ’روزه دار‘ اهو آهي جيڪو عيد جو محتاجناهي، ۽ (حقيقي) ’عابد‘ اهو آهي جنهن ۾ ’انانيت‘ (’آءٌ‘) ناهي: مسجد به ماڻهن لاءِانهيءَ ڪري سجده گاه بني آهي جو (منجهس خودنمائي ڪانهي ۽) پاڻ پٺيري ٿي ٻين جومنهن ڪعبي ڏانهن ڪيو اٿس“(1).

هاڻيشاهه صاحب جڏهن ڀٽ تي ماڳائتو مقيم ٿيو ته اتي راڳ پڻ هر جمعي رات باقاعدگي سانٿيڻ لڳو، جنهن ڪري ڀٽ سندس مريدن ۽ معتقدن توڙي ٻين عام مرادوندن جو مرڪز بني. راڳٿورو گهڻو اڳ به فقير ڪندا هئا پر 1144هه ۾ شاهه حبيب جي وفات کان پوءِ فقيرن راڳتي وڌيڪ ڌيان ڏنو. ان کان پوءِ وارن سورهن سالن جي عرصي ۾ راڳائي فقير وڏي سمجهه ۽سوز سان شاهه صاحب جا بيت ۽ وايون ڳائڻ لڳا. اهڙي توجهه سان ’شاهه جو راڳ‘ هڪاعليٰ ادارو بنجي ويو ۽ راڳائي فقير به راڳ ۾ وڏي ڄاڻ وارا ٿي ويا. تمر فقير راڳجو اڳواڻ هو، ۽ سيد تقي فقير، هاشم علي فقير ريحاڻ پوٽو ۽ ٻيا سندس اڳواڻي هيٺ راڳڪندا هئا. سڀني راڳاين فقيرن وٽ هاڻي دنبورا پڻ هئا، ۽ جئن ته هر جمعي رات ’شاههجو راڳ‘ خود شاهه صاحب جي حاضري ۾ ٿيڻ لڳو تنهنڪري فقيرن جي ’راڳ واري سڏ‘ ۾ وڏودرد ۽ اثر پيدا ٿيو جنهن جو غوغاء پري پري تائين وڃي پهتو:

”لات جا لطيف جي، سڏ تنهن جو سُڄي“

هڪ طرفشاهه جي بيتن ۽ واين جي لفظن ۽ معنيٰ ۾ سمايل درد ۽ اثر، ته ٻئي طرف خود راڳائيفقيرن جو راڳ ۾ سوز وارو ’سڏ‘- انهن ٻنهي جاذب جُزن جي ميلاپ سان ’شاهه جي راڳ‘ ۾وڏي ڪشش پيدا ٿي جنهن هر جمعي رات ’ڀٽ‘ تي محبتين جا ميڙا لڳائي ڇڏيا.

شاههصاحب جو عشق ۽ عرفان، ڪل ڪائنات جي خالق جي وحدانيت تائين پهچي چڪو هو، ۽ هاڻيخالق حقيقي سان وصال کان سواءِ هن عارضي زندگي واري وجود کي بي سود ڪري ٿيڄاتائين. انهيءَ حق ۽ حقيقت جي آگاهي جو اظهار ان وقت ’سُر سنهڻي‘ جي ’وائي‘ ۾ڪيائين جو چيائين ته:

”ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ري“

اڳ هلندڙ مسلسلروايت توڙي موجوده دور جي اعليٰ عالمانه راءِ مطابق، انهيءَ وائي جي لحاظ سان،’سُر سنهڻي‘ آخري ڪلام هو جيڪو شاهه صاحب چيو(2).

شاهه صاحب لاءِ راڳ روحاني خوراڪ هو ۽ بالآخر راڳ جي رس ۾ئي هيءُ جهان ڇڏيائين. پڇاڙي واري وقت، سندس ارشاد موجب، ٽي ڏينهن لاڳيتو راڳ ٿيندورهيو ۽ شاهه صاحب پاڻ استغراق واري حالت ۾ مراقبي ۾ ويٺو رهيو. جڏهن راڳ ۾ ذراوقفو ڪيائون ته ڏٺائون ته ان مراقبي واري حالت ۾ ئي شاهه صاحب جو روح پرواز ڪريچڪو هو(1). شاهه صاحب جي اُستاد (ميين نورمحمدڀَٽِي مرحوم) جي فرزند ميين ولي محمد غسل ڏياريو(2) ۽ شاهه صاحب جي پنهنجيارشاد موجب کيس ان جاءِ تي دفن ڪيائون جتي هن وقت سندس مزار آهي. هجري سال 1165 جيصفر مهيني جي چوڏهين تاريخ هئي جو شاهه صاحب وفات ڪئي: اها سندس پيارن فقيرن لاءِهڪ وڏو صدمو هئي جنهن کي ڪي فقير برداشت ڪري نه سگهيا ۽ انهيءَ غم ۾ گذاري ويا. انوقت جي ٻن عالمن بزرگن، قاضي ابراهيم هالائي ۽ محمد پناهه ’رَجا‘ نقشبندي ٺٽوي،جيڪي ٻئي شاهه صاحب جا معتقد هئا، تن سندس وفات تي هيٺيان ’تاريخي قطعا‘ چيا جيڪيان غمناڪ ۽ جانگداز واقعي جا يادگار آهن:

- قاضيابراهيم هالائي هيٺين قطعي ۾ ”رضوان حق“ جي لفظن مان وفات جو سال ڪڍيو:

شاههصاحب ذوالمناقب سيد عبداللطيف
آن که قطبِ وقت خود بودست در مردان حق
چون زِ جام ارِجعي مخمور نوشِ وصل شد
گفت مُلهم غَيب ربي رحلتش ”رضوان حق“
 1165

- محمدپناهه ’رَجا‘ سندس هيٺين ٻن شعرن جي پوئين سٽ مان رحلت جو سال ڪڍيو:

زد نعرهدر فراق دگر کرد سينہ چاک
”شد محو در مراقبہ جسمِ لطيف پاک“
  =1165

گفت اين”رَجا“ مريد سنِ ارتحال پير
”گرديد محو عشق وجودِ لطيف مير“
 1165

مٿيونبيان شاهه صاحب جي زميني زندگي جو هڪ مختصر خاڪو آهي، جيڪو ڪن معتبر تحريري حوالن۽ ڀروسي جهڙين روايتن ۽ تصديقي ٽاڻن مان اجاگر ٿئي ٿو(3). مگر انهن جملي اهڃاڻن کان وڌيڪ پڌرا ڪي ٻياآثار آهن جيڪي شاهه صاحب جي سوانح حيات کي روشن ڪن ٿا. اهڙن آثارن مان ’ڀٽ‘ تيسندس مزار سندس خاڪي جسم جي امانت گاهه آهي؛ بلڙيءَ ۾ ميين شاهه ڪريم جو قبو ۽جامع مسجد، ۽ ڀٽ تي شاهه حبيب جو قبو ۽ جامع مسجد سندس جوڙايل عمارتن جا يادگارآهن. ’لال لئو‘، ’ڪنڊو‘ ۽ ڪي ٻيا ماڳ مڪان پڻ سندس زندگيءَ جي ماضي وارن مرحلن جانشان آهن. پر حقيقت ۾ ’شاهه جو رسالو‘ ۽ ’شاهه جو راڳ‘ ئي حضرت شاهه صاحب جي سوانحجا جئرا جاڳندا باب آهن. رسالي ۾ محفوظ سندس پنهنجو ڪلام، حضرت شاهه صاحب جي اعليٰشاعري ۽ عارفانه بصيرت تي شاهد آهي. ساڳئي وقت اهو سنڌي ٻوليءَ جو دائمي دستاويزآهي. اهو ڄڻ الهامي ڪلام آهي جيڪو شاهه صاحب جي عالمگير فڪر جو مظهر آهي، اسلاميتعليم ۽ تلقين جو روح آهي، زندگي جي مختلف مرحلن ۽ موڙن تي انسان جي فطري جذبن ۽احساسن جو عڪس آهي، ۽ اعليٰ انساني اخلاق ۽ ڪردار جو آئينو آهي. ٻئي طرف ’شاهه جوراڳ‘ سنڌي موسيقي جو هڪ اهم تاريخي ادارو آهي، جنهن جو شاهه صاحب پاڻ بنياد وڌو ۽ان جي تڪميل ڪئي- اهو انهيءَ لاءِ ته درديلي ۽ مٺي آواز ۾ ڳايل سندس بيتن ۽ واين ۾سمايل حق ۽ حقيقت، فڪر ۽ هدايت جو دلين تي خاص اثر ٿئي؛ اهڙو اثر جيڪو سالم دلينکي وڌيڪ سنواري، ڪَٽيل دلين کي اُجاري، بلڪ مُين دلين کي جياري.

³


ë نسبنامي وارو سڄو تفصيل مٽياروي سيدن جي روايت شجري تان ورتل آهي، جيڪو اصل فارسي ۾هو ۽ جنهن جا فقط سنڌي اتارا هن وقت موجود آهن. سيد حيدر جي سنڌ ۾ اچڻ تائين هنشجري جي موجوده روايت ۾ البت ڪي نقص آهن: هڪ ته سيد حيدر کان امام موسيٰ ڪاظمتائين ڏنل نسب نامي ۾ ڪي پيڙهيون کٽل آهن، ۽ ٻيو ته سيد حيدر غالباً امير تيمور جيهندوستان تي حملي کان اڳ سنڌ ۾ آيو.

(1) بزرگ ’شهاب الدين جو مقام‘ بدين شهر کان ڏيڍ ميل کن اتر- اولهه طرف آهي ۽عوامي زبان ۾ ’شاهه بدي‘ (شهاب الدين) جو مقام سڏجي. بدين شهر جو نالو پڻ ’شهابالدين‘ (= شهاب دين= شاهه بدين= بدين) جي نالي پويان پيو. شاهه للي جي مزار انمقام ۾ موجود ۽ مشهور آهي.

(2) يعني ’شاهه ڪريم لَلاڻي جو ڳوٺ‘ (لَلاڻي مان مراد ’للي جو پُٽ‘ آهي) جنهنبابت ڪنهن مرادوند بيت چيو ته:

    وانءُ للاڻيلوءِ،  جت  ولايت ونڊ  ٿئي

معرفت  مڪان  ۾ وڻ  ٽڻ  وائي چوءِ

ساٿِيڙي سڀڪهين  پاند  پنئو  ٿو  پوءِ

سيد پيرُ سندو، مان پَسي حالُ هَٿَ کڻي.

(3) اوائلي مصنفن، مير علي شير قانع توڙي ٻين، جن ’بيان العارفين‘ واري شجري کيسامهون رکيو تن هيءُ نالو ’جلال‘ ڪري ڄاڻايو آهي. البت ان کان پوئين دور ۾ اهونالو ’جمال شاهه‘ ڪري لکيو ويو.

(1) چون ٿا ته اها جاءِ پوئين ويجهي وقت ۾ موجود ’ماڪن شاهه‘جي حوالي هئي. 1940ع ڌاري اتي نم جا ڪي وڻ هئا، ۽ پڻ چوديواري سان هڪ ننڍڙي ڪوٺيبيٺل هئي، پُراڻين ڀتين سان ۽ هيٺاهين ڇت سان، جنهن تي پٽيون تڏا هئا ۽ هيٺ زمينتي به ڪي تڏا پيل هئا. اهي شاهه حبيب جا ڪک سڏبا هئا. ماڻهو ادب ڪندا هئا ۽ اتيختما چلا ڪڍندا هئا.

(2) لطائف لطيفي، فارسي متن، ص ص 180- 181 روايت مشهور آهي تهانهي ڪري ئي کيس ادب وچان بيبي بتول، بيبي راڻي يا بيبي سردار سڏيندا هئا.

(3) لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 173.

(4) ٽکڙ واري شجري ۾ صاف ائين ڄاڻايل آهي. محمد حافظ شاهه بنگهريو شاهه پاڳارو هو.

(1) سمهباڻي، يعني سيد سمهبه ابن عبدالوالي بن دين محمد بن شاههڪريم) جو اولاد. کيس چار پٽ هئا. عبدالرحمان، عبدالحڪيم، بهارو ۽ ابوالفتح. جيڪڏهنشاهه حبيب جي نياڻي سمهباڻين ۾ ڏنل هئي ته (پيڙهين ۽ وقت جي اندازي مطابق) اها خودسمهبه شاهه جي ڪنهن پٽ کي ڏنل هوندي.

(2) مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته شاهه صاحب کي اولادڪونه ٿيندو هو، پوءِ ڪنهن اولياء کان دعا گهريائين، جنهن کيس يقين ڏياريو ته:”توکي پٽ ڄمندو، جو زماني جو غوث ٿيندو ۽ تنهن جو نالو عبداللطيف رکجانءِ“ (احوالشاهه عبداللطيف ڀٽائي، ص 13). البت اهو ڪونه ڄاڻايائين ته کيس اها ڳالهه ڪٿانمعلوم ٿي يا اهو ولي ڪهڙو هو جنهن دعا ڪئي. هيءَ روايت مٽياري ساداتن جي خاندانيروايت آهي، جيڪا مسلسل طور هلندي آئي آهي ۽ اعتبار جوڳي آهي. ڪافي ڳولا بعد آخرڪارهيءَ روايت راقم کي تحريري صورت ۾ ملي. اها تحرير جيتوڻيڪ پوءِ جي آهي، پر يقينيطور ڪنهن آڳاٽي ذخيري تان نقل ٿي. جن لفظن ۾ اها نقل ٿيل آهي، تنهن کي ٽکڙ جي’منعماڻي‘ پاڙي وارن سيدن جي زباني بيان ٿيل روايت چوڻ مناسب ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اهالکت انهن ئي وٽ محفوظ رهي آهي. اڄ کان هڪ صدي اڳ سنه 1300هه ۾ جنهن اها نقل ڪريلکي، تنهن کي وري ”ڇنڇر ڏينهن ڏهين تاريخ ربيع الاول سنه 1361هه“ ۾ حافظ بسلٽکڙائي اتاريو. اهو بياض محترم قمرالزمان شاهه جي مهربانيءَ سان راقم جي مطالعيهيٺ آيو.

(3) درويش هاشم شاهه جڏهانڪر مستي ۽ مجذوبي ۾ آيوته هندوستاني ڳالهائڻ لڳو. غالباً قلندر شهباز تي ڪن ٻاهرين عقيدتمندن سانڳالهائيندي اها ٻولي اختيار ڪيائين. اسان هت سندس قول هندوستاني بدران سنڌيءَ ۾ڪري لکيا آهن.

(4) ثابت فقير ايڏي وڏي درجي وارو هو جو کيس’ميان ثابت‘ ڪري سڏيو ويو. سندس قبر ’سُئي قندر‘ واري قبرستان ۾ ڏيرن فقيرن جي خاصمقام ۾ هڪ اوچي ٿلهي تي آهي جنهن تي ست قبرون آهن، جن مان اولهه طرف کان پهرين قبرثابت فقير جي آهي ۽ سِر تي پڻ نالو ’ميان ثابت لکيل آهي.

(1) سنه 1959ع ۾ جڏهن راقم شاهه حبيب جي گهرواري جاءِ وڃي ڏٺي ۽ پڻ اندر مقام ۾ شاهه عبداللطيف جي انهن سڳن ڀائرن جون قبرونوڃي ڏٺيون ته اهي تازو ڪجهه وقت اڳ نئين سر ٻڌايون ويون هيون. هڪ تي ’عبداللطيف‘جي نالي جي سِر لڳل هئي، پر ٻيءَ تي جيڪا سِر هنئي وئي هئي. تنهن تي ’عبدالرشيد‘نالو لکايو ويو هو، حالانڪ اڳ ٻنهي تربتن تي ’عبداللطيف‘ نالا لڳل هئا. ٽکڙ واريشجري ۾ به شاهه عبداللطيف جي ٻين ٻن ڀائرن جا نالا ساڳيا ’عبداللطيف‘ ڄاڻايل آهن.

(2) لطائف لطيفي، صفحو- 204.

(3) ڄم يا چلو ڪري ڀانيل جاءِ مسجدسان لڳو لڳ اتران آهي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن طرح شاهه صاحب سان منسوب ڪئي وڃي ٿي. ٻه ڳوٺ هڪ ٻئيسان لاڳو ۽ ويجها آهن: ’ڀينءَ پور‘ اتر طرف، ۽ سمن جو ڳوٺ ’لڌا سما‘ (’لڌا‘ سمن جوپاڙو) ڏکڻ طرف آهي.

(1) لطائف لطيفي، ص 29.

(2) لطف اللطيف، ڪراچي، 195ع، ص- 10.

(3)لالواڻيءَ جو شاهه عبداللطيف بابت انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب، ڇپيل سنه 1889ع، ص-1.

(6) ميينشاهه عنات رضوي، پنهنجي حياتيءَ جي آخري سالن 1130هه- 1133ه ڌاري (جڏهن شاههعبداللطيف به ٽيهن سالن کن جو هو، ۽ ماڻهن ۾ توڙي ميين شاهه عنات وٽ سندس عزت هئي)وڏيري ڏهيسر پليجي تي ڏمرجي هيٺيون بيت چيو، جنهن ۾ رخ بدلائيندڙ درياءَ کي خطابڪندي هالا حويلي کي به بددعا ڏنائين ته اها واريءَ ۾ لٽجي پورجي وڃي:

ڳاهڪي کي ڳُڙ ڪري پليجاڻي پاءِ

واري جا ولايت جي هالا حويلي لاءِ.

شاهه عبداللطيف جي ميين شاهه عنات سان محبت هئي. جيڪڏهنشاهه عبداللطيف هالا حويلي ۾ ڄائو هجي ها ته اها ڳالهه ميين شاهه عنات کان ڳجهيڪانه رهي ها (جو هالا حويلي نصرپور کان فقط چار ميل پري هئي) ۽ پاراتي ۾ ان جونالو نه آڻي ها (مٿين بيت لاءِ ڏسو ميين شاهه عنات جو ڪلام، مقدمو ص 35، لطائفلطيفي، ص- 164.)

(1) لطائف لطيفي، فارسي متن، ص- 169.

(2) سنه 1964ع ۾ هن سلسلي ۾ پڇائون ڪندي، قاضي حڪيم محمد بخش مرحوم (9- آگسٽ1964ع) تي نصرپور ۾ تصديق سان ٻڌايو ته: سيد جيئندل شاهه (اصل ويٺل ’هالا حويلي‘جو جيڪو پوءِ اچي ڳوٺ عثمان شاهه جي هڙي ۾ ويٺو) چوندو هو ته ڀٽائي صاحب ’هالاحويلي‘ ۾ ڄائو ڪونه هو، پر وڏي هوندي ’هالا حويلي‘ مان سندس لنگهه هو، جو اتان’لڌا سما ۽ ڀينءَ پور‘ ڏانهن پنهنجن مريدن فقيرن وٽ ويندو هو. اها واٽ هن طرح هئي:ڀٽ، اڏيرولال، هالا حويلي، نصرپور ۽ اتان ’لڌا سما‘ ۽ ’ڀينءَ پور‘ جيڪي ٻئي لڳولڳآهن.

(3) ’گنباٽ‘ هڪ وڏي ايراضي جو نالو هو. موجوده صورتحال موجب، اها ايراضيشهدادپور تعلقي جي حدن ۾، شهدادپور ۽ ٽنڊي آدم جي وچ ۾ ريلوي لائين کان اولهه طرفويندي وڏي واهه سکر بئراج تائين، اتر ۾ ’مَلدَسي‘ ۽ ’گولي پير‘ تائين، ۽ ڏکڻ ۾ ڳوٺ’مُلي مکڻ‘ تائين هئي. سمن جي دور کان وٺي هي هڪ وڏي آباد ايراضي هئي. ترخانن جيدور ۾ هيءَ ايراضي شاهه قاسم بيگلار جي جاگير ۾ هئي، جنهن هتي گنباٽ وارو قلعوٺهرايو جنهن جا آثار ’مِٺن فقير ڏيري‘ جي ڳوٺ کان سڏ پنڌ اولهه طرف، ويندي 1976عتائين موجود هئا، ۽ راقم پاڻ ڏٺا.

(1) ’وانئين‘ يعني ننڍڙي ’وانءَ‘ يا ننڍڙو ڳوٺڙو، جنهن کي سانگي، مرزا قليچ بيگ۽ لالواڻي ’وائي‘ ڪري لکيو. سانگي ڄاڻايو آهي ته اهو ڳوٺ اڏيري کي ويجهو آهي.لالواڻي جنهن سنه 1889ع ۾ ان بابت پڇا ڪئي هئي، سو لکي ٿو ته اهو ڳوٺڙو اڏيري کانچار ميل ۽ ڀٽ کان ٻارهن ميل پري آهي ”جتي هن وقت ابڙا رهن ٿا“ (1899ع ۾ ڇپيلانگريزيءَ ڪتاب، ص-11)

(2) ڀٽ تي ميين نورمحمد واري اوطاق 1954ع تائين موجود هئي. ان سال مٿي درگاههڏانهن ويندڙ رستي کي سرڪاري طور ڪشادي ڪرڻ وقت اها ’ميين جي اوطاق‘ رستي جي وچ ۾اچي ٿي وئي ۽ ’بل ڊوز‘ ڪري ڊاٺي وئي. پوءِ فقط هڪ کوهي باقي وڃي رهي هئي جيڪا رستيجي پوري وچ تي هئي ۽ مٿان ڪنهن ڍڪ سان ڍڪي ڇڏي هئائون، جيڪا راقم پاڻ ڏٺي هئي.’ميين جي اوطاق‘ ۾ هڪ ’دڪي‘ ٺهيل هئي جيڪا چُن سان لتل هئي؛ پويان ميان ان جي خاصسنڀال ڪندا هئا ۽ روزانو ڇنڊڦوڪ ڪندا هئا ڇاڪاڻ جو بعضي شاهه صاحب جڏهن پنهنجياستاد وٽ ايندو هو ته ان دڪي تي اچي ويهندو هو. ميين نورمحمد جي پٽ ميين ولي محمدجي شاهه صاحب وٽ وڏي عزت هئي، ايتري قدر جو وفات بعد ميين ولي محمد ئي شاهه صاحبکي غسل ڏياريو ۽ جنازي نماز پڙهائي.

(1) ”مير حبيب الله که همانا ذات اقدسيش ناموس سلسلہ کريميہوبکرامات ظاهره من الشمس است“ (مقالات الشعراء، ص357). ”هميشه صاحب وجد و حال بودواستغراق ڪمال داشت.“ (تحفة الڪرام، مطبع ناصري دهلي، 3X173).

(2) اهڙواشارو سانگي جي نظم ۾ آهي: (لطائف لطيفي، ص 61):

بوده در قرب شهرش خانہ آباد  ازان سيد حبيب شاهه آزاد

(1) لطائفلطيفي، ص-144.  

(1) لطائفلطيفي (ص 93- 94) جي پڙهڻي ”پسڻ خاطر“ آهي. لالواڻي جي انگريزي ڪتاب (”شاهه لطيف“،ص- 8) ۾ ڏنل پڙهڻي ”پسڻ ڪارڻ“ آهي.

(2) سانگي،هن اهم واقعي جي اصليت بدران ان جي بالڪل هڪ عامي روايت کي قلمبند ڪيو آهي (لطائفلطيفي، فارسي متن، ص ص 144- 145) ته: شاهه لطيف ان وقت ننڍو ڇوڪرو هو ۽ محض راندخاطر ٻين ڇوڪرن سان گڏجي اتي ويو هو ۽ راند ڪندي هو هڪ ڪنڊي جي ٿڙ واري پور ۾ وڃيلڪو يا ان جي آڏو واريءَ جو دڙو هو تنهن ۾ لڪو جو کيس ڪوبه ڏسي نٿي سگهيو. ٻياڇوڪرا بالآخر موٽي ويا پر پاڻ اتي ئي عبادت ۾ محو ٿي ويو. هن روايت ۾ هيءُ راندوارو بيان گهڻو پوءِ ڳنڍيو ويو ته جيئن ٻاراڻي وهيءَ ۾ شاهه صاحب جي ڪرامت وڌيڪروشن ٿئي. پر ان موقعي تي شاهه حبيب ۽ شاهه لطيف جي چيل پُرمعنيٰ سٽن مان ظاهر آهي ته شاهه لطيف ان وقت راند واري وهيءَ کانوڏو هو، ۽ پنهنجي ڪيل رياضت توڙي شاهه حبيب جي تربيت جو مٿس گهرو اثر پئجي چڪو هو.

(1)ان بعد هن روايت ۾ هيٺيان لفظ آهن:

”پوءِ (شاهه حبيب) سمجهيو ته ڪمال حاصل ٿيو آهي. پوءِ

ڀٽ تي سڪونت اختيار ڪيائون ۽ مريد ڪيائون.“

ظاهر آهي ته اهي الفاظ پوءِ راويءَ طرفان وڌايل آهن. هاشم شاهه واري زباني سانڄڻ انهن جي ڪابه مناسبت نظر نٿي اچي ڇاڪاڻ جو درويش ”هوگا“ (ٿيندو) جو لفظ چيو ۽نه ”هو گيا هي“ (ٿي ويو آهي).

(1) ڊاڪٽرعمر بن محمد دائودپوٽي جو مرتب ڪيل ”شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام“، 1937ع ڇاپو، ص،9-10.

(2) لطائفلطيفي (فارسي متن)، ص- 104.

(1) مير عليشير قانع هن واقعي جو تاريخي ماده ”يک مغل بہ بود“ يا ”بود خبيث“ ڄاڻايو آهي. مرزابيگ جي قبر، ميين ونهيين جي مقام لڳ، شاهه قاسم بيگلار جي قبرستان ۾ موجود آهيجنهن تي اهوئي سال لکيل آهي.

(2) شاههلطيف جو مرزا بيگ جي حويلي ۾ دعا لاءِ وڃڻ ۽ سيده بيگم جي چيچ جهلڻ واري ڏندڪٿا نهفقط سنڌ جي تهذيب ۽ ريت رسم جي خلاف آهي، پر شاهه لطيف جي اعليٰ ڪردار (جنهن لاءِسندس والد سالن جي توجهه سان سندس خاص تربيت ڪئي هئي) جي پڻ ابتڙ آهي. اصل ۾ ميرعلي شير قانع (محض شاهه لطيف جي ڪرامت بيان ڪرڻ خاطر) ايترو لکيو ته ’اهو مغل اڳمخالف هو‘؛ پر ائين ڪونه چيائين ته ڪو شاهه لطيف جي سندس حويليءَ ۾ اک هئي انهيءَڪري هو مخالف هو. اها ڳالهه پوءِ بنائي وئي ۽ مير سانگي پهريائين ان کي تحرير ۾آندو ۽ پوءِ ٻين ان کي نقل ڪيو. شاهه لطيف جي شاديءَ واري زندگي جي اهڃاڻن مان هنجڙتو بيان جي ڪلي طور تي ترديد ٿئي ٿي. (ڏسو هيٺ)

(3) مرزاقليچ بيگ شاهه جي شاديءَ جي سلسلي ۾ صحيح راءِ قائم ڪئي آهي ته ”شوق جي پٺيان شاديڪين ڪيائين.“ ”سندس بيبي گهر واريءَ سان ...... اوتري محبت ڪانه هوندي هيس. نڪاعشق پئي ڪا شادي ڪئي هئائين. رڳو شرع شريف جي حڪم پوري ڪرڻ لاءِ ڪم ڪار جي سهنجلاءِ شادي ڪئي هئائين. شادي ڪرڻ به هڪڙي سنت هئي، تنهنڪري هن روا رکي.“ (احوالشاهه عبداللطيف ڀٽائي، ص ص 60-61).

(4) مرزاقليچ بيگ، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ص 26؛ لالواڻي، انگريزي ڪتاب ’شاهه لطيف‘،ص 21؛ دين محمد وفائي، لطف اللطيف، ص ص 96، 98.

(1)لطائف لطيفي، فارسي متن، ص- 127. باوجود انهن اهڃاڻن جي، شاهه جي شاديءَ کي ميرسانگي ’افسانہ عشق‘ ۽ ’عشق بازي‘ طور منظوم ڪيو؛ نه فقط ايترو پر شاهه جي گهر واريبابت مير علي شير قانع جي ڏنل اشاري کي محض عامي روايتن جي آڌار تي وڌائي وڻ ڪيو،حالانڪ اهي روايتون سنڌ جي ريت رسم توڙي شاهه جي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار جي ابتڙهيون. مثلاً شاهه لطيف کي اندر گهر ۾ دعا لاءِ وٺي ويا ته وڃي پرده دار بيمارڇوڪريءَ جي چيچ جهليائين، پوءِ سندس پيءُ کي پٽيائين ۽ پڻ سنديس ننڍڙو ڀاءُ مئو تهڄڻ شڪر ڪيائين. (ڏسو ’لطائف لطيفي‘، فارسي متن، ص، 59- 73).

(2) مير عبدالحسينسانگي جنهن هي ڪتاب ڏٺو هو، تنهن هن کي ’رسالو‘ ڪري ڄاڻايو آهي جنهن ۾ ميين شاههڪريم جو احوال درج هو (لطائف لطيفي، ص-122) مرزا قليچ بيگ ان کي ”شاهه ڪريم بلڙيءَواري جو رسالو“ ڪري لکيو آهي. غالباً انهن حوالن مان مراد ’بيان العارفين‘ ئي آهي.

(3) ”ميينشاهه عنات جو ڪلام“ (سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع) ۾ راقم هن موضوع تي تفصيل سان روشنيوڌي آهي (مقدمہ، صفحا 89- 106). ان وقت ميين شاهه عنات جي وفات جو سال معلوم نههو. پر پوءِ پڪيءَ طرح معلوم ٿيو ته ميين شاهه عنات سنه 1133هه ۾ وفات ڪئي.

(1) ”شاههڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“، سنواريندڙ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، 1937ع.

(2) راقم سان 17 جنوري 1959ع تي، مولوي محمد صلاح جي اولادمان، ميين عبدالله (عمر 89 سال) هي حقيقت بيان ڪئي ۽ ٻڌايائين ته مولوي محمد صلاحجي ان باري ۾ تحرير به هن ڏٺي هئي.

(1) ’لطائف لطيفي‘، فارسي متن، 1968ع، صفحو 69، ۽ پڻ 42- 43۽ 36. ساڳيءَ طرح ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (1972ع ڇاپو) ۾ مرزا قليچ بيگ هڪجاءِ تي لکيو ته مرزا مغل جي حياتيءَ ۾ ئي سندس اڻبڻت ۽ ايذاءَ کان ڪوٽڙيءَ مانلڏي وڃي ڀٽ تي ڳوٺ ٻڌائون (ص- 34). ۽ ٻي جاءِ تي ڄاڻايائين ته ”پيءُ جي مرڻ کانپوءِ سگهوئي شاهه عبداللطيف لڏي اچي ڀٽ تي ويٺو“(ص- 38). وري هڪ جاءِ تي چيائين تهشاهه صاحب ڀٽ تي هو جو گلان کي دعا ڪيائين (ص- 86) ته ٻيءَ جاءِ تي آندائين ته آخريعمر ۾ ڀٽ کي وسايائين(ص- 36)- سندس انهن بيانن ۾ تضاد آهي. لالواڻي پنهنجي انگريزيڪتاب ’شاهه لطيف‘ (ڇاپو 1890ع) ۾ شاهه جي شاديءَ جي بيان بعد لکيو ته هو پاڻ اچيڀٽ تي رهيو ۽ گهڻو وقت اتي گذاريندو هو، حالانڪ سندس گهر ٻار ۽ والد ڪوٽڙيءَ ۾هئا. هو پنهنجي والد کي ”ڀٽ تي لڏي اچڻ لاءِ مڃائي نه سگهيو. اهو معلوم ناهي تهشاهه لطيف ڪڏهن اچي ڀٽ تي (گهر ٻار ڪري) ويٺو، پر (ڀٽ تي) سندس مريدن (لالواڻي کي)ٻڌايو ته شاهه صاحب سندس والد جي فوت ٿيڻ ۽ ڀٽ تي دفن ٿيڻ بعد لڏي آيو“(ص- 13)

(1) لطائف لطيفي، ص- 86.

(2) ’سيد کہ برڀٽ شريف آستانه تجويز کرده است“ (لطائف لطيفي،فارسي متن، ص-86). ميان غلام شاهه جي ولادت جي تاريخ في الحال اسان جي آڏو موجودناهي، پر اهو تاريخي طور ثابت آهي ته سنه 1152هه ۾ نادر شاهه بادشاهه جڏهن مياننور محمد خلاف سنڌ تي چڙهيو پئي آيو ته ميان نورمحمد پنهنجي طرفان اڳواٽ صفائيخاطر صاحبزادي غلام شاهه کي نادر شاهه جي خدمت ۾ موڪليو هو. ان وقت غلام شاهه وڏوهوندو نه ته به ڪم از ڪم سندس عمر پندرهن سورنهن سال کن هوندي، جنهن مان پڻ اهوگمان ٿئي ٿو ته سندس والده مائي گلان سنه 1135هه ڌاري ڀٽ تي شاهه جي خذمت ۾ اچيڳايو هوندو.

(1) ڇاڪاڻ جو انهي موضوع بابت جيڪي بيان سانگي (1888- 1880ع ڌاري) ’لطائفلطيفي‘ ۾ آندا آهن سي گهڻو ڪري سڀ کيس وڏيري عبدالله شوري ٻڌايا. هڪ جاءِ تي سانگيسَنَد سان بيان ڪيو آهي ته هن وڏيري عبدالله (عمر 55 سال) کان ٻڌو جنهن پنهنجي والد وڏيري رستم (عمر نوي سال) کان ٻڌو جنهن سندسپيءُ وڏيري قلندر شوري کان ٻڌو، جنهن اُٺيون چاريندي شاهه لطيف کي ڀٽ تي وڻن ۾ويٺل ڏٺو هو ۽ کيس کير پياريو هو. ان بعد جڏهن شاهه صاحب ڀٽ واري ماڳ کي هموار ڪريٺهرائي سهڻو پئي ڪيو تڏهن پڻ قلندر پنهنجي پيءُ وڏيري صاحبڏني سان گڏجي اتي ويندوهو (لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 144- 145).

(1) ڄاڻوفقيرن وٽ جتي ڪٿي راقم هي بيت (ذرا مختلف پڙهڻين سان) ٻڌوجيڪو ’متفقه زبانين موجب‘هن موقعي تي شاهه صاحب پڙهيو. مير عبدالحسين خان سانگي هن واقعي بابت جيڪا روايتقلمبند ڪئي آهي، سا شاهه حبيب ۽ شاهه لطيف جي پيار ڀريي ناتي جي سراسر ابتڙ آهي.ان روايت موجب، شاهه حبيب جي بيماريءَ وقت شاهه لطيف ڀٽ تي هوئي ڪونه، ۽ هو ڪوٽڙيءَ۾ رهيو پيو هو. انهيءَ تي شاهه حبيب ڏانهس ڏوراپي جو بيت چوائي موڪليو، جنهن جيجواب ۾ وري پاڻ به بيت چوائي موڪليائين، پر آيو ڪونه. ان جو سبب اهو ڄاڻايو ويوآهي ته شاهه عبداللطيف رضا الاهي تي راضي رهڻ جو عهد ڪيو هو سو چيائين ته: جي آءٌويندس ۽ والد کي فوت ٿيندو ڏسندس ته مون کي ڏک ٿيندو، جيڪو ڪيل عهد جي خلاف ٿيندو(ڏسو لطائف لطيفي، فارسي متن، صفحا 42- 43).

(1) شاهه حبيب جي وفات بابت ڏسو راقم جو تفصيلي مضمون، سماهي ’مهراڻ‘ نمبر 3-4،سنه 1978ع.

(2) حضرت پيران پير کان اڳتي سندس پنهنجن مرشدن مشائخن جو هيخاص سلسلو حضرت علي رضه سائين تائين پهچي ٿو. ان کان سواءِ قادري طريقي ۾ حضرتپيران پير جي مرشدن مشائخن  جا ٻيا سلسلاحضرت ابوبڪر صديق رضه ۽ ٻين اصحابن ڪرامن تائين پهچن ٿا. مير عبدالحسين خان سانگي’لطائف لطيفي‘ ۾ (صفحا 23- 24) شاهه صاحب جو قادري طريقت ۾ هي سلسلو ويندي حضرتعلي رضه تائين ڏنو آهي پر هن پهرئين ڀاڱي ۾ کانئس ڪي نالا رهجي ويا آهن. هي ڀاڱومٽيارين جي عالم فاضل مشتاق متعلوي جيئن لکيو آهي تيئن ڏنو ويو آهي. مولوي دينمحمد وفائي مرحوم پڻ ان کي ئي ’لطف اللطيف‘ (صفحه 31- 32) ۾ نقل ڪيو آهي.

(1) راقم، شاهه صاحب جو هي خط مخدوم معين جي جواب جي اختصارسميت رسالي ”نئين زندگي“، نومبر 1953ع ۾ ڪجهه وڌيڪ تفصيل سان شايع ڪيو آهي ۽ اتيڏسڻ گهرجي. ’رساله اويسيہ‘ جو اصل قلمي نسخو راقم کي پير جهنڊي جي وڏي ڪتبخاني ۾دستياب ٿيو.  

(1) مير سانگي جي هڪ روايت موجب، شاهه جي زندگي جي پوين ڏهنسالن ۾ هيءَ سڄو نظام قائم ٿيو (لطائف لطيفي، فارسي متن، ص- 181)، پر سانگي جيپنهنجي ئي ڪيترن بيانن توڙي ڪن ٻين حوالن مان تصديق ٿئي ٿي ته شاهه صاحب جي ڀٽ تيلڏي اچڻ سان ئي فاقيري نظام جي شروعات ٿي. البت هن نظام جي تڪميل ۽ پوري پابنديشاهه جي زندگي جي پوين پنجن کي سالن ۾ ٿي، جڏهن هو ٻاهر مسافرين تي وڃڻ بدران گهڻووقت سڄو ڀٽ تي ئي گذارڻ لڳو.

(2) يعني محمد عالم ڏيرو ’وڏو‘ جيڪو اڳ ٿي گذريو. هن پوئينويجهي دور ۾ حاجي عالم ڏيرو راڳائي هو جنهن اول ميين حسين کان ۽ پوءِ ٽنڊي غلامحيدر جي فقير حافظ چاڪي کان راڳ سکيو. هن پوئين محمد عالم جو ٻالڪو غلام دين آريسرٿيو جيڪو تند جو وڏو قابل هو.

(1) عام مڃيل ۽ مشهور روايت موجب سومر فقير لاڙڪ اتر جو هو ۽خانپور (لڳ شڪارپور) جو ويٺل هو. مير سانگي جي لکڻ موجب، سومر فقير پير پٺي کان، 7ڪوهه پري خانپور جو ويٺل هو.

(2) مير عبدالحسين سانگي ’لطائف لطيفي‘ (169- 171) ۾ تفصيلسان فقيرن جا نالا ڏنا آهن. راقم به ڀٽ تي حسين بخش فقير لاڙڪ وٽ موجود ’شرحلطيفي‘ (نالو ائين) تان ”ڌڻي بخش فقير“ جو (تازو ويجهي وقت ۾) اتاريل نالن جو تفصيل،4- آڪٽوبر سنه 1955ع تي ڏٺو ۽ نقل ڪيو.

(1) هي ’سماع وارو ذڪر‘ هو. ان کان سواءِ روزانو هر نماز بعد’تسبيحي ذڪر‘ جدا ٿيندو هو.

(2) ڀٽائي صاحب جي وفات بعد، 14 ۽ 16 صفر تي سماع قائم ٿي.16- صفر واري سماع ۾ ٽن سُرن يعني بلاول، راڻي ۽ حسيني مان بيت پڙهندا آهن، ۽ 14-صفر واري سماع ۾ چئن سُرن يعني پورب، ڪاموڏ، ڪارايل ۽ حسيني مان بيت پڙهندا آهن.

(1) و ازان وزيکه انس بہ سرود گرفتند بمکان شريف ماندناختيار کردن و ذوق و شوق ما فوق بہ آن مي داشتند و ازان جوش تسکين يافتند- والا“ نہمدامي بمحل گردي مصروف بودند بعروج بسر مي بردند- وسرود براي حصول نزول سببي شد.(لطائف لطيفي، فارسي متن، راقم جي تصحيح سان شايع ڪيل شاهه عبداللطيف ڀٽ شاههثقافتي ڪميٽي، ڀٽ شاهه، 1967ع ص- 1010.

(2) منقول است کہ اکثر فقراء لطيفي کہ سرودي بودند تپ نوبتکردند. چون از ملالت و ناهمواري طبع عاجز آمدند شکايت از بي اعتدالي طبيعت بحضرتاولياء عرض گذرانيدند. فرمان صدور يافت کہ هر شب آدينہ بدرگاه پدر بزرگوار سرودلطيفي بسرايند و کلام شريف بگوبند. فقراء عمل برحکم کردند صحت کلي يافتند. بعد ازيک پاس شب آغاز سرود مي کردند و بوقت صبح صادق انجام مي نموند. وچون مدتي منقضي شددر کردن سرود کاهلي و تساهلي نموند. باز بہ علت تپ گرفتار آمدند. لابد مداومتساختہ کہ تاهنوز شب جمعہ کلام کرامت نظام مي سرايند (لطائف لطيفي، ص- 18).

(3) ’شاهه جي راڳ‘ جي شروعات ۽ پوءِ ان جي دوروار تاريخ تيراقم جي ڪتاب ”سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ“ (1978ع ڇاپو، صفحا 149- 1400) ۾ تفصيلسان روشني وڌي آهي. البت ان ڪتاب لکڻ وقت، شاهه حبيب جي وفات واري سال تي وڌيڪتحقيق ڪرڻ بدران، گربخشاڻي واري ڏنل سال 1155هه تي ڀروسو ڪيو ويو ۽ ’شاهه جي راڳ‘جي شروعات ان سال ۾ ڄاڻائي وئي جيڪو صحيح نه هو. سنه 1144هه صحيح آهي.

(1)عقيدتمندن جي روايتن موجب، شاهه ڪريم ڪن موقعن تي بيتنجون پهريون سٽون چيون ۽ جڏهن فقيرن باقي ٻين سٽن بابت پڇيو ته جواب ڏنائين ته:سندس اولاد مان ڪو عارف ٿيندو، جيڪو انهن بيتن کي سڄو ڪندو.

(1) سنه 1355هه ۾ جڏهن سجاده نشين غلامحيدر شاهه، لونگ فقير مهيسر جي فقيرن جي خذمت ذريعي روضي جي مرمت ڪرائي تڏهن شاههصاحب جون لڳايل اصلوڪي ڪتبي واريون سرون لاهي، ٻين سرن تي ڪَتبو لکائي لڳايائون.انهن اصلوڪين سرن مان فقط تاريخ جي سال واري سر مجاورن سنڀالي رکي ۽ اها راقم کيوڏي مجاور صوف فقير ڏيکاري. ٻي هڪ سر بلڙي جي ڪن ٻين دوستن وٽ هئي، ۽ وڌيڪ ڳولاسان ٽريءَ سر جو ٽڪر جنهن تي ”طفال“ جو لفظ پڙهڻ ۾ آيو سا مون اداري سنڌالاجي جيميوزم ۾ حفاظت لاءِ رکائي. شاهه عبداللطيف جو ميين شاهه ڪريم جي درگاهه جوڙائڻ بابتتفصيل، منهنجي مضمون (”شاهه عبداللطيف جي سوانح بابت وڌيڪ تحقيق ۽ معلومات“)، سهماهي مهراڻ بهار 2006ع ۾ ڏسڻ گهرجي.

(1) مير عبدالحسين خان ’لطائف لطيفي‘ (ص 32- 34) ۾ اها سڄيڳالهه لکي آهي ۽ پڻ سر جو ذڪر ڪيو آهي ته: ”اما يک خشت بسمت شمال دروازه مقابلروضہ کريمي لطيفي بديوار نصب کردند که بران لطيف نگاشت بود.“ چٽي وضاحت ٿيل ڪانهيته ڪهڙي ديوار تي سر هنئي وئي، البت اڳتي هلي لکي ٿو ته اصل سر جتان ڪڍي وئي، انساڳي جاءِ تي صاحبڏني شاهه ٻي سر هڻائي جيڪا پيلي رنگ تي نمايان آهن. جيڪڏهنصاحبڏني شاهه ڪا سر هڻائي هئي ته اها به سنه 1355هه ۾ غلام حيدر شاهه جڏهن لونگفقير جي فقيرن جي خذمت ذريعي مرمت ڪرائي ۽ اڀرندينءَ ڀت تي ٻاهران نئين ڪاشي لڳيتڏهن پٽجي وئي. راقم ٻه ٽي ڀيرا ميين شاهه ڪريم جي روضي توڙي اتران ان سان لڳ مسجدجي ديوارين کي جانچي ڏٺو پر اهڙي ڪا سر لڳل نظر ڪانه آئي. البت مجاور حاجي صوفميمڻ ٻڌايو ته سندن وڏا چوندا آهن ته شاهه لطيف واري اصل سر جنهن تي ’لطيف‘ لکيلهو سا روضي جي اڀرنديءَ ڀت جي ٻاهران، روضي جي در کان اتر، ڀت جي بالڪل آخرياترئين ڪناري سان ڪنڊ لڳ پر ذرا مٿي لڳل هئي. مير عبدالحسين سانگي، هيءَ سڄو بيانحڪايتي رنگ ۾ شاهه صاحب جي ڪرامت جي سلسلي ۾ آندو آهي. سندس لکڻ موجب هڪ ته ميينشاهه ڪريم کي پاڻ تي روضو منظور ڪونه هو ۽ انهيءَ ڪري جيڪو به عمارت ٺهرائڻ خاطراتي بيٺل وڻ وڍيندو هو تنهن کي نقصان رسندو هو، پر شاهه صاحب کي ڪجهه ئي ڪونه ٿيو.ٻيو ته عبدالواسع شاهه جي ان اڻ- سهائيندڙ هلت سببان (شاهه لطيف جي رنجش جي ڪري)ٽن پيڙهين کان پوءِ سندس اولاد ۾ گادي ختم ٿي ويئي ۽ اها ڦري محمد صلاح شاهه جياولاد ۾ آئي (لطائف لطيفي، ص 30-33). مير سانگي عمارت جي اندر واري اها جاءِڄاڻائي آهي جتي ’لطيف‘ جي نالي واري سر هنئي وئي هئي، پر ڪَتبي جي ’درگاهه ڪريمي‘واري سر جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. ان سر تي لکيل ڪتبي مان ظاهر آهي ته اها روضي جياندر ان اڳئين ڪتبي جي سر هئي. هاڻي اتي ساڳيو ڪتبو جيڪو لڳل آهي سو پوءِ نئين سرلکايو ويو. شروعاتي تحقيق دوران 1968ع ۾، ۽ وري ٻيهر سيپٽمبر 1987ع ۾، راقم اها سرڏٺي ۽ ان جو فوٽو ورتو. درگاهه جي مجاور حاجي صوف ميمڻ ان سر کي سنڀاليو آهي. هيءَسر شاهه عبداللطيف جي هٿن جو وڏو يادگار آهي، جنهن کي وڏي احتياط سان محفوظ ڪرڻ جيضرورت آهي.

(1) مثلاً مير عبدالحسين خان سانگي جو ’لطائف لطيفي‘ (ص 183)۾ بنا ڪنهن دليل جي بيان ته ”حضرت اولياء صاحب، سنياسين ۽ جوڳين جي ٽولي ۾ پورا ٽيسال گذاريا ۽ ڪوهستان جي سير تي هو.“ اهي شاهه جي زندگيءَ جا ڪهڙا ٽي سال هئا، ۽اهو پورن ٽن سالن وارو مدو ڪنهن ڳڻيو.

(2) انهن مان ڪي ٿورا لکت ۾ موجود آهن ۽ ٻيا زباني روايتن ذريعيمشهور آهن. زباني روايتن جي وڌيڪ تصديق راقم پاڻ انهن ماڳن تي وڃي اتان جي سڄاڻن ۽خاص طرح انهن اڳين بزرگن جي اولاد کان ڪئي، جن جو شاهه صاحب جي سلسلي ۾ ذڪر ٿيلهو.

(3) ٻه ڀٽُون جيڪي ’واگهين جون ڀٽون‘ سڏجن، تن مان اڀرندي طرفواري تي ڀٽائي صاحب جو تڪيو آهي ۽ الهندي واري تي مخدوم صاحبن جي مريدن مان هڪدرويش بهرم فقير جوڻيجي جي تربت آهي، جيڪو ’بهرم بري‘ سڏجي.

(4) ٻين ڪن ماڳن بابت پڻ روايتون آهن پر انهن تي وڌيڪ غور جيضرورت آهي.

(1) ونهيين فقير سالاراڻي جي اولاد مان احمد فقير، گل محمدفقير ۽ طيب فقير جيڪي پاڪستان کانپوءِ ڪڇ مان سنڌ لڏي آيا ۽ شاهه جي رسالي جا ڄاڻو۽ سالڪ هئا تن (جؤنگي، لڳ چوهڙ جمالي، ۾ 22- اپريل 1962ع تي ساڻن ڪيل تفصيليڪچهريءَ ۾) متفق طور اها تصديق ڪئي. راقم جي استدعا تي گل محمد فقير، شاهه صاحب جيقادري طريقي واري ڪلاه جيڪا پاڻ ونهيين فقير کي ڏني هئائين ۽ پوءِ سندس اولادسنڀالي رکي هئي، سا مونکي ڏني جنهن کي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ميوزم ۾ محفوظ ڪري رکيوويو.

(2) ٻاهڙ مير جي پريان تلواڙو سٽيشن کان ڏکڻ سمن ۽ راهومن فقيرنوٽ ويو، جو اتي پوءِ فقير سماع ڪندا هئا، دعا گهرندا هئا ۽ بعد ۾ چيٽ جي مهيني ۾’لوڻي ندي‘ جي پيٽ ۾ سال به سال ميلو ٿيڻ لڳو. ڳوٺ ’سُوڙهيار‘(هلندڙ- اڳئين صفحي تي) (تعلقو ۽ ضلعوٻاهڙمير) ۾ غوث جو خليفو جمعو فقير شيدي ان پڇاڙي واري دور ۾ راڳ ڪندو هو. ڳوٺ ’سانئون‘، برهان جو تڙ، اتي لنجا فقير دلدنبورن تي راڳ ڪندا هئا. ڳوٺ ’سينهار‘ جي غوثي جماعت جي راهومن مان هميرفقير راهومو راڳ ڪرائيندو هو. ڳوٺ ’هڙياريو‘ جي راهومن مان دائم فقير ۽ جامين فقيردنبورن تي راڳ ڪندا هئا. ’پاسرلو‘ ۽ ’سينهاڻي‘ ڳوٺن ۾ ڀنڀرا دل فقير راڳ ڪندا هئا.انهن ماڳن جي راقم گهڻن باخبر ماڻهن کان جيڪي ان طرف ويا ۽ رهيا هئا پڇي پڪ ڪئي.آخر ۾ مرحوم هوت سمون، جيڪو هڪ وڏو سڄاڻ ۽ جهانديده شخص هو ۽ تازو هندستان مان لڏيآيو هو (جنهن سان 4- نومبر 1980ع تي ننگرپارڪر جي ڳوٺ ساجن خاصخيلي ۾ تفصيلي رهاڻٿي) تنهن انهن ماڳن مان گهڻن تي ڀٽائي صاحب جي وڃڻ واري روايت جي تصديق ڪئي.

(1) رسالي جي ’سُر رامڪلي‘ ۾ ’جوڳين سناسين‘ جي نالن کي سطحينظر سان ڏسي، اڳين لکندڙن بنا سوچ ويچار جي شاهه جي جوڳين ۽ سناسين سان گڏ گذارڻجون خيالي ڳالهيون لکيون. سڀ کان اول مير عبدالحسين خان سانگي ’لطائف لطيفي‘ ۾(صفحا 31، 56، 183) ۽ پوءِ ليلارام ۽ مرزا قليچ بيگ سندن ڪتابن ۾ جيڪي ڪجهه لکيوآهي تنهن ۾ وڏيون اوڻايون آهن، جو هڪ طرف شاهه جي ڪرامتن بابت وڌاءُ ته ٻئي طرف’جوڳين ۽ سنياسين‘ جي نيڪي بدران گلا آهي. مجموعي طور سان سندن انهن بيانن مان فقطاهو نتيجو نڪري ٿو ته نڪو شاهه صاحب انهن ’جوڳين سناسين‘ جي ويساهن ۽ ڪريا ڪرمن کانمتاثر ٿيو ته نڪو هو به شاهه صاحب سان سچائيءَ سان پيش آيا.

(1) سالاراڻي جتن فقيرن جن شاهه صاحب جا اهي آثار پاڪستانکان اڳ پاڻ ڏٺا، تن مان هڪ کان وڌيڪ فقيرن راقم سان انهن آثارن جي تصديق ڪئي. وڌيڪاتي جي پوڄارين ائين به مشهور ڪري ڇڏيو هو ته شاهه صاحب ’نارائڻ سر‘ مان ٽٻي هنئي۽ اچي ڪوٽيسر جي مندر مان نڪتو.

(2) ٻي پڙهڻي:

ايءَ پنڌ آڳاهون، ڪيڪاهي رسئا ڪاپڙي.

ايءَ پنڌ آڳاهون، جتنانگا گڏئا ناٿ کي.

(3) ميين شاهه عنات ۽ شاهه عبداللطيف جي تعلق بابت وڌيڪ ڏسو راقمجو ڪتاب ”ميين شاهه عنات جو ڪلام“؛ مطبوع سنه 1936ع، مقدمو صفحا 89- 106، خاص طرحصفحا 89- 90، 96 ۽ 106. ان ڪتاب جي مقدمي لکڻ ۽ ڇپجڻ بعد ميين شاهه عنات جي وفاتجو سال (1133هه) پڪيءَ طرح معلوم ٿيو.

(1) ميين صابر جو ’تحفة الڪرام‘ (جلد-3، مطبع ناصري دهلي، ص-166) ۾ ذڪر آهي. شاهه لطيف جي ساڻس ملاقات بابت ڏسو ’لطائف لطيفي‘ (ص- 162)، ’لطفاللطيف‘ (ص- 88) ۽ ’تذڪره مشاهير سنڌ‘، جلد-3، ص ص 265- 267.

* هي ملاقات غالباً هن دور جي آخري سالن1155- 1160هه ۾ ٿي. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ان وقت شاگرد هو، چوٽيارين ۾ پڙهندو هو۽ ميين محمد مبين کي ’ابو‘ ڪري سڏيندو هو. شايد مانيءَ وقت هو خدمت ۾ موجود هو جوجنهن پيالي ۾ شاهه صاحب پاڻي پيتو سو گرهوڙي صاحب سنڀالي رکيو. ٻيءَ روايت موجباهو پيالو شاهه صاحب پاڻ کيس ان موقعي تي يا ٻئي موقعي تي ڏنو هو جيڪو هن پوئينويجهي دور تائين گرهوڙ ۾ سيدن وٽ حفاظت سان رکيل هو (لطف اللطيف، ص- 190).

(1) سندس اولاد وٽ مسلسل طور هلندڙ روايت جيڪا راقم سان مرحوممولوي عبدالله (17 جنوري 1959ع تي) بيان ڪئي.

(2) مخدوم جي اولاد جي روايت جيڪا آخر ۾ ان گهراڻي جي وڏيءَ عمرجي مائي جي زباني بيان ٿي (۽ راقم کي غلام رباني آگري ٻڌائي). هن روايت جي ڪنهنقدر هن مان تصديق ٿئي ٿي جو مخدوم صاحب مثنوي جو ڄاڻو هو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽمخدوم دائود آگرو به مثنوي جو وڏو شائق ۽ ڪاتب هو.

(3) ڪوٽڙي ڪبير جي مخدومن عالمن وٽ مسلسل طور هلندڙ روايت، جنهنجو ذڪر راقم سان پهريون ڀيرو هن خاندان جي سربراهه مرحوم غلام قادر فيبروري 1968ع۾ ڪيو. بعد ۾ 1985ع ۾ موجوده جانشينميان غوث محمد گوهر جي معرفت راقم ڪي ڪاغذات ڏٺا جن مان معلوم ٿيو ته مخدوم محمدسنه 1165هه ۾ حال حيات هو. راقم مسجد ۽ لئي واري جاءِ پڻ ڏٺي ۽ وڌيڪ پڇا ڪئي، جنهنتي معلوم ٿيو ته شاهه صاحب جڏهن مخدوم محمد وٽ ايندو هو ته عبدالرحيم ڦل پوٽو ڪوريفقير سندس خاص خذمت ۾ رهندو هو. هن فقير جي پوين وٽ ان وقت جي هڪ ’ٿالهي‘ وڏيحفاظت سان رکيل آهي (جو ڀانئجي ٿو ته ڀٽائي صاحب ان ۾ ماني کاڌي هئي) جيڪا راقم کيميان محمد اسماعيل (عمر 85 ورهيه) ڏيکاري.

(1) هيءَ ڳالهه کهڙن جي مخدومن عالمن وٽ مسلسل طور هلندي آئيآهي ۽ پڻ وڏي عالم مخدوم محمد عاقل (چوٿون) پنهنجي ڪتاب ’تاريخ آئينہ جهانما‘(قلمي) ۾ آندي آهي. راقم سان ان جو ذڪر پهريائين استاد مرحوم مخدوم امير احمد ڪيو،جنهن کي پوءِ ’تحفة الڪرام‘ جي سنڌي ترجمي (مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص ص 228-240) جي حاشيہ ۾ پڻ آندائين. مخدوم صاحب جن ائين به چيو ته: شاهه صاحب پاڻ ٺِڪَرجي ٽُڪر تي اڱر سان اهي سٽون لکي موڪليون هيون. کهڙن ۾ آءٌ وٽن ويس ته مون کي اهاڪوٺي واري جاءِ پڻ ڏيکاريائون (جيڪا جامع مسجد جي ٻاهرئين دروازي لڳ هئي) جتي شاههصاحب ٽڪيو هو. مرحوم مولوي دين محمد وفائي پڻ لطف اللطيف‘ (ص ص 81- 82) ۾ شاههصاحب جو مخدوم محمدي وٽ وڃڻ وارو بيان ’تاريخ آئينہ جهان نما‘ جي حوالي سان آندوآهي.

(2) ’لطائف لطيفي‘ (ص 79) ۾ مير عبدالحسين خان سانگي هنملاقات بابت لکيو آهي، ۽ پڻ مولويءَ دين محمد وفائي ’لطف اللطيف‘ (صفحا 84- 85) ۾ان کي بيان ڪيو آهي.

(1) راقم کي هيءُ روايت گهوٽڪي ۾ اعتبار جهڙن صاحبن کان ملي،ساڳي روايت پوءِ عادلپور ۾ پڻ ملي پر البت ’مارئي جي سُر‘ مان انهن بيتن جو سلسلوبدليل هو.

(2) وڌيڪ مخدوم محمد معين جي بيان هيٺ ڏسو. مير عبدالحسينخان سانگي ’لطائف لطيفي‘ (ص ص 100- 101) ۾ جيڪا حڪايت آندي آهي ته مخدوم محمد هاشمراڳ بند ڪرائڻ لاءِ شاهه صاحب وٽ (ڀٽ تي) آيو هو جو دنبورا ڪوٺي ۾ بند ڪرڻ جيباوجود وڳا، سا صحيح ناهي. اهو سازن جو خودبخود وڄڻ وارو واقعو تڏهن ٿيو جڏهن شاههصاحب کهڙن ۾ مخدوم محمدي وٽ مهمان هو. مخدوم محمد هاشم جي منع ڪرڻ واري روايت بابتڪن بيانن ۾ ائين ڄاڻايل آهي ته مخدوم صاحب چيو ته: ”شرعي لحاظ کان خود ميين شاههڪريم پڻ سندس قبر تي قبي جوڙائڻ کان منع ڪئي هئي.‘ ميين شاهه ڪريم جي ڪيل منع جواهو ذڪر ’لطائف لطيفي‘ ۾ آندل آهي.

(1) مير علي شير قانع، مقالات الشعراء، ص ص 221- 222 ۽ تحفةالڪرام ۾ اهو ذڪر آندو آهي ۽ معيار سالڪان طريقت ۾ ان مجذوب کي ’قلهره‘ ڪري لکيوآهي. محمد عطا بابت وڌيڪ ڏسو لطف اللطيف، ص ص 78- 79 ۽ تذڪره مشاهير سنڌ، جلد-2صفحا 338- 339.

(2) مخدوم محمد معين ۽ مخدوم محمد هاشم جا ديني مسئلن تي هڪٻئي سان سوال جواب ٿيندا هئا (تحفة الڪرام، 3x229). هڪ ڀيري ڪنهن خاص مسئلي جياهميت سببان مخدوم محمد هاشم پاڻ مخدوم محمد معين وٽ اچڻ جو ارادو ڪيو، ۽ هو جنهنوقت آيو تنهن وقت شاهه صاحب به مخدوم محمد معين وٽ ويٺل هو. ٻاهران دروازي کانجيئن ئي مخدوم محمد هاشم اندر گهڙيو ته شاهه صاحب کيس ڏسي مخدوم محمد معين کي چيوته: ”اڄ مخدوم صاحب کي ڪوبه رد ڪد نه ڏجؤ جو سندس پيشاني تي نبي ڪريم (صلعم) جيڇانو آهي.‘ اهو ٻڌي، جيئن مخدوم محمد هاشم آيو ته مخدوم محمد معين سندس آجيان ڪئي ۽ چيائينس ته: انهيءَ مسئلي تي اوهان سان اسان جوڪوبه اختلاف ناهي. پوءِ مخدوم صاحب کي در تائين اماڻي آيو. (مشهور روايت جيڪاملاڪاتيارن جي بزرگ فقير محمد اسحاق پڻ راقم سان پنهنجي زباني بيان ڪئي).

(1) لطائف لطيفي ۾ آندل بيان موجب، شاهه صاحب ان مسجد جو بنيادرکيو ۽ اها شاهه صاحب جي موجودگيءَ ۾ سندس روبرو جڙي: ”مسجد معلي روبروي والاتبارنمونہ پسنديده تيار شد“(ص- 29) ”عيدن معمار ساکن بکهر مسجد مطهره روبرو اولياءصاحب بر ڀٽ شريف ساختہ بود.“ (ص- 171) بنا کرده شاه والاتبار- کہ شد روبروي مُعليٰتيار (ص- 26). شاهه جو روضو به پنج سال پوءِ عيدن رازي جوڙيو.

(2) قاضي ابراهيم پوءِ شاهه صاحب جي وفاتجي تاريخ پڻ ڪڍي. مسجد جي جُڙي راس ٿيڻ جي تاريخ واري اها سِرَ ضرور مسجد ۾ ڪٿي لڳائي وئي هوندي پر هن وقتموجود ناهي.شايد ورانڊي جي ٺهڻ يا ٻين تعميري تبديلينوقت اها سر لاٿي وئي جو پوءِ وري لڳائي ڪانه وئي. مسجد جي تعمير بابت قاضي ابراهيمجي منظوم ڪيل اها تاريخي مصرع راقم کي ولهار جي ڪتبخاني جي ڪُهنن ڪاغذن ۾ هيٺينطور لکيل ملي.

”تاريخ عمارت مسجد غواصِبحر حقيقتِ سيد شاهه عبداللطيف جيو عليہ الرحمة قدس الله سره العزيز

بطريق مصرع: نادري مسجددرين دوران چه زيبا دل ربائي“

    1151

هن لکت ۾ سال وارو عدد 1161 بدران 1151 آهي جيڪو صحيح ناهي،۽ لفظ ’ربائي‘ پڻ صحيح ناهي جو ان سان مصرع جو وزن ٽُٽي ٿو. صحيح ”دل ربا“ آهي، ابجدجي حساب سان: (نادري= 265، مسجد= 107+ درين=264+ دوران= 261+ چہ= 8+ زيبا= 20+ دل=34+ ربا= 203=) 1162 بيهي ٿو.

(1) لطائف لطيفي، صفحا 97، 102 ۽ 127.

(2) اڳ هلندڙ روايت مير عبدالحسين خان سانگي ’لطائف لطيفي‘(صفحو 182) ۾ آندي آهي ۽ موجوده دور جي اعليٰ عالمانه ۽ سالڪانه راءِ علامه آءِ.آءِ قاضي جي آهي جيڪو پاڻ فڪر ۽ نظر جو صاحب، علم ۽ فيض جو سرچشمو ۽ خاص طرح شاههجي فڪر ۽ عرفان جو وڏو ڄاڻو هو.

(1) لطائف لطيفي، ص- 120.

(2) ايضاً، ص- 171.

(3) ڪن ٽاڻن اهڃاڻن جي وڌيڪ تحقيق اڃان باقي آهي. في الحال ’رسالي‘ جي مقدميطور ايتري قدر هيءُ مختصر خاڪو مرتب ڪيو ويو آهي. 14- صفر 1165هه وفات واري تاريخ2 جنوري 1752ع جي برابر بيهي ٿي.