
عنوان | شاھ جو رسالو |
---|---|
شارح / محقق | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ |
ڇپائيندڙ | ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ |
ڇپجڻ جي تاريخ | 2012-01-01 |
ايڊيشن | 2 |
مهاڳ
گذريل صدي ۾، ٻٽيهن سالن (1966- 1996ع) جي مسلسل محنت ۽ مطالعي سان، ’شاهه جي رسالي‘ جو مستند معياري متن تيار ڪيو ويو ۽ شاهه عبداللطيف رحه جي سوانح، ڪلام ۽ فڪر بابت تحقيق کي توڙ تائين پهچايو ويو. ان لاءِ شاهه صاحب جي وقت کان وٺي جدا جدا فقيرن جا لکيل ”رسالا“، سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر جتي به سُجهيا ٿي ڏٺا ويا، ۽ پنجاهه کن اهڙن قلمي رسالن ۽ ٻين سڀني جملي ڇاپي رسالن کي، علمي تحقيق جي معيارن موجب ڀيٽي، انهن ۾ شامل ڪلام کي زيرن زبرن سان صحيح صورت ۾ شايع ڪيو ويو.
ان رٿا کي ڪاميابيءَ سان پوري ڪرڻ خاطر هيٺين اصولن کي سامهون رکيو ويو: پهريون ته شاهه جا رسالا جيڪي اڳين فقيرن لکيا سي شاهه جي ڪلام جا پڪا پختا شاهد ڪري مڃيا ويا، ۽ اهي فقير جيڪي شاهه جي دور کي وڌيڪ ويجها هئا تن جون پڙهڻيون ترجيحي طور تي اختيار ڪيون ويون. بهرحال اهڙو ڪوبه بيت يا ڪابه وائي جيڪا ڪنهن به رسالي ۾ نه هئي سا داخل نه ڪئي وئي. ٻيو ته مستند معياري متن ۾ داخل ڪيل هر بيت ۽ هر وائي جون جدا جدا رسالن واريون پڙهڻيون لازمي طور پويان لکيون ويون انهيءَ لاءِ ته اهي هن دور جي پڙهندڙن جي سامهون رهن ۽ پڻ ايندڙ وقت ۾ تحقيق لاءِ ڪارگر ٿين. ٽيو ته هر بيت ۽ هر وائي کي زيرن زبرن سان لکيو ويو ته جئن اهي صحيح صورت ۾ پڙهي سگهجن. چوٿون ته هر بيت ۽ وائي ۾ آيل انوکن لفظن ۽ اصطلاحن جون معنائون لکيو ويون ته جئن مطلب صاف طور معلوم ٿئي. پنجون ته انهن اصولن مطابق هر بيت ۽ هر وائي کي مستند معياري متن ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ڪوبه ڪلام ڌاريو ڪري ڪونه ڪڍيو ويو.
انهن اصولن جي پائبنديءَ سان، هي علمي تحقيق ڪاميابيءَ سان پوري ٿي، جنهن سان هيٺيان مقصد پورا ٿيا:
- هن تحقيق ذريعي، پهريون ڀيرو، شاهه جي رسالي جي تدوين ۽ تاريخ کي (جلد-1 ۾) تفصيل سان بيان ڪيو ويو ته رسالن لکڻ جي شروعات ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿي ۽ جدا جدا فقيرن جيڪي رسالا لکيا تن مان ڪهڙا اصل ۽ ڪهڙا نقل آهن. معلوم ٿيو ته اوائلي دور جي رسالن لکڻ جي شروعات سسئي جي سُرن سان ٿي، تان جو سنه 1250هه ۾، راڳ جي سهوليت لاءِ، رسالي کي نئين سر ’راڳنامي‘ جي صورت ۾ مرتب ڪيو ويو، ۽ ان جي شروعات ’سُر ڪلياڻ‘ سان ڪئي وئي.
- پهريون ڀيرو، شاهه جي سوانح عمري تان رسمي روايتن وارو غلاف لاهي، ان کي اصلي ماخذن، تاريخي حوالن ۽ صحيح روايتن جي روشني ۾ نئين سر لکيو ويو. شاهه جي اها سوانح هن جامع مستند رسالي جي شروع ۾ شامل آهي.
- قلمي توڙي ڇاپي رسالن مان ’شاهه جي ڪلام‘ کي شعر، وزن، بيان ۽ معنيٰ جي لحاظ سان پهريون ڀيرو معياري ترتيب موجب بيهاريو ويو.
- جدا جدا رسالن ۾ آيل ٻين وَليين، سالڪن ۽ سگهڙن جي ڪلام کي قيمتي سمجهي، جانچي ڀيٽي، صحيح صورت ۾ مستند معياري متن جلد ڏهين ۾ شامل ڪيو ويو. هِن کان اڳ واري انهيءَ خيال کي رد ڪيو ويو ته اهو ”ڌاريون ڪلام“ آهي ۽ ان کي ڪڍي ڇڏڻ گهرجي.
- رسالي جي سُرن، سرن جي داستانن، ۽ داستانن هيٺ بيتن ۽ واين جي ترتيب کي، موضوع، معنيٰ، ۽ شاهه جي عارفانه فڪر جي روشني ۾، وڌيڪ سهڻي سٽاء سان سنواريو ويو. اها ترتيب هن جامع مستند رسالي ۾ به قائم رکي وئي آهي.
- سڀ کان اهم مقصد هو ته شاهه جي عالمگير انساني ۽ عرفاني فڪر جا اهي جملي رخ روشن ڪيا وڃن جيڪي جدا جدا سُرن ۾ سمايل آهن ۽ جن جي تجزيي ۽ تشريح سان شاهه جي وسيع عالمگير فڪر جي عمارت اڏي سگهجي. هن جامع مستند رسالي جي هر سُر جي شروع ۾ ان ۾ سمايل شاهه جي عارفانه فڪر جو اختصار ڏنو ويو آهي.
اها تحقيقي رٿا، جملي ڏهن جلدن جي اشاعت سان، اٺ سال اڳ (1999ع ۾) پوري ٿي. ان رٿا جي تڪميل سان ڪافي اهڙن مسئلن تي روشني پئي جن تي وڌيڪ سوچڻ ۽ لکڻ جي ضرورت هئي. مثلاً اهو ضروري هو ته شاهه جي بيتن ۽ واين جي صحيح متن معلوم ٿيڻ بعد، انهن کي معياري سنڌي نثر ۾ شايع ڪجي ته جئن معنيٰ تي وڌيڪ روشني پوي. انهيءَ مقصد خاطر راقم پاڻ پهرين ٻن سُرن يعني سر ڪلياڻ ۽ سر يمن جي بيتن ۽ واين کي معياري سنڌي نثر ۾ به شايع ڪيو. ٻيو ته شاهه جي ڪلام جي معياري ۽ مستند متن جي اشاعت بعد ان کي ٻين ٻولين ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ راهه هموار ٿي. ان کان اڳ جيڪي ترجما ٿيا هئا تن ۾ شاهه جي اصل صحيح معياري ڪلام کي مدنظر نه رکيو ويو هو. ٽيون ته شاهه جي صحيح ڪلام جي اشاعت سان، شاهه جي عارفانه فڪر جي تشريح لاءِ صورت سازگار ٿي.
اهڙن ۽ ٻين اهم موضوعن تي لکڻ ۽ نئين تحقيق طرف وک وڌائڻ بدران، ڪن سڄڻن جڏهن هن تحقيقي رٿا بابت قلم کنيو ته ان تي تنقيد جو ئي سوچيو. ان سلسلي ۾ هن وقت تائين جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي ان تي غور ڪرڻ سان اطمينان ٿيو آهي ته هي تحقيق معياري اصولن ۽ مضبوط بنيادن تي بيٺل آهي ۽ ان کي بدلائڻ جي ضرورت ڪانهي. ڪن تنقيد نگارن ڀُلن چڪن جو ذڪر ڪيو آهي. بيشڪ ايڏي وڏي تحقيقي ڪشالي ۾ (جيڪو ڪيترن ئي سالن جي وڏي عرصي ۾ پورو ٿيو، جنهن ۾ سٺ کان وڌيڪ رسالن يا ٻين تحريرن جي مطالعي ۽ ڀيٽ جي ضرورت ٿي، ۽ جنهن ۾ هزارن صفحن جي مواد کي اتارڻ، نئين سر ترتيب ڏيڻ ۽ صحيح طور تي شايع ڪرڻ جي انساني ڪوشش ۾ ڪونه گهٽايو ويو، تنهن جي باوجود، ڪن ڀلن چڪن جو رهجي وڃڻ لازمي هو. جئن ته، ڪنهن سر ۾ ڪو بيت ٻيو ڀيرو ڇپجي ويو؛ ڪنهن بيت ۾ ڪنهن ٻئي بيت جون ڪي سٽون گڏجي ويون؛ ڪو بيت جيڪو پهرين ستن جلدن ۾ ’شاهه جي ڪلام‘ هيٺ رکڻو هو سو جلد ڏهين ۾ ’رسالي جي ڪلام‘ هيٺ ڇپجي ويو؛ يا ڪو بيت جيڪو ڏهين جلد ۾ رسالي جي ڪلام طور رکڻو هو سو پهرين ستن جلدن ۾ ڇپجي ويو. انهيءَ ڪري شروع کان ئي اهڙين ڀلن چڪن کي درست ڪرڻ طرف ڌيان رهيو، جنهن جو ڪجهه تفصيل جلد-7 (1998ع) جي ضميمي ۾ موجود آهي. ان جلد کان پوءِ سگهو شايع ٿيندڙ اٺين– نائين جلد (1999ع) ۾ ڀلن چڪن کي گهڻي حد تائين درست ڪيو ويو. پر ان وقت کان وٺي، تحقيقي رٿا وارا جملي جلد مطالعي هيٺ رهيا آهن ۽ هن جامع مستند رسالي ۾ ڀلن چڪن کي وڌيڪ درست ڪيو ويو آهي.
سر ديسي جي داستان-7 ۾ شامل جن بيتن ۾ بلوچي زبان جا الفاظ آيل آهن تن جي صحت ۽ معنيٰ ڏانهن اڳ ڇپيل جلد چوٿين ۾ خاطرخواهه تحقيق ٿي نه سگهي. ڪن تنقيدنگارن ان اوڻائي ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي جنهن جي وڌيڪ پڇا بعد تصحيح ڪئي وئي آهي.
ڪن سڄڻن، ڪن لفظن ۽ اصطلاحن جي معنائن بابت پنهنجي اختلافي راءِ ڏني آهي. هن جامع مستند جلد ۾، هر صفحي تي شايع ڪيل بيتن ۽ واين جي هيٺيان حاشين ۾ صحيح معنائون ڏنيون ويون آهن، پر ڪو پڙهندڙ ڪنهن ٻي معنيٰ کي وڌيڪ صحيح سمجهي ته ان کي اختيار ڪري.
وڏي رٿاء هيٺ اڳ ڇپيل ڏهين جلد ۾، ڪن وليين، سالڪن ۽ شاعرن جي ڪلام کي (جيڪو مختلف قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ موجود آهي) به تحقيق ڪري ڀيٽي صحيح صورت ۾ رکيو ويو هو. پر جئن ته اهو ڪلام شايع ٿي چڪو آهي انهيءَ ڪري هن يڪي جامع جلد ۾ ڪونه ڏنو ويو آهي: يعني ته جلد ڏهين ۾ صفحي اول کان صفحي 178 تائين مختلف سرن هيٺ شايع ڪيل ٻاهريون ڪلام، هن جامع جلد ۾ شامل ڪونه ڪيو ويو آهي. انهن شاعرن ۽ انهن جي ڪلام تي وڌيڪ تحقيق کي آئنده لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي.
هن يڪي جامع جلد جي شروع ۾، شاهه جي سوانح بعد، وڏي تحقيقي رٿا وارن ٻن ڇپيل جلدن (جلد اٺين- نائين) ۾ شامل سرن کي رکيو ويو آهي، ۽ ان بعد لاڳيتو جلد ڏهين ۾ ڇپيل باقي سرن کي (سر سنبت تائين) رکيو ويو آهي ته جئن هر پڙهندڙ جملي معياري ڪلام کي هن هڪ ئي جامع جلد ۾ آساني سان پڙهي سگهي. وڌيڪ تحقيق ڪندڙ هر سجاڳ عالم ۽ محقق لاءِ ضروري آهي ته هن جامع جلد ۾ شامل هر بيت ۽ هر وائي جي جدا جدا پڙهڻين بابت پهرين ستن جلدن ۽ جلد ڏهين ۾ ڪيل تفصيلي تحقيق کان باخبر رهي.
آخر ۾ هيٺيان عنوان جيڪي ’سُرن‘ کان الڳ آهن پر گهڻن رسالن ۾ موجود آهن، تن کي آخر ۾ ضميمي طور موجب رکيو ويو آهي: تمر فقير جو ڪلام، ۽ ان بعد رامڪلي جي موضوع واري ٽيهه اکري.
علامہ قاضي رسالو تحقيقي رٿا
سنڌ يونيورسٽي (ايلسا قاضي ڪيمپس)
حيدرآباد سنڌ 71000