آگم ڪيو اچن...

درگاھ شاھ ڪريم بُلڙيءَ تي لطيفي راڳ ۽ راڳائي فقير

درگاھ شاھ ڪريم تي لطيفي راڳ ۽ راڳائي فقير

درگاھ شاھ ڪريم تي لطيفي راڳ ۽ راڳائي فقير

درگاھ شاھ ڪريم تي لطيفي راڳ:

شاھ عبدالڪريم بُلڙيءَ واري جي درگاھ تي لطيفي رنگ وارو راڳ ڳايو ويندو آھي، جنھن جو بنياد شاھ لطيف پاڻ وڌو ھو. شاھ لطيف، پنھنجي حياتيءَ ۾، درگاھ شاھ ڪريم تي ڀيرا ڪندو ھو ۽ راڳائي ساڻس گڏ ھوندا ھئا. شاھ لطيف جي وفات کان پوءِ بہ ڀٽ جا راڳائي فقير، درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ ڪندا آيا ۽ شاھ ڪريم جا مريد، جي ڪڇ ۽ لاڙ جا جت فقير ھئا، سي پڻ درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ ڪندا ھئا.

درگاھ شاھ ڪريم جا فقير، پھرين ’شاھ جو راڳ‘ سکيا ۽ پوءِ پاڻ باقاعدي شاھ لطيف جو راڳ ڳائڻ لڳا. شاھ عبدالڪريم بُلڙيءَ واري جي درگاھ تي حافظ چاڪي فقير ۽ سندس ٻالڪن شاھ جو راڳ اوج تي پھچايو ۽ پاڻ پھريون اڏيءَ جو فقير (اڳواڻ) ٿيو، سندس ٻالڪن ۾ ڪيھر فقير لنجواڻي، حاجي الله ڏنو سومرو ۽ حاجي دلو نقرچ مشھور ٿيا.

حافظ چاڪي فقير کان پوءِ، ڪيھر فقير درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ جي اڳواڻي ڪئي. سندس ٻالڪن ۾ طيب دل مشھور راڳائي ٿيو، جنھن وڏي جوش ۽ جذبي سان راڳ ڳايو ۽ ان سلسلي ۾ پڻ ڪيترن ئي ٻالڪن کي راڳ جي سکيا ڏنائين، جن ۾ مصري فقير چانڊيو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ ڪريم ڏنو وڏي ھنر ۽ رس وارا راڳائي ٿيا.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب، ’سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ‘ ۾ درگاھ شاھ ڪريم تي شاھ جي راڳ جي اڳواڻن بابت لکي ٿو: ”ميين شاھ ڪريم جي درگاھ تي حافظ چاڪي، ڪيھر فقير لنجواڻي، طيب دل، حاجي الله ڏنو سومرو، چانڊيا ڀائر مصري ۽ ڪريم ڏنو، حسين فقير سومرو (حاجي الله ڏني جو پٽ)، ابراھيم فقير سومرو (حسين جو ڀاءُ) ۽ آخر ۾ طيب فقير سومرو (حاجي الله ڏني جو ڏوهٽو) ’اَڏي وارا فقير‘ (اڳواڻ) ٿيا.“

(بلوچ، 2003ع، ص: 228)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، درگاھ شاھ ڪريم تي ٿيندڙ راڳ جي شروعاتي دؤر بابت لکي ٿو:

”پاڻ ۾ فقيرن اِھو دستور قائم ڪيو تہ ميين شاھ ڪريم جي سالياني عرس (ميلي) جي ٽن راتين 5 (شوال) جي تاريخ جي رات جَت فقير راڳ ڪندا، وچين 6 - تاريخ واري رات شاھ ڪريم جا فقير راڳ ڪندا ۽ پڇاڙي واري 7- تاريخ جي رات ڀٽائي فقير راڳ ڪندا.“

(بلوچ، 2003ع، ص: 227)

ميلي تي ڳائڻ جو اھو سلسلو اڃا تائين ھلندڙ آھي، پر ھن وقت درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ ڳائڻ جي ترتيب ھن ريت آھي:

پنجين ذوالقعد جي رات: ميلي جي پھرينءَ رات جو مدد فقير جت پنھنجي ساٿين جي جماعت سان گڏجي راڳ ڳائيندو آھي. ھي فقير ھن وقت (2018ع) مستقل درگاھ شاھ ڪريم تي ڳائيندا نہ آھن، صرف پنجينءَ ذوالقعد جي رات اچي ڳائيندا آھن.

پنجين ذوالقعد پھرين ڌمال: ميلي جي پھرين ڌمال تي، صبح ساجهر درگاھ ڀٽ شاھ جو راڳائي فقير قادر بخش خاصخيلي ساٿين سان اچي راڳ ڳائيندو آھي، ھي راڳ ڏينھن جو ھڪ وڳي تائين درگاھ شاھ ڪريم جي اڱڻ ۾ ٿيندو آھي.

ڇھين ذوالقعد جي رات: ھن رات جو راڳ پير بخش فقير سومري جي اڳواڻيءَ ھيٺ ٿيندو آھي، ھن جماعت جو تعلق درگاھ شاھ ڪريم سان آھي.

ڇھين ذوالقعد جو ڏينھن: ميلي جي ٻئي ڏينھن تي درگاھ ڀٽ شاھ جو راڳائي فقير، سيد ياور علي شاھ عرف گدا حسين شاھ پنھنجي ساٿين سان گڏجي راڳ جي محفل مچائيندو آھي.

ستين ذوالقعد ڌاڳن جي رات: ميلي جي آخري ڌمال جي رات وارو راڳ درگاھ ڀٽ شاھ جو راڳائي فقير، سيد جمن شاھ لطيفي پنھنجي ساٿين سان گڏجي راڳ جي حاضري ڏيندو آھي. ھي راڳ صبح تائين ھلندو آھي.

ستين ذوالقعد جو ڏينھن: ميلي جي ھن آخري ڏينھن کي ڌاڳن وارو ڏينھن بہ چئبو آھي. ميلي جي آخري ڌمال تي درگاھ ڀٽ شاھ جو راڳائي فقير، گُلڻ فقير پنھنجي ساٿين سان راڳ ڳائيندو آھي. راڳ کان پوءِ اختتامي دعا گهري ويندي آھي، ۽ ميلي جي پڄاڻي ٿيندي آھي.

درگاھ شاھ ڪريم تي سالياني ميلي کان سواءِ، جمعي جي رات، آچر رات (10 وڳي کان 1 وڳي تائين)، آچر ڏينھن (صبح 8 وڳي کان منجهند 1 وڳي تائين) سومر رات ۽ اربع رات راڳ ڳايو ويندو آھي، گڏوگڏ سَھائي سومر جي ڏينھن ۽ حج جي رات بہ راڳ جي وڏي محفل ٿيندي آھي.

درگاھ شاھ ڪريم تي رجب مھيني جي پهرئين سومر تي بہ راڳ جي رسم ادا ٿيندي آھي ۽ راڳائي فقير، 27 رمضان شب قدر تي بہ راڳ جي محفل مچائيندا آھن. راڳ جو اِھو سلسلو ھن وقت (2018ع) تائين درگاھ تي ھلندڙ آھي.

درگاھ شاھ ڪريم تي راڳائي فقير

ابراھيم فقير سومرو:

ابراھيم سومري جو جنم، اُن گهر ۾ ٿيو، جتي دنبوري جي ٿاري مان دف جو آواز ۽ تارن مان رسالي جي سُرن جا راڳ، وڄائبا ھئا. آواز ۽ سُرن جي پڙاڏي، ابراھيم سومري کي ھٿ ۾ دنبورو کڻايو. پنھنجي ڀاءُ ۽ پيءُ وانگر، درگاھ شاھ ڪريم تي شاھ لطيف جي راڳ جو راڳائي فقير ٿي گذريو آھي. ابراھيم، درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ جي اڳواڻي بہ ڪئي. پنھنجي پيءُ، الله ڏني سومري، ڀاءُ، حسين سومري ۽ ٻين شاھ لطيف جي راڳاين فقيرن سان گڏجي، درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ ڳايائين.

سندس قبر، درگاھ شاھ ڪريم جي احاطي اندر، شاھ ڪريم جي روضي جي الھندي پاسي ھئي، پر درگاھ ۽ روضي جي مرمت ڪري ميسارجي ويئي آھي.

الله ڏنو فقير سومرو:

فقير الله ڏنو سومرو، درگاھ شاھ ڪريم تي ٿيندڙ لطيفي راڳ جي اڳواڻ، حسين فقير سومري جو پٽ ۽ حاجي الله ڏني جو پوٽو ھو. حاجي الله ڏني جي وفات کان پوءِ، حسين فقير پنھنجي پيءُ جو نالو، پُٽ تي رکيو. سُر ۽ ساز سندس خاندان جو ورثو ھو، جيڪو ھڪ پيڙهيءَ کان ٻيءَ پيڙهيءَ ذريعي فقير الله ڏني سومري کي ورثي ۾ مليو. پاڻ، پنھنجن وڏڙن وانگر دنبورو کڻي، وڏي جوش ۽ جذبي سان شاھ لطيف جو راڳ ڳايائين. الله ڏني سومري نہ فقط درگاھ شاھ ڪريم تي شاھ لطيف جي راڳ جي سلسلي کي جاري رکيو، پر پنھنجي خاندان جي ڳائڻ واري روايت کي بہ زندہ رکيو. سندس قبر، درگاھ شاھ ڪريم جي مکيہ مُقام ۾ آھي.

امير بخش فقير مگسي (جنم: 1962ع):

فقير امير بخش ولد سعدو فقير مگسيءَ جو جنم 1962ع ۾ بروهي محلي، بلڙي شاھ ڪريم ۾ ٿيو. سندس وڏڙن مان ڪيترائي شاھ جا راڳي فقير ٿي گذريا آھن، امير بخش بہ ان اثر ھيٺ ٻاويھن سالن جي عمر ۾ درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي، ۽ راڳ جي سکيا، فقير علي بخش مگسيءَ کان ورتائين.

فقير امير بخش، ’سُر معذوري‘ ۽ ’سُر آبري‘ ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. امير بخش گذريل ٽيٽيھن سالن کان، درگاھ شاھ ڪريم تي ڳائي ٿو. ھن وقت (2018ع)، سومر رات واري راڳ جي جماعت ۾، فقير واجد علي مگسي، فقير لکاڏني مگسي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. ھو درگاھ شاھ ڪريم تي ڳائڻ کان سواءِ، شاھ لطيف جي راڳ جي سلسلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ، سکيا بہ ڏئي ٿو. سندس نگرانيءَ ھيٺ ڪيترين ئي شاگردن، شاھ لطيف جو راڳ سکيو آھي، جيڪي ٻين جماعتن سان گڏجي ڳائين ٿا.

فقير امير بخش پندرهين صفر جي رات، درگاھ ڀٽ شاھ تي پنھنجيءَ جماعت سان گڏجي حاضري ڀري راڳ ڳائيندو آھي. ھن وقت سندس رهائش، بروهي محلي، بلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آھي.

پَريو فقير سولنگي:

پريو فقير سولنگي، دنبوري جي تند سان سُر ملائي، شاھ ڪريم جي درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو ھو. پاڻ، درگاھ شاھ ڪريم تي ڪيھر فقير لنجواڻيءَ جي ٻالڪن، طيب دَل، حاجي غلام حيدر جَت ۽ ٻين سان گڏجي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو ھو.

پير بخش فقير سومرو (جنم: 1956ع):

فقير پير بخش ولد فقير مئين ڏنو سومرو، ڳوٺ ماڻڪ واھ لڳ، بُلڙي شاھ ڪريم ۾، 1956ع ڌاري پيدا ٿيو. شاھ لطيف جو راڳ، کيس ورثي ۾ مليو. سندس ڏاڏو، حسين فقير ۽ چاچو الله ڏنو فقير بہ شاھ لطيف جي راڳ جا سدا ملوڪ راڳي ھئا، جن درگاھ شاھ ڪريم تي شاھ لطيف جو راڳ ڳايو.

فقير پير بخش، ٻاويھن سالن جي عمر ۾، راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ راڳ جي سکيا، مرحوم

فقير الله ڏني سومري کان ورتائين. ’سُر حسيني‘ ۽ ’سُر مارئي‘ ڳائڻ ۾ دسترس رکي ٿو. پاڻ، چاليھ سالن کان وٺي، نہ رڳو درگاھ تي راڳ ڳائي ٿو، پر جيڪو علم پنھنجي استاد کان سکيو ھئائين، سو پڻ پنھنجن پونئرن پُٽن اشرف فقير ۽ محراب فقير ۽ ڀاڻيجي حسين فقير ڏانھن منتقل بہ ڪيو اٿس، جيئن اُھي بہ سندس خانداني روايت کي زندہ رکي سگهن، جيڪي اڄڪلهہ (2018ع) درگاھ شاھ ڪريم تي ڳائيندا آھن. سندس ٻين شاگردن مان، سيد جاني شاھ ۽ داد فقير پڻ درگاھ شاھ ڪريم تي ڳائيندا آھن.

فقير پير بخش، اڄڪلهہ (2018ع) جمعي رات راڳ واريءَ جماعت جو اڳواڻ آھي، ۽ فقير اشرف سومري، حسين فقير سومري ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. ھر سال رسم موجب، درگاھ ڀٽ شاھ تي، 17 صفر جي ڏينھن، پنھنجيءَ جماعت سان گڏجي راڳ ڳائيندو آھي. کيس مڃتا طور ’لطيف ايوارڊ‘ پڻ مليل آھي. فقير پير بخش درگاھ کان علاوہ، ريڊيو، سرڪاري توڙي نجي ٽي وي چينلن تي پڻ شاھ لطيف جو راڳ ڳائي چڪو آھي. پاڻ، ھن وقت ڳوٺ حسين فقير سومرو، لڳ بُلڙي شاھ ڪريم ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ رهي ٿو.

پير ڏنو فقير قمبراڻي (جنم: 1969ع):

فقير پير ڏني قمبراڻي ولد حاجي قمبراڻيءَ جو جنم، ڳوٺ بلڙي شاھ ڪريم ۾ 1969ع ڌاري ٿيو. کيس ستٽيھن سالن جي عمر ۾ راڳ جي لونءَ لڳي ۽ درگاھ شاھ ڪريم تي راڳائي فقيرن جو صحبتي ٿيو، ۽ سيد جان علي شاھ جي شاگرديءَ ۾ آيو. کيس ’سُر سهڻي‘ ۽ ’ سُر سِريراڳ‘ ڳائڻ ۾ مھارت حاصل آھي. ھن وقت (2018ع) آچر جي رات (10 وڳي کان 1 وڳي تائين) ۽ آچر ڏينھن (صبح 8 وڳي کان منجهند 1 وڳي تائين) راڳ واريءَ جماعت ۾، داد فقير، دريا خان ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. ھي فقير بہ ھر سال درگاھ ڀٽ شاھ جي ميلي تي، راڳ جي حاضري ڀرڻ ويندو آھي. 15 صفر جي رات، راڳ واريءَ جماعت سان گڏجي ڳائيندو آھي. فقير پير ڏني جي مستقل رهائش، بلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آھي.

جکرو فقير (1935-2016ع):

جکري فقير جو تعلق درگاھ شاھ ڪريم تي شاھ لطيف جي راڳائي فقيرن جي ڪٽنب سان ھو. سندس گهراڻي مان ھن جا ڀائر ۽ سؤٽ شاھ جا راڳائي فقير ٿي گذريا آھن. جکرو فقير ولد محمد يونس فقير جت جو جنم، 1935ع ڌاري، ڳوٺ کِراڙي موريءَ لڳ، بلڙي شاھ ڪريم ۾ ٿيو. جکري فقير ويھن سالن جي عمر ۾ راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ راڳ جي سکيا، فقير حسن جت کان ورتائين. پاڻ، سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ڳائڻ ۾ مھارت رکندو ھو. جکرو فقير، درگاھ شاھ ڪريم تي ڳائڻ کان سواءِ، سيکارڻ واري سلسلي کي بہ اڳتي وڌائيندو رهيو، جيڪو علم پنھنجي استاد کان پرايائين، اُھو سمورو پنھنجن شاگردن ڏانھن منتقل ڪيائين.

جکرو فقير، 61 سال درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ ڳائيندو رهيو. وفات کان اڳ جان علي شاھ، محمد ھاشم ۽ داد فقير، آچر جي رات راڳ واريءَ جماعت جا سندس ساٿي ھئا. جکرو فقير، ھر سال درگاھ ڀٽ شاھ جي ميلي تي 15 صفر واريءَ رات جماعت سان گڏجي، راڳ ڳائيندو ھو. پاڻ، 81 ورهين جي ڄمار ۾، 2016ع ۾ وفات ڪيائين. سندس قبر، اباڻي ڳوٺ، کراڙي موري، لڳ بلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان جي مُقام ۾ آھي.

جهنڊو فقير نوحاڻي:

شاھ لطيف جي راڳ جو ھي فدائي، شاھ ڪريم جي درگاھ جو راڳائي فقير ھو. پاڻ، درگاھ شاھ ڪريم تي طيب فقير سومري کان، راڳ سکيو ھو. شاھ لطيف جي راڳ کان ايترو تہ متاثر ٿيو ھو، جو بعد ۾ پنھنجي ڳوٺ ڪنگوري، تعلقي ڊگهڙيءَ جي نوحاڻين ۾، شاھ لطيف جي راڳ جو سلسلو شروع ڪيائين. پاڻ، درگاھ شاھ ڪريم جو مشھور راڳائي فقير ٿي گذريو آھي. درگاھ شاھ ڪريم تي ساٿي راڳائين ۾، ماڻڪ فقير لغاري، شادي فقير لغاري، يارو فقير لغاري ۽ ٻين ساڻس گڏجي ڳايو.

ڇُٽو فقير:

ڇُٽو فقير، شاھ لطيف جي ڪلام کي وڏي پرسوز آواز سان شاھ ڪريم جي درگاھ تي ڳائيندو ھو. پاڻ، لغاري فقيرن جو ٻالڪو ھو ۽ انهن وٽان ئي شاھ لطيف جي راڳ جي سکيا ورتائين. پاڻ، پنھنجن استادن وانگر، درگاھ شاھ ڪريم سان گڏ، ڳوٺ ڀنڀي لغاريءَ ۾ بہ ڳائيندو ھو ۽ شاھ لطيف جي راڳ جو مشھور راڳائي فقير ٿي گذريو آھي.

حاجي الله ڏنو سومرو:

حاجي الله ڏنو سومرو، شاھ لطيف جي راڳ جو فدائي ھو. کيس شاھ لطيف جي راڳ ۽ ڪلام سان عشق ھو ۽ اُن عشق جو اثر سندس پٽن، حسين فقير، ابراھيم فقير ۽ سندس ڏوهٽي، طيب فقير تي پيو، جيڪي پڻ درگاھ شاھ ڪريم تي، شاھ لطيف جا راڳائي ٿي گذريا آھن، انهن ٽنھي فقيرن، درگاھ تي راڳ جي اڳواڻي بہ ڪئي. ھن، درگاھ شاھ ڪريم تي، شروعاتي دؤر ۾ حافظ چاڪي، ڪيھر فقير لنجواڻي، صالح ماڇيءَ طيب دل ۽ پوءِ ٻين فقيرن سان بہ گڏجي ڳايو.

حاجي الله ڏني سومري جو شمار، درگاھ شاھ ڪريم تي شروعاتي دؤر وارن راڳائي فقيرن ۾ ٿئي ٿو ۽ وڏي چاھ سان شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو ھو. درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ جي اڳواڻي بہ ڪيائين.

حاجي دِلو نقرچ:

حاجي دلو نقرچ، شاھ لطيف جو راڳي ھو. شاھ ڪريم جي درگاھ تي لطيفي رنگ ۾ رڱيل راڳ ڳائيندو ھو، ۽ درگاھ شاھ ڪريم جو مشھور راڳي ٿي گذريو آھي. حافظ چاڪيءَ کان، راڳ جي سکيا ورتائين. پنھنجي استاد ۽ ھمعصر ساٿين ۾ ڪيھر فقير لنجواڻي، حاجي الله ڏني سومري ۽ ٻين فقيرن سان گڏجي ڳائيندو ھو. پاڻ، درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ جو اڳواڻ بہ ٿيو. درگاھ تي اڏي قائم ٿيڻ کان پوءِ، حاجي دلو نقرچ شروعاتي دؤر جو راڳي ليکيو وڃي ٿو.

حافظ چاڪي:

حافظ چاڪي، شاھ لطيف جي راڳ جو مشھور راڳي فقير ٿي گذريو آھي. شاھ ڪريم جي درگاھ تي، شاھ لطيف جي راڳ کي حافظ چاڪي فقير ۽ سندس ٻالڪن ئي اوج تي پهچايو. پاڻ، ٽنڊي غلام حيدر جو ويٺل ھو. ڀٽ شاھ توڙي شاھ ڪريم جي درگاھ تي، ٻنهي طرفن ڳايائين. شاھ ڪريم جي درگاھ تي اڏي قائم ڪيائين ۽ پاڻ، ’اڏيءَ جو فقير‘ پهريون يعني اڳواڻ ٿيو. سندس ٻالڪن مان، ڪيھر فقير لنجواڻي، حاجي الله ڏنو سومرو ۽ حاجي دلو نقرچ مشھور ٿيا، جن مان وري ڪيھر فقير لنجواڻي، شاھ لطيف جي راڳ جو مشھور راڳي ٿيو.

حافظ چاڪيءَ سان ساٿي راڳاين ۾، ڪيھر فقير لنجواڻي، صالح ماڇي، طيب دل ۽ الله ڏني سومري گڏجي درگاھ شاھ ڪريم تي شاھ لطيف جو راڳ ڳايو.

حسين فقير سومرو:

حسين فقير سومري کي شاھ لطيف جو راڳ ورثي ۾ مليو. سندس پيءُ، الله ڏنو فقير سومرو درگاھ شاھ ڪريم جو مشھور راڳائي فقير ٿي گذريو آھي. سندس پالنا راڳ جي ماحول ۾ ٿي تہ پاڻ، اُن جو اثر قبول ڪيائين. نيٺ دنبوري جي تندن کيس درگاھ شاھ ڪريم تي آندو ۽ پاڻ بہ پنھنجي پيءُ وانگر، دنبوري جي تند وڄائي درگاھ شاھ ڪريم تي شاھ لطيف جو راڳ ڳايائين ۽ درگاھ تي راڳ جي اڳواڻي بہ ڪيائين.

حسين فقير سومري، پنھنجي پيءُ، الله ڏني سومري، ڀاءُ، ابراھيم سومري ۽ ٻين راڳي فقيرن سان گڏجي روحاني تسڪين لاءِ شاھ لطيف جو راڳ ڳايو. سندس حياتيءَ ۾، پُٽ الله ڏني سومري بہ درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. سندس خاندان جون راڳ لاءِ ڪيل خدمتون اڄ بہ درگاھ شاھ ڪريم تي يادگار بڻيل آھن.

حسين فقير سومرو ’ثاني‘ (جنم: 1980ع):

حسين فقير سومرو ولد الله ڏنو سومرو، 1980ع ڌاري، ڳوٺ ماڻڪ واھ، لڳ بُلڙي شاھ ڪريم ۾ جنم ورتو. ھن گهراڻي مان شاھ لطيف جي ڪيترن ئي راڳائي فقيرن جنم ورتو، جن نہ رڳو شاھ لطيف جو راڳ ڳايو، پر ان سلسلي کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنھنجو اھم ڪردار ادا ڪيائون. انهن مان سندس ڏاڏي حسين فقير ۽ پيءُ، فقير الله ڏني سومري، جا نالا اھم آھن. حسين فقير سومري سُرن واري ماحول ۾ اک کولي ۽ ننڍپڻ کان ئي دنبوري جي تنوار جا پڙاڏا سندس ڪنن ۾ گونجيا. ان ڪري راڳ ڏانھن سندس لاڙو ويتر وڌيو. سندس راڳ جي تربيت، فقير پير بخش سومري جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي. پاڻ، ھن وقت (2018ع) جمعي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، اشرف فقير، عبدالله فقير، پنھنجي استاد پير بخش سومري ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. کيس راڳ جي چڱي ڄاڻ آھي. سُر راڻو ۽ سُر رپ ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو.

فقير حسين، ھر سال، درگاھ ڀٽ شاھ تي سالياني عرس جي موقعي تي 17 صفر جي ڏينھن جو راڳ واريءَ جماعت سان گڏجي راڳ ڳائيندو آھي. سندس رهائش، ڳوٺ ماڻڪ واھ، لڳ بُلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آھي.

خدا بخش فقير ٻرڙو (جنم: 1982ع):

محمد ابراھيم عرف خدا بخش ولد محمد اسماعيل ٻرڙو، 1982ع ڌاري، ڳوٺ قادر بخش ٻرڙو، لڳ بلڙي شاھ ڪريم ۾ ڄائو. گذريل ٻن سالن کان، درگاھ شاھ ڪريم تي آچر رات (10 وڳي کان 1 وڳي تائين) ۽ آچر ڏينھن (صبح 8 وڳي کان منجهند 1 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، داد فقير جمالي، پير ڏني قمبراڻي، مير محمد جمالي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. سندس رهائش، ڳوٺ قادر بخش ٻرڙو، لڳ بلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آھي.

داد فقير جمالي (جنم: 1963ع):

داد فقير ولد جان محمد فقير جمالي، 1963ع ڌاري، ڳوٺ بلڙي شاھ ڪريم ۾ جنم ورتو. ننڍيءَ عمر کان ئي، شاھ لطيف جي راڳائي فقيرن کان متاثر ٿيو، ۽ ارڙهن سالن جي عمر ۾، راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي سکيا، فقير الله ڏني سومري کان ورتائين. داد فقير، سر ديسي ۽ حسينيءَ ڳائڻ ۾ ماھر آھي. پاڻ، آچر جي رات (10 وڳي کان 1 وڳي تائين) ۽ آچر ڏينھن (صبح 8 وڳي کان منجهند 1 وڳي تائين) راڳ واريءَ جماعت ۾، فقير ميرمحمد جمالي، فقير پير ڏنو قمبراڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. داد فقير بہ ٻين فقيرن سان گڏجي، 15 صفر جي رات راڳ واريءَ جماعت سان، درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائيندو آھي. دادفقير، ھن وقت (2018ع) بلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ رهي ٿو.

دريا خان جمالي (جنم: 1965ع):

فقير دريا خان جمالي ولد مجنون جمالي، 1965ع ڌاري، بلڙي شاھ ڪريم ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ ڳائڻ جو شوق ھو. پاڻ، فقير علي بخش کان راڳ جي سکيا ورتائين. ان وقت سندس عمر پندرهن سال ھئي ۽ اِھو ئي وقت سندس ڳائڻ جي شروعات جو ھو.

فقير دريا خان، اڄڪلهہ (2018ع) درگاھ شاھ ڪريم تي آچر ڏينھن (صبح 8 وڳي کان 1 وڳي تائين) واريءَ راڳ جي جماعت ۾ داد فقير، پير ڏني فقير ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. پاڻ، سُر سارنگ ۽ سُر رامڪلي ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. دريا خان فقير بہ ٻين فقيرن سان گڏجي، ھر سال، 15 صفر واريءَ رات درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ جي حاضري ڀريندو آھي. پاڻ، بُلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ رهندو آھي.

سيد جان علي شاھ (جنم: 1979ع):

سيد جان علي شاھ، درگاھ شاھ ڪريم جي خادم، دلشاد علي شاھ جو پُٽ آھي. سندس جنم، 1979ع ڌاري، ڳوٺ بلڙي شاھ ڪريم ۾ ٿيو. سيد جان علي، راڳ جي سکيا، مرحوم الله ڏني سومري کان ورتي. سترهن سالن جي عمر ۾، راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. گذريل ٻاويھن سالن کان، درگاھ شاھ ڪريم تي ڳائي ٿو. ھن وقت (2018ع)، اربع رات واريءَ جماعت ۾، سيد عادل شاھ، علي محمد ملاح ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. سيد جان علي شاھ، ڳائڻ کان علاوہ راڳ جي سکيا بہ ڏئي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ ڪي شاگرد بہ تيار ڪيا اٿس، جن ۾ سيد عادل شاھ ۽ علي محمد ملاح آھن، جيڪي درگاھ شاھ ڪريم تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائين ٿا. رسالي جي ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾، پاڻ، ’سُر پورب‘ کي ڳائڻ ۾ وڌيڪ مھارت رکي ٿو. درگاھ شاھ ڪريم کان سواءِ، ھر سال درگاھ ڀٽ شاھ جي ميلي تي بہ، 15 صفر جي رات راڳ ڳائڻ لاءِ حاضري ڀريندو آھي. سندس دائمي رهائش، بلڙي شاھڪريم جي سيد محلي، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آھي.

سيد عادل رضا شاھ (جنم: 1986ع):

سيد عادل رضا ولد سيد رضا محمد شاھ، 1986ع ڌاري، سيد پاڙي، بلڙي شاھ ڪريم ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا پنھنجي سؤٽ، سيد جان علي شاھ کان ورتائين. 2002ع ۾ درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين ۽ 2005ع تائين ڳائيندو رهيو. 2005ع کان 2010ع تائين ذاتي مصروفيتن ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ راڳ ڪونہ ڳايائين، پر گذريل اٺن سالن کان يعني 2010ع کان، درگاھ شاھ ڪريم تي ڳائي ٿو. اڄڪلهہ (2018ع) اربع رات واريءَ راڳ جي جماعت ۾، علي محمد مگسي، سيدجان علي شاھ ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. پاڻ، سُر معذوري ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو.

سيد عادل شاھ، درگاھ ڀٽ شاھ تي ھر سال ميلي جي موقعي تي، 15 صفر جي رات، پنھنجيءَ جماعت سان گڏجي راڳ ڳائيندو آھي. ان کان سواءِ، ڳاڙهي ۾ درگاھ پير رڪن شاھ ۽ ٻين درگاھن تي شاھ جو راڳ ڳائي داد وصول ڪري چڪو آھي. سندس رهائش، پير پاڙي، بلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آھي.

شادي فقير لغاري:

شادي فقير لغاري، اصل ڳوٺ ڀنڀو لغاري، لڳ تلهار، ضلعي بدين جو رهاڪو ھو. پاڻ، درگاھ شاھ ڪريم تي لطيفي راڳ جي سکيا، طيب فقير سومري کان ورتائين. ڪجهہ عرصو درگاھ شاھ ڪريم تي ڳايائين. سندس ساٿي راڳين ۾، ماڻڪ فقير لغاري، يارو فقير لغاري ۽ جهنڊو فقير نوحاڻيءَ جا نالا ملن ٿا. شادي فقير، درگاھ شاھ ڪريم تي ڪجهہ عرصو ڳائڻ کان پوءِ، پنھنجي ڳوٺ، ڀنڀو لغاريءَ ۾ پنھنجن ساٿين، ماڻڪ فقير ۽ يارو فقير سان گڏجي، شاھ لطيف جي راڳ جي شروعات ڪئي. ھن وقت (2018ع) ڳوٺ ڀنڀي لغاري ۾ راڳ ڪونہ ٿو ٿئي.

صالح فقير ماڇي:

صالح فقير، شاھ لطيف جو راڳي ھو ۽ شاھ ڪريم جي درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو ھو. پاڻ، درگاھ شاھ ڪريم تي، استاد حافظ چاڪي، ڪيھر فقير لنجواڻي، طيب دل، حاجي الله ڏني سومري، مصري فقير چانڊيي، ڪريم ڏنو چانڊيي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو ھو. درگاھ تي راڳ کي اوج تي پھچائڻ ۾ سندس اھم ڪردار رهيو.

صديق فقير سيال (جنم: 1988ع):

فقير محمد صديق ولد محمد حسين سيال، 1988ع ڌاري، بروهي پاڙي، بلڙي شاھ ڪريم ۾ ڄائو. پاڻ، راڳ جي سکيا، سيد جان علي شاھ کان ورتائين ۽ 2014ع کان، درگاھ شاھ ڪريم تي ڳائي ٿو. اڄڪلهہ (2018ع)، اربع رات واريءَ راڳ جي جماعت ۾ سيد جان علي شاھ، علي احمد ملاح، سيد عادل شاھ ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. سندس رهائش، بروهي پاڙي، بلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آھي.

طيب دَل:

طيب دل، درگاھ شاھ ڪريم جي راڳاين ۾ نالي وارو راڳائي فقير ھو. ڪجهہ وقت راڳ جي اڳواڻي بہ ڪيائين. پاڻ، ٽنڊي غلام حيدر جو رهاڪو ھو. درگاھ شاھ ڪريم تي ڪيھر فقير لنجواڻيءَ جي شاگرديءَ ھيٺ، شاھ لطيف جي راڳ جي سکيا ورتائين. کيس شاھ لطيف جي راڳ سان ڏاڍو عشق ھو. پاڻ، درگاھ شاھ ڪريم تي شروعاتي دؤر ۾ حافظ چاڪي فقير، صالح فقير ماڇي، الله ڏني سومري ۽ پنھنجي استاد ڪيھر فقير لنجواڻيءَ سان گڏجي ڳايائين ۽ پوءِ حاجي غلام حيدر جت، پريي فقير سولنگي ۽ ٻين شاھ لطيف جي راڳائي فقيرن سان بہ گڏجي ڳايائين. پاڻ، استادن وٽان جيڪو فيض پرايائين، سو فرض سمجهي پنھنجن ٻالڪن ۾ ورهايائين. سندس ورهايل ڏات مان مصري فقير چانڊيو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ ڪريم ڏنو، وڏي رَس ۽ ھنر وارا راڳائي ٿيا.

طيب فقير سومرو:

طيب فقير سومرو، شاھ لطيف جو راڳي ھو. شاھ ڪريم جي درگاھ تي، شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو ھو. پنھنجي ناني حاجي الله ڏني سومري وانگر، راڳ جي اڳواڻي بہ ڪيائين. شاھ لطيف جو راڳ کيس پنھنجي ناني ۽ مامن کان ورثي ۾ مليو. طيب فقير ورثي ۾ مليل ميراث کي، پنھنجن ٻالڪن ۾ ورهايو. سندس ٻالڪن مان، جهنڊو فقير نوحاڻي، ماڻڪ فقير لغاري، شادي فقير لغاري ۽ يارو فقير لغاري، سٺا ۽ ھنر وارا راڳي ٿي گذريا، جن نہ رڳو درگاھ شاھ ڪريم تي ڳايو، پر پنھنجن پنھنجن ڳوٺن ۾ بہ وڃي، شاھ لطيف جي راڳ جو سلسلو قائم ڪيائون. پاڻ، محمد سھتي، پنهون فقير سومري، علي بخش فقير مگسيءَ ۽ پنھنجي ماروٽ فقير الله ڏني سومري ۽ ٻين شاھ لطيف جي راڳاين فقيرن سان بہ گڏجي ڳايائين.

عبدالله فقير سومرو (جنم: 1962ع):

فقير عبدالله ولد فقير علي محمد سومرو، 1962ع ڌاري، ڳوٺ ماڻڪ واھ، لڳ بلڙي شاھ ڪريم ۾ ڄائو، راڳ جي سکيا، فقير پير بخش سومري کان ورتائين. ٻاويھ سالن جي عمر ۾ درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين، يعني گذريل چوٽيھ سالن کان، درگاھ شاھ ڪريم تي ڳائي ٿو. اڄڪلهہ (2018ع)، جمعي رات واريءَ جماعت ۾، فقير پير بخش سومري، فقير اشرف سومري، حسين فقير سومري ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي.ٻين سرن جي ڀيٽ ۾، پاڻ سُر ڪيڏارو ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. درگاھ شاھ ڪريم کان سواءِ، درگاھ ڀٽ شاھ تي ھر سال ميلي جي موقعي تي 17 صفر جي ڏينھن راڳ واريءَ جماعت ۾ ڳائيندو آھي. ھن وقت سندس رهائش، ڳوٺ ماڻڪ واھ، لڳ بلڙي شاھ ڪريم ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آھي.

علي احمد ملاح (جنم: 1991ع):

فقير علي احمد ولد يار محمد ملاح، 1991ع ڌاري، ملاح پاڙي، بلڙي شاھ ڪريم ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا، سيد جان علي شاھ کان ورتائين. گذريل ستن سالن کان، درگاھ شاھ ڪريم تي ڳائي ٿو. فقير علي احمد، اڄڪلهہ (2018ع)، درگاھ شاھ ڪريم تي، اربع رات واريءَ جماعت ۾، سيد جان علي شاھ، سيد عادل شاھ، علي احمد مگسي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. درگاھ شاھ ڪريم کان سواءِ، درگاھ ڀٽ شاھ تي ھر سال ميلي جي موقعي تي 15هين صفر جي رات، پنھنجيءَ جماعت سان گڏجي ڳائيندو آھي. سندس رهائش، ملاح پاڙي، بلڙي شاھ ڪريم ۾ آھي.

علي بخش مگسي (جنم: 1930ع-2004ع):

فقير علي بخش ولد فقير علي محمد مگسيءَ جو جنم، لڳ ڀڳ 1930ع ڌاري، بلڙي شاھ ڪريم ۾ ٿيو. پاڻ، ڪٽنب جو پهريون ڀاتي ھو، جنھن شاھ لطيف جي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. راڳ جي سکيا، ابراھيم فقير سومري کان ورتائين. ان وقت سندس عمر، ويھ ورهيه ھئي. سندس شمار، درگاھ شاھڪريم جي جهونن راڳين ۾ ٿئي ٿو. پاڻ، سومر جي راڳ واريءَ جماعت مان رات کٻڙ فقير، مير محمد مگسي (مرحوم) ۽ امير بخش سڪيلڌي (مرحوم) سان گڏجي ڳائيندو ھو.

فقير علي بخش، 61 سال درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ ڳايو. ڳائڻ کان علاوہ راڳ جي سکيا بہ ڏيندو رهيو، ان سلسلي ۾ ڪيترائي شاگرد تيار ڪيائين. پاڻ، درگاھ شاھ ڪريم کان سواءِ، ھر سال، صفر جي مھيني ۾ درگاھ ڀٽ شاھ تي بہ راڳ ڳائڻ ويندو ھو ۽ ڪيترو ئي عرصو، غلام شاھ جي راڳين واريءَ جماعت سان بہ ڳايائين. فقير علي بخش، 81 سالن جي عمر ۾ سال 2004ع ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. کيس لائق پور، دڙي شھر لڳ، ضلعي ٺٽي ۾ دفنايو ويو.

علي محمد مگسي (جنم: 1961ع):

فقير علي محمد ولد پير بخش مگسيءَ جو جنم، 1961ع ڌاري، ڳوٺ بُلڙي شاھ ڪريم ۾ ٿيو. ويھن سالن جي عمر ۾ راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي سندس تربيت، فقير علي بخش مگسي ۽ فقير الله ڏني سومري جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي. فقير علي محمد مگسي، گذريل ستٽيھن سالن کان، درگاھ شاھ ڪريم تي ڳائي ٿو. اڄڪلهہ (2018ع)، اربع جي رات واريءَ جماعت ۾، سيد جاني شاھ، علي احمد ملاح ۽ ٻين سان گڏجي راڳ ڳائي ٿو. پاڻ، سُر سهڻي ۽ سُر سامونڊي ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. فقير علي محمد، ھر سال ميلي جي موقعي تي درگاھ ڀٽ شاھ تي پنھنجي ساٿي فقيرن سان گڏجي 15 صفر جي رات جو راڳ ڳائيندو آھي. اڄڪلهہ (2018ع) سندس رهائش، بُلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ آھي.

ڪريم ڏنو فقير چانڊيو:

ڪريم ڏنو، دنبوري جي تند جي سُر سان سُر ملائي، شاھ ڪريم جي درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو ھو. رس واري ھن راڳيءَ ڪجهہ وقت راڳ جي اڳواڻي بہ ڪئي. پاڻ، ڳوٺ ٻري، لڳ جُوڻا، تعلقي ٽنڊو محمد خان جو ويٺل ھو. پنھنجي وڏي ڀاءُ، مصري فقير سان گڏجي، درگاھ شاھ ڪريم تي آيو، ڀاءُ وانگر پاڻ بہ طيب دل فقير کان شاھ لطيف جي راڳ جي سکيا ورتائين. ٻئي ڀائر گڏجي، درگاھ شاھ ڪريم تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندا ھئا.

ڪريم ڏني فقير، روحاني تسڪين لاءِ نہ فقط درگاھ تي راڳ ڳايو، پر راڳ جي دائري کي وسيع ڪرڻ لاءِ سکيا بہ ڏنائين. سندس ٻالڪن مان، بنگل فقير لغاري، وڏي ھنر وارو شاھ لطيف جو راڳائي فقير ٿي گذريو، جنھن بعد ۾ پنھنجي ڳوٺ ڀنڀي لغاريءَ ۾ وڃي، شاھ لطيف جي راڳ جو سلسلو قائم ڪيو. ڪريم ڏني فقير، درگاھ شاھ ڪريم تي طيب دل، حاجي غلام حيدر جت، پريي فقير سولنگيءَ سان بہ گڏجي ڳايو.

ڪيھر فقير لنجواڻي (وفات:1949ع):

ڪيھر فقير، شاھ ڪريم جي درگاھ تي شروعاتي دؤر ۾ شاھ لطيف جي راڳ جو مشھور راڳائي فقير ٿي گذريو آھي. حافظ چاڪي راڳ جو سندس استاد ھو. وڏي ھنر ۽ رَس سان لطيفي لات وارو ڪلام ڳائيندو ھو ۽ درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ جي اڳواڻي بہ ڪندو ھو. ڳائڻ کان علاوہ شاھ لطيف جو راڳ سندس توجہ جو مرڪز ھو. پاڻ، راڳ جي سلسلي کي وڌائڻ لاءِ اھم ڪردار نڀايائين، جيڪي ڪجهہ پنھنجي استاد کان سکيو، سو پنھنجو ٻالڪن ۾ ورهايائين. سندس ٻالڪن ۾، طيب دل، وقت جو مشھور راڳائي فقير ٿي گذريو آھي. پاڻ، پنھنجي استاد، حافظ چاڪي، ھم عصر ساٿي حاجي دلو نقرچ، صالح ماڇي، طيب دل، الله ڏني سومري ۽ ٻين راڳائي فقيرن سان گڏجي، درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ ڳايائين.

پاڻ، درگاھ ڀٽ شاھ تي بہ گهڻو عرصو ڳايائين ۽ راڳ جو اڳواڻ پڻ رهيو، ۽ ڀٽ شاھ لڳ رهائش، اختيار ڪيائين. ھينئر (2018ع)، سندس نالي پٺيان، ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي آباد آھي. ڪيھر فقير، 1338ھ/1949ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس قبر ڀٽ شاھ جي مکيہ مُقام ۾ آھي.

لال بخش مگسي (1940ع-2013ع):

فقير لال بخش مگسي ولد لکاڏنو مگسي، 1940ع ڌاري، بلڙي شاھ ڪريم ۾ پيدا ٿيو. سندس قبيلي ۾ ڪيترن ئي شاھ لطيف جي راڳائي فقيرن جا نالا ملن ٿا، جن درگاھ شاھ ڪريم تي شاھ لطيف جي راڳ کي وڏي جوش ۽ جذبي سان ڳايو. لال بخش مگسي بہ ساڳيءَ روايت کي زندہ رکندي، ويھن سالن جي عمر ۾ دنبورو کڻي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. راڳ جي سکيا، مرحوم فقير علي بخش مگسيءَ کان ورتائين. پاڻ، ’سُر راڻو‘، ’سُر مارئي‘ ۽ ’سُر سورٺ‘ ڳائڻ ۾ ماھر ھو. پاڻ، ٽيونجاھ سال، درگاھ شاھ ڪريم تي شاھ لطيف جو راڳ ڳايائين ۽ راڳ جي سکيا پڻ ڏنائين. سندس ڪيترائي شاگرد، درگاھ تي پنھنجين پنھنجين جماعتن سان گڏجي، دنبوري جون تندون تنوارين ٿا. ھو وفات کان اڳ، اربع جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، فقير پيار علي ۽ فقير محمد ھاشم سان گڏجي ڳائيندو ھو.

درگاھ شاھ ڪريم کان علاوہ، پاڻ فقير علي بخش سان گڏ، ھر سال ميلي جي موقعي تي درگاھ ڀٽ شاھ تي، 15 صفر جي رات واريءَ رسم موجب، پنھنجيءَ جماعت سان گڏجي، راڳ ڳائيندو ھو. فقير لال بخش، 18 جون 2013ع تي وفات ڪئي ۽ درگاھ شاھ ڪريم جي مُقام ۾ شاھ ڪريم جي روضي جي ڏکڻ طرف دفن ٿيل آھي.

لکاڏنو فقير مگسي (جنم: 1951ع):

فقير لکاڏنو ولد احمد مگسي، 1951ع ڌاري، ڳوٺ قبول خان مگسي، لڳ بلڙي شاھ ڪريم ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا، پنھنجي مامي، فقير امير بخش مگسيءَ کان ورتائين. گذريل پنجويھن سالن کان، درگاھ شاھ ڪريم تي ڳائي ٿو. اڄڪلهہ (2018ع) درگاھ شاھ ڪريم تي سومر رات واريءَ جماعت ۾، فقير امير بخش مگسي، واجد علي مگسي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. درگاھ شاھ ڪريم کان سواءِ، درگاھ ڀٽ شاھ تي ھر سال ميلي جي موقعي تي، 15هين صفر جي رات، پنھنجيءَ جماعت سان گڏ ڳائيندو آھي. سندس مستقل رهائش، ڳوٺ قبول خان مگسي، لڳ بلڙي شاھ ڪريم ۾ آھي.

ماڻڪ فقير لغاري:

ماڻڪ فقير لغاري، اصل ڳوٺ ڀنڀو لغاري، لڳ تلهار ضلعي بدين جو رهاڪو ھو. درگاھ شاھ ڪريم تي لطيفي راڳ جي سکيا، طيب فقير سومري کان ورتائين. ڪجهہ عرصو درگاھ شاھ ڪريم تي ڳايائين. سندس ساٿي راڳين ۾، شادي فقير لغاري، يارو فقير لغاري ۽ جهنڊو فقير نوحاڻيءَ جانالا ملن ٿا.

ماڻڪ فقير، درگاھ شاھ ڪريم تي ڪجهہ عرصو ڳائڻ کان پوءِ، پنھنجي ڳوٺ، ڀنڀو لغاري ۾، پنھنجي ساٿين، شادي فقير ۽ يارو فقير سان گڏجي شاھ لطيف جي راڳ جي شروعات ڪئي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب، ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘۾ لکي ٿو: ”ڳوٺ ڀنڀو لغاري ۾، ماڻڪ ۽ شاديءَ جي ٻالڪن، ڇٽي فقير ۽ ساٿين جو راڳ ٻڌو.“

(بلوچ، 2003ع، ص: 229)

اڄڪلهہ (2018ع)، ڳوٺ ڀنڀي لغاريءَ ۾ راڳ ڪونہ ٿو ٿئي.

محراب فقير سومرو (جنم: 1988ع):

محراب فقير ولد فقير پير بخش سومرو، 1988ع ڌاري، ڳوٺ ماڻڪ واھ، لڳ بلڙي شاھ ڪريم ۾ ڄائو. ٽيويھن سالن جي عمر ۾، راڳ جي سکيا، پنھنجي والد، فقير پير بخش کان ورتائين. سندس وڏڙن مان سندس والد، ھن وقت درگاھ شاھ ڪريم تي جمعي رات واريءَ جماعت جو اڳواڻ آھي، ۽ سندس نانو طيب فقير ۽ پڙڏاڏو حسين فقير ۽ ابراھيم فقير، درگاھ شاھ ڪريم جا نالي وارا راڳي ٿي گذريا آھن. محراب فقير، خانداني روايت کي قائم رکندي، شاھ لطيف جو راڳ سکيو ۽ گذريل ڇھن سالن کان، درگاھ شاھ ڪريم تي، جمعي رات واريءَ جماعت ۾، والد فقير پير بخش سومري جي اڳواڻيءَ ۾، پنھنجي ڀاءُ فقير محمد اشرف سومري ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي.

درگاھ شاھ ڪريم کان سواءِ، درگاھ ڀٽ شاھ تي ھر سال ميلي جي موقعي تي، 17هين صفر جي ڏينھن، پنھنجيءَ جماعت سان گڏ ڳائيندو آھي. سندس رهائش، ڳوٺ ماڻڪ واھ، لڳ بلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آھي.

محمد اشرف فقير سومرو (جنم: 1980ع):

فقير محمد اشرف ولد پير بخش سومرو، 1980ع ڌاري، ڳوٺ ماڻڪ واھ، لڳ بُلڙي شاھ ڪريم ۾ ڄائو. ھن گهراڻي مان شاھ لطيف جا ڪيترائي راڳائي فقير ٿي گذريا آھن. ھن وقت سندس وڏڙن مان سندس والد، فقير پير بخش درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ جو اڳواڻ آھي، ۽ سندس مامو، کٻڙ فقير، درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائيندو آھي. فقير محمد اشرف، راڳ جي سکيا، پنھنجي پيءُ کان ورتي. پاڻ، 2008ع کان، درگاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. اڄڪلهہ (2018ع)، جمعي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، فقير پير بخش، حسين فقير ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو.

فقير محمد اشرف ھر سال، درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ لاءِ حاضري ڀريندو آھي، ۽ ميلي دوران، 17 صفر جي ڏينھن تي راڳ واريءَ جماعت سان گڏ ڳائيندو آھي. پاڻ، ھن وقت، ڳوٺ ماڻڪ واھ، لڳ بُلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ رهي ٿو. سُرن جو سندس سفر وڏي جوش ۽ جذبي سان جاري آھي.

محمد انور فقير مگسي (جنم: 1970ع):

فقير محمد انور ولد محمد عرس مگسي، 1970ع ڌاري، ڳوٺ احمد خان ٻانهي پوٽو، لڳ بلڙي شاھ ڪريم ۾ ڄائو. وڏڙن مان سندس چاچو، فقير علي بخش مگسي، 61 سال درگاھ شاھ ڪريم تي ڳايو. فقير محمد انور، راڳ جي سکيا، پنھنجي چاچي، فقير علي بخش مگسيءَ کان ورتي ۽ 2008ع کان، درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ ڳائيندو اچي. اڄڪلهہ (2018ع)، آچر رات (10 وڳي کان 1 وڳي تائين) ۽ آچر ڏينھن (صبح 8 وڳي کان منجهند 1 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، داد فقير جمالي، پير ڏنو قمبراڻي، مير محمد جمالي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي.

درگاھ شاھ ڪريم کان سواءِ، ھر سال ڀٽ شاھ تي ميلي جي موقعي ۾، 15 صفر جي رات راڳ واريءَ جماعت سان گڏ ڳائيندو آھي. ھن وقت سندس رهائش، ڳوٺ انور مگسي، لڳ بلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آھي.

محمد صديق فقير جت (جنم: 1950ع):

فقير محمد صديق ولد خميسو جت، 1950ع ۾ ڳوٺ، ڏاڏي آدم جي ٻني، ڪڇ ضلعي ۾، انڊيا ۾ ڄائو. (سندس ڄمڻ جو سال، سڃاڻپ ڪارڊ موجب 1950ع آھي، پر پاڻ، ٻڌايائين تہ سندس عمر 80 سال جي لڳ ڀڳ آھي.) پاڻ، راڳ جي سکيا، پھرين حسن فقير جت کان ورتائين ۽ ٻہ

سال درگاھ شاھ قادري، بدين ۾، ڳائيندو رهيو، پوءِ 2013ع کان، درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ جي سکيا، فقير پير بخش سومري کان ورتائين، ۽ گذريل پنجن سالن کان، فقير پير بخش سومري جي اڳواڻيءَ ۾، جمعي رات واريءَ جماعت ۾، محمد اشرف سومري، حسين فقير سومري ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. کيس پيرسنيءَ سبب، بيت ۽ وايون گهڻيون ياد ناھن پر سندس چوڻ موجب: ’مون کي شاھ جي راڳ سان عشق آھي. مون کي راڳ بابت ايتري ڄاڻ ڪانهي پر آءٌ پنھنجيءَ جماعت سان، ’تري ڀڳيءَ ڪِنگريءَ‘ طور پيو ھلان‘. سندس رهائش، ڳوٺ جت، تعلقي گولاڙچي، ضلعي بدين ۾ آھي.

محمد ھاشم جت (جنم: 1980ع):

فقير محمد ھاشم جت جو تعلق، شاھ لطيف جي راڳائي فقيرن جي گهراڻي سان آھي. فقير ھاشم ولد ولي محمد جت 1980ع ڌاري، بُـلڙي شاھ ڪريم ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ جي لونءَ لڳل ھئي، ڇو جو سُرن جي تنوار، گهر ۾ ئي ٻڌندو ھو. کيس راڳ جو اتساھ پنھنجي والد کان مليو. پاڻ، ڏهن سالن جي ننڍڙيءَ عمر ۾ راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي سکيا، جکري فقير کان ورتائين.

فقير محمد ھاشم، سُر معذوري ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. پاڻ، اربع جي رات واريءَ راڳ جي جماعت ۾، سيد جان علي شاھ، علي احمد ملاح ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. درگاھ شاھ ڪريم کان علاوہ، ميلي دوران، درگاھ ڀٽ شاھ تي بہ وڃي ڳائيندو آھي. پاڻ، بُلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان جو رهاڪو آھي.

مصري فقير چانڊيو:

مصري فقير چانڊيو، شاھ لطيف جو راڳي ھو. شاھ ڪريم جي درگاھ تي، شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو ھو ۽ ڪجهہ وقت، راڳ جي اڳواڻي بہ ڪيائين. پاڻ، ڳوٺ ٻُري، لڳ جوڻا، تعلقي ٽنڊي محمد خان جو ويٺل ھو. پاڻ، درگاھ شاھ ڪريم تي طيب دل فقير کان راڳ جي سکيا ورتي ھئائين. درگاھ شاھڪريم تي پنھنجي ننڍي ڀاءُ، ڪريم ڏني سان گڏجي، شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو ھو، ٻئي ڀائر، درگاھ جا وڏي ھنر ۽ رَس وارا راڳي ٿي گذريا آھن. مصري فقير، درگاھ شاھ ڪريم تي، طيب دل جي اڳواڻيءَ ھيٺ ۽ حاجي غلام حيدر جت، پريي فقير سولنگيءَ سان گڏجي ڳايو. ان کان علاوہ ٻين شاھ لطيف جي فقيرن سان بہ گڏجي ڳائيندو ھو.

مير محمد فقير جمالي (جنم: 1951ع):

فقير مير محمد ولد ڪيھر فقير جمالي، 1951ع ڌاري، ڳوٺ گولو خان جمالي، لڳ بلڙي شاھ ڪريم ۾ ڄائو. ٻاويھ سالن جي عمر ۾ فقير علي بخش مگسيءَ کان راڳ جي سکيا ورتائين. پنجيتاليھ سالن کان، درگاھ شاھ ڪريم تي ڳائي ٿو. اڄڪلهہ (2018ع)، پنھنجي پٽ کي راڳ جي سکيا پڻ ڏيندو آھي تہ جيئن شاھ جو راڳ، ھن بعد سندس پٽ جاري رکي سگهي.

پاڻ، آچر رات (10 وڳي کان 1 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، داد فقير جمالي، پير ڏنو قمبراڻي، خدا بخش ٻرڙو ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي، پاڻ، سُر سامونڊي ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. فقير مير محمد، درگاھ شاھ ڪريم کان سواءِ، ھر سال درگاھ ڀٽ شاھ تي ميلي جي موقعي تي، 15 صفر جي رات واريءَ جماعت سان گڏ ڳائيندو آھي، ان کان سواءِ، خيرپور (ميرس) ۾، لونگ فقير جي ميلي تي پڻ شاھ جو راڳ ڳائيندو آھي. گذريل ويھن سالن کان سندس رهائش، ڳوٺ جعفر خان جمالي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ آھي.

واجد علي مگسي (جنم: 1982ع):

فقير واجد علي ولد امير بخش مگسيءَ جو جنم، 1982ع ڌاري، ڳوٺ بلڙي شاھ ڪريم ۾ ٿيو. ھن گهراڻي مان شاھ لطيف جا ڪيترائي راڳائي فقير ٿي گذريا آھن، جيڪي حال حيات آھن، سي نھايت عقيدت ۽ احترام سان درگاھ تي راڳ ڳائين ٿا. فقير واجد عليءَ کي راڳ ورثي ۾ مليو ۽ راڳ جي تربيت بہ سندس والد جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي. فقير واجد علي مگسي، 2005ع کان باقاعدہ راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي، ۽ گذريل تيرهن سالن کان، درگاھ شاھ ڪريم تي ڳائي ٿو. اڄڪلهہ (2018ع)، سومر رات راڳ واريءَ جماعت ۾، فقير امير بخش، فقير علي احمد ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. پاڻ، رسالي جي سُرن مان سُر سامونڊي ۽ سُر سهڻي ڳائڻ ۾ ماھر آھي. پاڻ ھر سال، درگاھ ڀٽ شاھ جي ميلي تي وڃي راڳ جي حاضري ڀريندو آھي، ۽ 15 صفر جي رات واريءَ جماعت سان گڏجي راڳ ڳائيندو آھي. ھن وقت سندس رهائش، بُلڙي شاھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آھي.