آگم ڪيو اچن...

يعقوب شهيد جي مزار تي لطيفي راڳ ۽ راڳائي فقير

يعقوب شھيد جي مزار تي لطيفي راڳ

يعقوب شھيد جي مزار تي لطيفي راڳ


يعقوب شھيد جي مزار تي لطيفي راڳ:

يعقوب شھيد، شاھ لطيف جي راڳ جو وڏو ڄاڻو ٿي گذريو آھي. 1225 ھ/1810ع کان 1245 ھ /1829ع تائين، درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ جي اڳواڻي ڪيائين.

(وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو: درگاھ ڀٽ شاھ تي لطيفي راڳ جا اڳواڻ)

يعقوب شھيد جي مزار، درگاھ ڀٽ شاھ کان ڏکڻ اوڀر طرف، اڌ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آھي. گذريل 80 سالن کان يعقوب شھيد جو عرس، 27 ربيع الثانيءَ تي ملھايو ويندو آھي، ان موقعي تي درگاھ ڀٽ شاھ جا راڳي فقير اچي، لطيفي راڳ ڳائيندا آھن. گذريل ڪجهہ سالن کان يعقوب شھيد جو عرس ٽي ڏينھن ملھايو وڃي ٿو. 26 ربيع الثاني شام جو، چادر چاڙهي عرس جي شروعات ڪئي ويندي آھي. انهيءَ رات صوفي راڳ يڪتاري ۽ چپڙين تي ڳايو ويندو آھي، ۽ ٻئي ڏينھن 27 ربيع الثاني تي درگاھ ڀٽ شاھ جا راڳي فقير اچي صبح نائين وڳي کان منجهند ھڪ وڳي تائين لطيفي راڳ ڳائيندا آھن، جنھن بعد شام جو ملاکڙو ۽ ٻيا پروگرام ٿيندا آھن.

يعقوب شھيد جي مزار تي عرس جي موقعي کان سواءِ بہ درگاھ ڀٽ شاھ جا راڳي فقير، ڪڏهن ڪڏهن لطيفي راڳ ڳائيندا ھئا، پر گذريل ٽن سالن کان، ھر سومر رات (نائين وڳي کان رات ھڪ وڳي تائين) راڳ ڳايو ويندو آھي. ٽي سال اڳ، راڳ جي شروعات ڪامل فقير، يعقوب فقير ۽ رمز علي خاصخيليءَ ڪئي، ھن وقت، پنج فقير اتي راڳ ڳائين ٿا. يعقوب شھيد جي مزار تي ڳائيندڙ راڳين جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

ڪامِل فقير، يعقوب فقير خاصخيلي، رمز علي خاصخيلي، گُلڻ فقير خاصخيلي، مدد علي فقير ميرجت، ھوت فقير خاصخيلي

نوٽ: جيئن تہ مٿي ڄاڻايل فقير، درگاھ شاھ لطيف تي راڳ ڳائيندا آھن، تنھن ڪري سندن پيرائتي احوال لاءِ ڏسو:’درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳائي فقير