آگم ڪيو اچن...

درگاھ ڀٽ شاھ کان علاوہ شاھ لطيف جو راڳ

ڀنڀي لغاري ڳوٺ ۾ شاھ لطيف جو راڳ

ڀنڀي لغاري ڳوٺ ۾ شاھ لطيف جو راڳ


سنڌ جي سرزمين کي قدرت سُر، ساز ۽ سرود جي سرزمين بڻايو آھي. رقص ۽ راڳ، ساز ۽ سرود سنڌ جي ماڻهن جي فطرت ۾ سمايل آھن. راڳ ۽ راڳداري، سنڌ جي ماڻهن لاءِ روح مثل آھي، جنھن جو اعليٰ مثال ’شاھ جو راڳ‘ آھي، جو جڏهن بہ ٻڌجي ٿو تہ جسم جي سُڌ ٻُڌ ھلي ويندي آھي، ٻُڌندڙ پنھنجو پاڻ ۾ گُم ٿي ويندو آھي. سندس دل ۾ آرام، اطمينان ۽ سرير ۾ سڪون پيدا ٿي ويندو آھي ۽ مَنُ مونجهاري کان پاڪ ٿي انسانيت جي اعليٰ درجي کي ڇُھڻ لڳندو آھي.

شاھ لطيف جو راڳ، ماڻهن جي دلين ۾ روحاني جذبا پيدا ڪرڻ جي خاصيت رکي ٿو. انهن خاصيتن ڪري، ’شاھ جو راڳ‘ نہ فقط سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاھر ٿئي ٿو، پر مختلف محفلن ۾ بہ لطيفي رنگ ۾ رڱيل ھي راڳ ڳايو وڃي ٿو. لطيفي لات (راڳ)، ننڍي کنڊ جي موسيقيءَ ۾ اھم جاءِ والاري ٿي، جنھن جا پڙاڏا اڄ بہ ھند جي ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ، راجسٿان، ۽ سنڌ ۾ ٿر کان ويندي اُتر، لاڙ، ڪوهستان، بلوچستان ۽ پنجاب جي سرائڪي خطي کان سواءِ ماڇڪي جي مختلف ماڳن، مڪانن ۽ درگاھن تي ٻُڌي سگهجن ٿا.

ڀنڀي لغاري ڳوٺ ۾ شاھ لطيف جو راڳ:

ڳوٺ ڀنڀو لغاري، تلهار کان ڏکڻ پاسي آھي. ھن ڳوٺ ۾ طيب فقير جي ٻالڪن مان، ماڻڪ فقير لغاري ۽ شادي فقير لغاري، شاھ لطيف جي راڳ جو سلسلو شروع ڪيو، ھنن فقيرن درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ جي سکيا ورتي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ راڳ جو سلسلو ختم ٿي ويو آھي.

(ماڻڪ فقير ۽ شادي فقير جي باري ۾ وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو: درگاھ شاھ ڪريم تي راڳائي فقير)