آگم ڪيو اچن...

سهڻيءَ جي مزار تي لطيفي راڳ ۽ راڳائي فقير

سهڻيءَ جي مزار تي لطيفي راڳ ۽ راڳائي فقير

سهڻيءَ جي مزار تي لطيفي راڳ:

سهڻي، سنڌ جي ھڪ مشھور لوڪ داستان ’سهڻي ميھار‘ جو ڪردار آھي. سهڻيءَ جي ڪردار کي شاھ لطيف، سورمي طور پنھنجي ڪلام ۾ ڳايو آھي. سهڻيءَ جي مزار شهدادپور شھر، ضلعي سانگهڙ ۾ آھي.

(وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو عنوان: ’شاھ لطيف جي رسالي جا ڪردار‘، ص: 309)

سهڻيءَ جي مزار تي راڳ جي شروعات جي حوالي سان مزار جي سنڀاليندڙ محمد علي خاصخيلي ٻڌايو تہ، سهڻيءَ جي مزار تي لطيفي راڳ جي شروعات 1986ع ۾ بچل فقير ٻرڙي، سوڍي فقير، عيسي فقير ۽ محمد فقير ڪئي. 1986ع کان وٺي 2007ع تائين سهڻيءَ جي مزار تي ھر جمعي رات راڳ ٿيندو ھو، پر 2007ع کان پوءِ ھر نئين چنڊ جي جمعي رات تي ٿيندو آھي، جيڪو ھن وقت تائين ھلندڙ آھي. اڄڪلهہ چار فقير مستقل راڳ ڳائين ٿا، جڏهن تہ ڪڏهن ڪڏهن جواڻ فقير پڻ گڏ ڳائيندو آھي.

سهڻيءَ جي مزار تي راڳائي فقير

سهڻيءَ جي مزار تي ھيٺيان راڳي راڳ ڳائين ٿا:

فقير مختيار علي سنديلو

فقير امام بخش ڀنگوار

فقير قائم علي لنجواڻي

فقير ناظم علي لنجواڻي

نوٽ: مٿيان ڄاڻايل فقير درگاھ شاھ لطيف تي بہ راڳ ڳائيندا آھن، تنھن ڪري سندن پيرائتي احوال لاءِ ڏسو درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳائي فقير.